ايڊيٽوريل

سکر بئراج جو دروازو نمبر 47 درياءَ ۾ لڙهي ويو آهي

خبر آهي ته سکر بئراج جو دروازو نمبر 47 درياءَ ۾ لڙهي ويو آهي ۽ دروازي نمبر 44 کي نقصان پهتو آهي ۽ هاڻي اهو به ڪم جو نه رهيو آهي. انهن ٻنهي دروازن کي تبديل ڪرڻو آهي، ان جي ڪري سکر بئراج مان نڪرندڙ واهن ۾ پاڻي ڇڏڻ بند ڪيو ويو آهي ۽ سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو مڪمل طور تي هيٺانهين وهڪري طرف ڇڏيو ويو آهي.
واهن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب آبادگار سخت پريشان آهن پريشانيءَ کانسواءِ ڪري به ڇا ٿا سگهن! سکر بئراج جو مختصر تاريخي جائزو وٺون ته هي بئراج انگريز جي دور حڪومت ۾ 1923ع کان ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو. انگريز انجنيئر سر لائڊ جي نگرانيءَ ۾ ٺهڻ جي ڪري هن جو نالو لائڊ بئراج رکيو ويو هو، جنهن کي پوءِ سکر بئراج جي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو. هن بئراج مان 7 واهه نڪرن ٿا، چار کاٻي ڪپ طرف ۽ ٽي ساڄي ڪپ طرف. هن بئراج جي آبپاشي سسٽم تي 76 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڏيڍ لک ايڪڙ کان وڌيڪ بلوچستان صوبي جي زمين پڻ شامل آهي. آبپاشي نظام ۾ سکر بئراج دنيا جو وڏي ۾ وڏو اڪيلو سسٽم آهي. سنڌ جي زراعت ۾ هن جي حيثيت ڪرنگهي جي هڏي واري آهي. ظاهر آهي جيڪو بئراج 76 لک ايڪڙ زمين آباد ڪري اها به ان صوبي جي جنهن وٽ زراعت کان علاوه ٻيو ڪو خاص وسيلو موجود نه هجي ته پوءِ پورو صوبو انهيءَ بئراج تي انحصار ڪري ٿو. سکر بئراج جي مرمت تي هر سال اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، نتيجو اسان جي سامهون آهي ته بئراج تي موجود سارسنڀال واري عملي کي اها خبر ئي نه پئي آهي ته دروازي کي نقصان پئجي رهيو آهي خبر تڏهن پئي آهي جڏهن دروازو لڙهي ويو آهي. سرڪار جا عملدار سک جي ننڊ ستل آهن. بئراج تي چڪاس جو خاص انتظام موجود هوندو آهي. سکر بئراج جي هرهڪ دروازي جو وزن 50 ٽن آهي پوءِ اهو دروازو هڪدم ته لڙهي نه ويو هوندو، ان جو مطلب ته چڪاس ڪندڙ عملي جي غفلت آهي ۽ جيڪڏهن انهن اعليٰ آفيسرن کي اطلاع ڏنو آهي ته پوءِ يقينن ڪوتاهي اعليٰ آفيسرن طرفان ٿيندي نظر اچي ٿي. سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته انهيءَ واقعي جي اڻ ڌري انڪوائري ڪرائي وڃي. ٿي سگهي ته انگلينڊ مان به آبپاشي جا ماهر گهرايا وڃن. ڇو ته انگريزن کي پنهنجي ٺاهيل شين سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو آهي، انهن جا آفيسر اچي انڪوائري ڪندا ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. سنڌ سرڪار ته چوي ٿي ته وڻ ڦاسجڻ جي ڪري دروازو لڙهي ويو. سنڌ جي سرڪار سنڌ جي عوام سان هر ڏينهن اهڙي قسم جا مذاق ڪندي رهندي آهي. هن وقت سيڪريٽري آبپاشي نوٽيفڪيشن ڪڍيو آهي جنهن جي حڪم تحت 7 ئي واهه بند ڪيا ويا آهن. اهي دروازا ڪڏهن تبديل ٿيندا، اها ڳالهه عوام کي ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻڌائي ويندي. هن وقت ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، جيڪا پڻ ڏاڍائي محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته ميڊيا سر زمين تي وڃي رپورٽنگ ڪندي ته سرڪار ان جو ڪنهن حد تائين دٻاءُ محسوس ڪندي پنهنجا سڀئي وسيلا استعمال ڪري نه صرف اهي دروازا تبديل ڪندي، پر جيڪي ٻيا به ڪمزور دروازا آهن انهن کي پڻ تبديل ڪيو ويندو. هن وقت آبڪلاڻي جي موسم شروع ٿي چڪي آهي ۽ دريائن جي وهڪرن ۾ پڻ اضافو اچي رهيو آهي.
جيڪڏهن 46 هزار ڪيوسيڪ پاڻيءَ جي دٻاءُ تي ٻه دروازا تباهه ٿين ٿا پوءِ جڏهن هتان 12 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو گذر ٿيندو ته پوءِ دروازن جي حالت ڇا بيهندي اهو سوچي خوف ٿو اچي. بالا آفيسرن کي گذارش آهي ته اهڙن منصوبن ۾ جن تي پوري سنڌ جي معيشت جو انحصار آهي انهن ۾ ته مهرباني ڪري ڪميشنون نه وٺو، اوهان جي ڪميشن وٺڻ سان ٺيڪيدار ناقص ڪم ڪرائين ٿا، جنهن جو نتيجو اسان جي سامهون اچي ٿو. 76 لک ايڪڙ زمين جا هاري ۽ آبادگار تمام گهڻو پريشان آهن. هن وقت سارين جي فصل پوکڻ جي لاءِ ٻيجارو پوکيو ويو آهي، جنهن کي روز پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي. يقينن اهو ته سڙي ويندو، پر ڪمند ۽ ڦٽيءَ جي فصلن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳندو. سرڪار سڳوري چند ڏينهن جي اندر بئراج جي مرمت ڪري ۽ واهن کي پاڻي مهيا ڪري ته جيئن آبادگارن جي پوکيل فصلن جي نقصان ۾ گهٽتائي اچي سگهي.