سورهين صدي عيسوي ۾ سلطنتِ عثمانيه جي شروعاتي دورن ۾ صدين تائين سلطنت جي انظامن تي مردن جو غلبو رھندو آيو، سلطان سليمان جي دور ۾ پھريون ڀيرو ھڪ يورپين عورت نه رڳو سلطان، پر پوري سلطنت جي حڪمران بڻجي وئي، ان جو نالو حريم سلطان ھو، جنھن کي حرم سلطان به چيو ويندو ھو. حريم 1505ع ۾ يوڪرين ۾ جنم ورتو، جنھن جو اصل ۽ شروعاتي نالو روڪسانه ھو. تاتارين حملي وقت ھن کي ٻانھي بڻائي رکيو. ھوءَ بطور ٻانھي وڪرو ۽ خريد ٿيندي آخرڪار سلطنتِ عثمانيه حرم ۾ ھڪ ڪنيز طور داخل ٿي. سلطان سليمان ان وقت ھڪ صوبي مانسيا جو گورنر ھو، روڪسانه شوخ، چنچل ۽ نخريلي طبيعت جي مالڪ ڪنيز ھئي، جنھن ڪري ھن کي حُرم جو لقب مليو جنھن جو مفھوم آھي، خوش مزاج عورت.
1521ع ۾ جڏھن ھوءَ صرف 16 سالن جي ھئي ھن کي سلطان سليمان مان ھڪ پُٽ جو اولاد پيدا ٿيو، ان طرح حُرم سلطنتِ عثمانيه جي ٽيون نمبر طاقتور عورت بڻجي اُڀري. سلطنتِ عثمانيه جي حَرم جي صدين کان قائم دستور مطابق ھڪڙي ڪنيز صرف ھڪ ٻار کي جنم ڏئي سگھي ٿي، مگر حُرم اھو قديم دستور ٽوڙيندي 4 سالن ۾ 4 وڌيڪ ٻار پيدا ڪيا جن ۾ وڌيڪ 4 پُٽ ھئا. اھڙي صورتحال کان پوءِ سلطان سليمان پنھنجي زال ماھي دوران ۽ ٻين ڪنيزن جي مقابلي ۾ صرف حُرم طرف توجهه ڏيڻ لڳو، ان ڪري ماھي دوران ۽ حُرم سان شديد فطري حسد ۾ مبتلا ٿي، جنھن سان ٻنھي وچ ۾ ھڪ سرد جنگ شروع ٿي، ان جي نتيجي ۾ انھن ھڪٻئي تي موت مار حملا به ڪرايا.
1533ع ۾ ماھي دوران جو پُٽ مصطفيٰ سلطنت جو وارث قرار ڏنو ويو، جنھن جي ھڪ سال کانپوءِ سلطان سليمان جي والده حفظه جيڪا سڀني کان وڌيڪ طاقتور عورت تصور ٿيندي ھئي وفات ڪري وئي. جنھن ڪري حالتون حُرم جي حق ۾ نه رھيون. حُرم جي باري ۾ مشھور ھو ته ھوءَ جادوگرياڻي به ھئي، جادو يا محبت جي سھاري سان ھن سلطان سليمان کي اھڙو ڦاسايو جو سلطان سليمان ان سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي ويو. ان طرح عثمانيه سلطنت جي محل جي اھا قديم روايت به ٽٽي جنھن ۾ سلطان طرفان ڪنھن ڪنيز سان شادي تي پابندي ھئي. سليمان حُرم سان باقاعده نڪاح کانپوءِ ان جي چال ۾ وڌيڪ ايترو ڦاٿو جو ھن پنھنجي زال سميت ڪنيزن سان رات وارا تعلق ختم ڪري ڇڏيا. ان حد تائين جو سلطان سليمان حُرم کانسواءِ ڪابه رات ۾ اڪيلو رھي نٿي سگھيو، ھو حُرم جي عشق ۾ ان تي شاعري به ڪرڻ لڳو، حَرم سراءِ جنھن کي پراڻو محل به چوندا ھئا ان ۾ اچانڪ باھ لڳي وئي، تاريخ نويسن موجب اھا باھ خود حُرم سلطان ڏياري ھئي ته جيئن ھوءَ سرڪاري ڪم ڪارن واري محل ۾ سلطان سان اتي به وڃي ان سان رھي سگھي. ڊگھي پراڻي دور کان اھو قاعدو ھو ته ڪابه عورت حڪومتي ڪاروھنوارن واري عمارت ۾ داخل نٿي ٿي سگھي. حُرم سلطان سان سليمان جي عشق سبب اھو قاعدو به پاش پاش ٿي ويو، ھوءَ تاريخ جي پھرين عورت ھئي جيڪا سلطان سليمان سان سرڪاري محل ۾ رھڻ لڳي. ان طرح حُرم سلطان سليمان تي اڃان به وڌيڪ حاوي ٿي وئي. اھڙو وقت به آيو جو حُرم سلطان سليمان کي سياسي معاملن ۾ مشورا به ڏيڻ لڳي، ان کان پھرين اھڙي ڪابه روايت نه ھئي ته ڪا عورت ڪنھن سلطان کي سياسي معاملن ۾ ڪو مشورو ڏيندي