بلاگنئون

بجلي بند واري عتاب سبب ذهني پريشانين ۾ مبتلا سنڌ واسي

سنڌ صوبي جي سمورين وسندين ۾ گرميءَ جي موجوده سخت لھر سبب عوام خاص طور مزدور محنت ڪندڙ، ھاري ناري، ٺيلھن, ڪئبينن، ڀاڄين، ھوٽلن وارا عام دڪاندار ۽ آفيسن جا ملازم مطلب ھر طبقو ھنن گرمين کي عذاب قرار ڏيڻ لڳو آھي، جتي پن به نٿو لڏي اھڙي گرمي مان گذري رھيا آھيون. برساتن جا ڪٿي ڪٿي سلسلا شروع ٿيا آھن پوءِ به گرمي جو زور ڏينھون ڏينهن وڌندو محسوس ٿئي ٿو. ھن وقت ٻه مسئلا خاص طور ڳالھ ٻولھ، ڪچهرين گڏجاڻين ۽ سلام دعائن ۾ بحث ھيٺ ڏسجن ٿا جن ۾ هڪ عجيب قسم جي گرمي پد به عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي، ٻيو بجلي بند جا مامرا پيش اچن ته پوءِ عوام ڪيئن سک جو ساھ کڻي. ھنن گرمين دوران جيڪڏھن بجلي بند رھي، ڪٿي ڪا خرابي ڄاڻائي بجلي بند ڪئي وڃي، ڪٿي اوچتو گهڻي لوڊ سبب بجلي جا ٽرانسفارمر ڌماڪي سان بند ٿيڻ لڳن، ڪٿي ھلندڙ سرڪاري لوڊشيڊنگ جا مقرر وقت ھجن جن ۾ به غير سرڪاري واڌارو ڪيو وڃي. انھن سمورن معاملن ۾ بجلي جون ڪمپنيون مثال طور: حيسڪو، سيپڪو ذميوار قرار ڏنيون وڃن ٿيون. ڀلي ڪٿي ٽيڪنڪي خرابيون پيدا ٿينديون ھجن، پر ھن کاتي جنھن کي عام جام ماڻهو اڄ به “واپڊا” سڏين ٿا تنھن کي ڏوھي قرار ڏنو وڃي ٿو. ڇو جو ھن کاتي پنهنجي ساک کي پاڻ نقصان رسائڻ سان گڏ پاڻ کي بدنام ڪرڻ ۾ پاڻ ڪردار ادا ڪيو آھي. واپڊا کاتي جي پنهنجي اھميت ۽ حيثيت رھي سندس ڪيترن ملازمن جو اداري توڙي صارفين وچ ۾ ھڪ خاص ذميواراڻو ڪردار رھيو، پر چند ڪارين داغدار مڇين سموري پاڪ تلاءُ کي ڌپ وارو ڪندي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
ھن دور ۾ بجلي بند ۽ واڌو لوڊشيڊنگ سميت بجلي جي ناجائز بلن واري شڪايتن به عوام کي پريشانين ۾ ويتر مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. اھڙيءَ ريت عوام کي بجلي جي حوالي سان ڪيترا ڏک درد مايوسيون ڪاوڙون ۽ شڪايتون رھڻ لڳيون آھن. ڇو جو ھن کاتي جي باري ۾ عام مشھور آھي ته سندس عملي (ڪيترن آفيسرن ۽ اسٽاف) پنھنجن صارفين جو خيال رکڻ طرف ڪڏھن به ڌيان ڏيڻ مناسب نه سمجهندي سندن پريشانين کي حل ڪرڻ لاءِ مدد ۽ رھنمائي نٿا ڪن. ھن معاملي ۾ جيڪڏھن ڪٿي ڪا لائين يا ٽرانسفارمر جي خرابي ٿئي ٿي ته کين فون ڪرڻ تي اڪثر فون نٿا کڻن، پر جيڪڏهن فون کنيو وڃي ٿو ته ڳالھ ٻڌڻ پسند ئي نٿي ڪئي وڃي، جيڪر خوش قسمتي ڪنھن چڱي ملازم فون تي شڪايت ٻڌي ته پوءِ مرمت ڪندڙ عملو تڪڙو نٿو پھچي. ٽرانسفارمر جي ڦاٽڻ وارو مسئلو ته اڃان به ڳنڀير ھوندو آھي، ويٺا انتظار ڪريو. انھن بجلي بند وارن مسئلن سبب معصوم ٻارڙا، بزرگ مريض، شاگرد طبقو، عام دڪاندار، درزي، واڍا، کير وڪرو ڪرڻ وارا، اسپتالون، ليبارٽريون، آفيسون، ھوٽلون، مشينون جن تي اوزارن جا ڪم ٿين ٿا، پاڻي سپلاءِ ڪرڻ جون موٽرون، اسڪول، ٽيوشن سينٽر، مدرسا، مسجدون نمازي، ھنري مرڪز، شوروم، اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ، بيوٽي پارلر، بينڪون مطلب انسان سان سلھاڙيل جملي واسطيداريون بجلي جي شديد ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ کول بند جو شڪار ٿيندي عتاب ۾ ڏسجن ٿا جنھن ڪري وڌ کان وڌ احتجاج بجلي کاتي وارن جي خلاف ٿيڻ روز جو معمول بڻجندو وڃي. جنهن ڪري ھنگامي سطح تي بجلي کاتي جي ڪمپنين ۾ انتظاميا ۽ ٽيڪنڪي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آھي.
ڇو جو اڄ به سندن نظام ساڳيو پنجاھ سال وارو ڏسڻ ۾ ايندو. دنيا جا ايستائين جو پاڪستان جي گھڻن ادارن ۾ تبديلي اچي چڪي آھي، پر سفيد ھاٿي طور مشھور واپڊا بجلي کاتو (ھاڻ ان جون جدا جدا ڪيل ڪمپنيون) ساڳي رمز ۾ ٻلي پير پيو ھلي، عملي لاءِ ٽول جي ڪمي، اسڪل پرسن ملازم ڀرتي نه ڪرڻ، ڪرنٽ کان بچاءُ جي خاص وردي، گاڏيون نه ھجڻ ٽريننگ جو سلسلو جاري نه ڪرڻ سان کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي ڪاپاري ڌڪ سان گڏ بدنامي جا رڪارڊ قائم ٿيڻ لڳا آھن. جنھنڪري عوام ۾ ھن کاتي جي ڪارڪردگيءَ سبب سخت مايوسي ڏسجي ٿي جنھن جو اوس خاص ڪري وفاقي حڪومت ۽ عام طور سنڌ سرڪار کي جوڳا قدم کڻي جدت واريون تيز رفتار بھتريون آڻي صارفين کي سھولتون ڏنيون وڃن. جڏھن ته موتمار بلن مان ٽيڪس توڙي ناجائز فڪس چارجز وغيره جو خاتمو ڪرڻ جي ضرورت آھي جن تي عوام ڪاوڙيل ڏسجي ٿي، ان ڪري بجلي بل نه ڏيڻ ۽ چوري ڪرڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳا آھن. جيڪڏھن ڪي سڌارا ڪيا ويندا ته پوءِ ٿي سگھي ٿو انھن سڌارن سان هيڏي وڏي اربين رپيا آمدني واري کاتي جي ساک بھتر ٿيڻ سان صارفين جو اعتماد بحال ڪرڻ جون اميدون بحال ٿي سگھن ٿيون.