بلاگنئون

ملڪ جي کنيل قرضن جي ري پروفائلنگ لاءِ وزيراعظم جي درخواست

جيئن ته وزيراعظم ميان شهباز شريف چين کي خط لکي قرضن جي ري پروفائلنگ جي درخواست ڪئي آهي. وزيراعظم پاڻ جمعي واري ڏينهن ٻڌايو ته هن چين جي حڪومت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ قرضن جي ٻيهر پروفائلنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جيئن بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ايندڙ مهيني 7 ارب ڊالرن جي اقتصادي بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري حاصل ڪري سگهي.
هن هفتي جي شروعات ۾ آيل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي هئي ته پاڪستان دوست ملڪن کان قرضن جي ٻيهر پرو فائلنگ جي درخواست ڪئي آهي، جن ۾ چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات شامل آهن. جيئن اهي قرض ري شيڊيول ٿي سگهن ۽ پاڪستان انهن قرضن ۾ ڊيفالٽ نه ڪري. چين کي قرضن جي ري پروفائلنگ واري ڳالهه وزيراعظم خود ڪئي آهي. سڄي دنيا جا ملڪ هڪٻئي کان ۽ عالمي مالياتي ادارن کان قرض جي ڏي وٺ ڪندا آهن، اها ڳالهه نه نئين آهي ۽ نه حيرت جوڳي آهي، اهو دنيا جو معاشي وهنوار آهي، پر اسين هتي اها ڳالهه ٿا ڪريون ته اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ ايترا وڏا قرض ڇو آهن. نه صرف ٻاهريان قرض آهن جيڪي اسان ورتا آهن ۽ اسان کي ادا ڪرڻا آهن، پر انهيءَ کانسواءِ داخلي قرض به آهن جيڪي حڪومت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ تجارتي بينڪن مان کڻندي رهي آهي. پاڪستان تي قرض جو بار لڳي ٿو ته ان جي ادائگي جي طاقت کان وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي. هتي ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان تي قرضن جو بار وڌڻ سان ملڪ جي واجب الادا قرضن جو جيڪو مقدار آهي ان مان لڳي ٿو ته پاڪستان جي قرض واپس ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. هن صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن پهريان پنج سال پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ ٻيا پنج سال مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي. اسين 2008ع کان 2018ع تائين حڪمران جمهوري حڪومتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. تڏهن هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو اسان بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي الوداع چيو ۽ اسان جي معاشي ۽ مالي حيثيت انهن سالن ۾ بهتر ٿي وئي ۽ اسان کي تڏهن ڪنهن به نموني جي قرض لاءِ اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ جي ضرورت نه هئي. پاڪستان جي وزارت خزانا جو اهو بيان سوچ جي دعوت ڏئي ٿو ته اسان جو غير ملڪي قرض اسان جي جي ڊي پي جو 87 سيڪڙو ٺهي ٿو. اها ڳالهه ڪرڻي پوي ٿي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پهرين ٻن سالن ۾ قرض 36 هزار ارب رپين کان مٿي ٿي چڪو هو. اسان وٽ قرض ڇو وڌيو آهي، تنهن جو ماهرين ٻه سبب قرار ڏنا، هڪڙو ڊالر جي قيمت ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ وياج جي شرح جو بلند سطح تي رهڻ آهي. اسين موجوده حڪومت کي ۽ ان جي وزارت خزانا کي ايترو ضرور چونداسين ته اهي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪن ۽ سرڪار پنهنجا خرچ گهٽائي ۽ غير ترقياتي خرچ پکو گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن اسين کنيل قرض واپس ڪري سگهون. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مون چين کي خط لکيو آهي ته جيئن کنيل قرضن جي ٻيهر پروفائلنگ ٿي سگهي. ورلڊ بينڪ جي مطابق پروفائلنگ مان مراد ري فنانسنگ، قرض جا متبادل يا ٻيهر مذاڪرات جي ذريعي مستقبل ۾ قرض کنيل ملڪ جي ادائگين جي مجموعي شيڊيول ۾ تبديليون آهن. انهيءَ عمل جي اسان جي ملڪ کي ضرورت آهي ته جيئن اسين آءِ ايم ايف جو پئڪيج حاصل ڪري سگهون.
ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ملڪ هڪ ئي وقت گهڻن قرضن جيڪي اسان کي هاڻي ادا ڪرڻا آهن اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن مان جلد ئي جان ڇڏائڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي وزيراعظم کي ڏکي مالي صورتحال جي ڪري ئي خط لکڻو پيو هوندو. اسان کي يقين آهي ته اسان جي سڀني قرضن جي پروفائلنگ ٿي ويندي ۽ هن ئي مهيني ۾ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول ايگريمينٽ کي پنهنجي بورڊ کان منظور ڪرائي وٺندي، پر اسان جي حڪومت کي هڪ ڳالهه ضرورت سوچڻ گهرجي ته سادگيءَ سان، پنهنجا خرچ گهٽائي اسين ايندڙ سالن ۾ ملڪي توڙي بين الاقوامي قرضن کي منهن ڏيئي سگهون ٿا.