ھجي. ان کانپوءِ ان دور جي شروعات ٿي جنھن کي تاريخ ۾ عورتن جي حڪمراني جو دور قرار ڏنو ويو آھي. سلطان سليمان جي پھرين زال ماھي دوران جو پُٽ مصطفيٰ جيڪو سليمان جي اقتدار جو پھريون وارث قرار ڏنل ھو، ان صورتحال ۾ حُرم لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ھو. ترڪن ۾ اھا به روايت به قديم ھئي ته سلطان تخت نشيني کانپوءِ پنھنجن باقي ڀائرن کي ان ڪري قتل ڪرائي ڇڏيندو ھو ته جيئن سندس اقتدار کي ڪو لوڏو نه اچي، اھڙي حالت ۾ حُرم کي پنھنجو ۽ پنھنجن 4 پٽن جو مستقبل تاريڪ نظر اچڻ لڳو ھو، ان ڪري ھن مصطفيٰ کي رستي تان ھٽائڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي ھئي. جڏھن ته ان سازش ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بادشاھ ۽ ان جي خاندان جو وفادار وزيرِاعظم جي عھدي تي فائز پاشا ھو، جيڪو ان وقت جي عالمي سطح جي سپر پاور سلطنتِ عثمانيه جو ٻيو نمبر وڏو طاقتور ڪردار ھو. حُرم سلطان پنھنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ھن سلطان سليمان جا ڪن ڀري وزيراعظم پاشا بابت شڪ پيدا ڪري ان کي قتل ڪرايو ۽ پنھنجي ناٺي رستم پاشا کي وزيراعظم جو عھدو ڏيارايو. رستم پاشا ھڪ طرف حُرم جي منصوبي تي ڪم ڪندي سلطان سليمان کي شھزادي مصطفيٰ خلاف ڀڙڪايو ته ٻئي طرف مصطفيٰ کي پيءُ کان مختلف طريقن سان پري رکڻ جي ڪوشش به ڪئي ته جيئن انھن ۾ رابطو نه رھي. شھزادو مصطفيٰ پيءُ سان وفادار، ان جو فرمانبردار ھو ۽ سلطان سليمان به ان کي ڀائيندو ھو، مگر ھُو حُرم ۽ رستم جي چڪر ۾ اچي ويو.
جڏھن 1553ع ۾ سلطان سليمان ايران تي حملو ڪيو ۽ مصطفيٰ پيءُ جي مدد لاءِ ان جي پويان نڪتو تڏھن سازش ڪري سلطان سليمان کي غلط ٻڌايو ويو ته ھن جو پُٽ ھِن کي مارڻ لاءِ نڪتو آھي، جنھن تي سلطان سليمان پُٽ کي رستي ۾ ئي قتل ڪرائي ڇڏيو، ان طرح ھڪ عورت جي ڪامياب سازشن جي نتيجي ۾ ان الميي جنم ورتو، جيڪو الميو سلطنتِ عثمانيه جي زوال جو سبب بڻيو. تاريخدان ان ڳالھ تي اتفاق ڪن ٿا ته وزيراعظم پاشا سازش سان قتل نه ٿئي ھا ۽ مصطفيٰ پيءُ جي وفات کانپوءِ سلطان بڻجي ھا ته ھي طاقتور اسلامي سلطنت پوري دنيا تي حاوي رھي چڪي ھجي ھا، مگر نتيجو اھو نڪتو جو حُرم سلطان جا 2 پُٽ پنھنجي موت پاڻ مري ويا ۽ باقي 2 اقتدار تان پاڻ ۾ وڙھي پيا جن جي وچ ۾ جاري جنگ 8 سالن تائين ھلندي رھي، جنھن جنگ کي نه سلطان سليمان پوڙهائپ ۾ روڪي سگھيو ۽ نه ئي حُرم سلطان روڪي سگھي. ان طرح سلطنتِ عثمانيه جيڪا ان وقت مسلمانن جي طاقتور ترين سلطنت ھئي، جنھن کي وقت جون يورپ جو طاقتور ڌريون به ختم نه ڪري سگھيون ھيون، کي يورپ جي ھڪ اھڙي عورت ھٿان سازشن سان زوال نصيب ٿيو، جيڪا محل ۾ ھڪ ڪنيز جي حيثيت سان داخل ٿي ھئي.
(ترڪي جي ھن بادشاھي ڪھاڻي تي ترڪي زبان ۾ 300 کان وڌيڪ قسطن تي مشتمل ڊرامو به ٺھيو آھي، جيڪو اردو سميت دنيا جي ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي ھليو آھي. ان ڊرامي جي مرڪزي ڪھاڻي ھِن طرح مختصر ڪري بيان ڪئي وئي آھي، جيڪو به ھيءَ ڪھاڻي پڙھي ڊرامو ڏسندو ان کي سڄو ڊرامو مڪمل طور تي سمجھ ۾ ايندو ويندو).