ايڊيٽوريل

اسرائيل هٿان حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه تهران ۾ قتل

31 جولاءِ 2024ع تي تهران ۾ اسرائيل اسماعيل هانيه کي جيڪو اتي نئين چونڊيل صدر مسعود پيزشڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو ان کي ميزائل حملي سان شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل جي دهشتگردي هاڻي ڪنهن به ملڪ کان لڪل ناهي رهي جو هن 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي حملي کانپوءِ مسلسل غزا تي حملا ڪري 92 هزار کان وڌيڪ بيگناهه مردن، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪري چڪو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ موجود زنده ماڻهو پڻ مئلن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سندس دهشتگردي جي انتها اها آهي جو هاڻي هو اها جنگ غزا ۽ اسرائيل جي حدن کان ٻاهر ڪڍي ٻين اسلامي ملڪن تائين پهچي چڪو آهي.
هن جي تازي دهشتگرد ڪارروائي ۾ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ تنظيم حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه کي ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ ميزائل جو حملو ڪري ماريو ويو آهي. اهو سلسلو ان وقت کان شروع ٿيو آهي جڏهن کان اسرائيل هڪ غير قانوني رياست طور وجود ۾ آيو آهي، يعني 1948ع کان هلندو رهيو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. اسرائيل جي انهن حملن جي پوري دنيا جي ملڪن سواءِ آمريڪا بهادر جي پرزور مذمت ڪئي آهي. اقوام متحده ۾ ڪيتريون ئي قراردادون آنديون ويون آهن ته اها جنگ هڪدم بند ٿيڻ گهرجي، جن قراردادن کي آمريڪا ويٽو ڪندو رهيو آهي، پر پوءِ نيٺ مجبور ٿي آمريڪا به انهن قراردادن جي حمايت ڪئي آهي ته جنگ جيڪا اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ شروع ٿي آهي ان کي بند ٿيڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اها هڪطرفي جنگ آهي جنهن ۾ صرف غزه ۾ رهندڙ معصوم ماڻهو روز مري رهيا آهن. عالمي عدالت پڻ فيصلو ڏنو آهي ته اسرائيل جنگي جنون ڪري معصوم شهرين کي ماري رهيو آهي، پر اسرائيل جي پٺيان اصل طاقت آمريڪا بهادر جي آهي. جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ ننڍو ملڪ جنهن جي آدمشماري لکن ۾ آهي، جنهن ملڪ جي اندر خود يهودي ساڃاهه وند پڻ اهڙين ڪارروائين جي ملڪ اندر مخالفتون ڪندي نظر اچي رهيا آهن، پر ان منجهان امن جو رستو نڪرڻ مشڪل نظر اچي ٿو. هڪ سبب اهو به آهي ته اسلحي جا واپاري گهڻي پئماني تي بنياد پرست يهودي آهن جيڪي اسلحو ٺاهي ان کي استعمال ڪري منافعو ڪمائين ٿا ۽ انهن جي سمجهه مطابق مسلمان معصوم شهري سندن دشمن آهن، انهن تي بمن جون بارشون ڪري انهن جون جانيون وٺن ٿا، جيڪو سلسلو 80 سال کان جيئن جو تيئن جاري آهي، پر هن وقت جي اسرائيلي وزيراعظم کي جيڪڏهن اهڙن پاڳلن جو ۽ دهشتگردن جو سربراهه چئجي ته مناسب ٿيندو، جيڪو انهيءَ جنگ کي پوري خطي ۾ وڌائڻ چاهي ٿو. هن خود مختيار ملڪ جي اندر ڪارروائي ڪري اسماعيل هانيه جي قتل کي سبب بڻائي پوري علائقي ۾ جنگ جا بادل گهرا ٿي وڃن. ڏٺو ويو آهي ته آمريڪي حڪومت کي دنيا ۾ امن امان جي بهتر صورتحال هميشه تڪليف ڏني آهي. ان ڪري هو جنگين کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ جنگين کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، سبب وري اهو ئي آهي ته آمريڪا ۾ ٺهندڙ هٿيارن جو وڪرو جنگ جي ذريعي ٿي سگهي ٿو. يوڪرين جي جنگ هجي، غزا تي اسرائيل جو حملو هجي، آمريڪا نٿو چاهي ته اهي جنگيون ختم ٿين. هن خطي ۾ چين ڪوشش ڪري رهيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي، پر ان جي ڪوششن کي پڻ اهڙي قسم جي حملن کانپوءِ ڪيتري پذيرائي ملندي اهو هڪ وڏو سوال آهي.
سوال ته عرب دنيا تي به اٿي ٿو ته اها فلسطين جي مسلمانن تي جيڪي عرب نسل جا آهن ٿيندڙ ظلم نظر نٿو اچي. سوال ته پوري دنيا ۾ موجود مسلمان ملڪن تي پڻ اٿي ٿو، جيڪي آدمشماري وسيلن ۽ جاگرافيائي حيثيت ۾ اسرائيل کان سوين ڀيرا وڌيڪ بهتر پوزيشن ۾ آهن. چائنا جو پڻ انهن سان رويو بهتر هجڻ جي باوجود اسرائيل جي دهشتگرد ڪارروائين کي روڪڻ ۾ ناڪام آهن يا ايئن چئون ته مجبور آهن. ڇو ته مسلمان ملڪن ۾ موجود حڪومتن کي خوف آهي ته جيڪڏهن هو واضح نموني سان اسرائيل جي خلاف ٿيا ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اهي آمريڪا بهادر جي خلاف آهن آمريڪا بهادر سندن حڪومت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو. يورپ جي ملڪن ۾ پڻ اسرائيل جي انهن دهشتگرد ڪارروائين خلاف نفرت موجود آهي، اتي جا ماڻهو وڏا وڏا پر امن احتجاج ڪري ان نفرت جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن، پر جڏهن آمريڪا جي اندر يونيورسٽي جا شاگرد پرامن احتجاج ڪن ٿا ته آمريڪا حڪومت انهن مٿان تشدد ڪري ٿي ان وقت کيس انساني حق ياد نٿا اچن. هاڻي عرب ملڪن کي، مسلمان ملڪن کي هڪ طرف ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسرائيلي ڪارروائين سبب هي پورو خطو هڪ ٻي جنگ جي ڀڙڪندڙ شعلن جو کاڄ بڻجي ويندو.