رڙيون دانهون ڪوڪون، آزيون ايلاز واڪا، ٽُٽيءَ کي ٽاڪا، سنهيءَ سُئيءَ سبو ميان.
اسان سنڌي ڪڏهن سڌرنداسون، اسان سنڌين ۾ شعور ڪڏهن ايندو يا جيڪي فرد ايئن چوندا آهن ته سنڌي جاهل آهن ڇا واقعي به اهي سچ ٿا چون يا بس مڙوئي زبان مان لفظ ڪڍي ٻاهر ڦٽي ٿا ڪن پر جيڪي سنڌين کي جاهل ٿا چون ته لازمي اهي به ايئن سوچي سمجهي سروي ڪري اسان جا افعال ۽ پرڪار ڏسي بعد ۾ ئي ايئن چوندا هوندا ڇو ته هرو ڀرو به ڪير ڪنهن تي ايئن اجائي تنقيد يا اجائي لفظي حملا سو به قومي سطح تي ناهي ڪندو. اسان سنڌين سان جڏهن پنجاب ڪنهن به قسم جي ڪا زيادتي ڪندو آهي ته اسان کيس سامراج چوندا آهيون ايئن ٻين کي به اسان نٿا روڪي سگهون ته هو اسان کي جاهل نه چون، پر جي اسان پاڻ پنهنجي گريبان ۾ ليئو پائي ڏسڻ بعد سوچينداسين ته اسان پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي جاهل چوڻ شروع ڪنداسين. ڇو ته اسان منجھ شعور ناهي، ڪو عقل ناهي، جي شعور ۽ عقل هجي ها ته هوند هن وقت سنڌ جا مالڪ هجون ها ۽ ڪوبه اسان جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قابض نه هجي ها ۽ نه وري ڌاريون لوڌون هتي اچي آباد ڪري اسان کي ڌاريو چون ها، پر افسوس جو اسان اڄ به رڙيون ڪري وري بي فڪريءَ سان سڪون جي ننڊ ڪندڙ قوم آهيون ۽ اهڙين قومن کي تاريخ جاهل ئي نه پر غلام قوم سان پڻ ياد ڪندي آهي .
مٿي لکيل ٽڪري تي اڪثر دوست تنقيدي راءِ ڏيندي چوندا ته شاهه جي رسالي ۽ شاهه جي تصوير سان مٿين حصي جو ڪهڙو واسطو، پر مون اهو ان ڪري لکيو آهي ته جيئن دوستن کي آسانيءَ سان سمجهائي سگهان، پر بس شل ڪو سمجهي، سمجھ تان ياد آيو ته مان وقت بوقت تحريرن ۾ يا ادب دوستن سان ڪچهرين منجھ اها ڳالھ ضرور ڪندو آهيان ته ڀٽ جي ڀٽائيءَ کي متضاد بڻائي ايندڙ نسل آڏو پيش نه ڪريو، بلڪه لطيف سرڪار جي شاعري ۽ تصوير کي تضاد جي تارازي کان پري رکي قوم آڏو پيش ڪريو ۽ مونجهارا ختم ڪريو .
لطيف سرڪار جي شاعري جي مختلف پهلوئن تي هيل تائين نه ڄاڻ ڪيترو ئي ڪم ٿي چڪو آهي ۽ تحقيق پوءِ به هلي رهي آهي، هر لکندڙ پنهنجي سوچ، ڏات ۽ شعور تحت لطيف سرڪار بابت لکي پيو. ڇو ته لطيف اهو سمنڊ آهي جنهن جي گهرائيءَ ۾ پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. هن وقت به مارڪيٽ ۾ شاهه جا رسالا مختلف سهيڙيندڙن جي نالن سان پيا آهن جيڪي مهانگي هجڻ سان گڏ هڪ قسم جي مونجهاري ۽ پريشاني جو سبب بڻجن ٿا ته جيڪڏهن شاهه جو رسالو خريد ڪجي ته ڪنهن جو ترتيب ڏنل خريد ڪجي. ڇو ته هيل تائين مون ڪافي دوستن وٽان مختلف ۽ متضاد رايا ٻڌا اٿم ته فلاڻي جو لکيل نه وٺجي، فلاڻي جو لکيل وٺجي، هي بهتر ناهي، هو بهتر آهي. مطلب ته هڪ شاهه لطيف جو رسالو هيل تائين هڪ نه ٿي سگهيو آهي، ڪنهن ۾ سر ڪيڏارو ناهي ته وري ڪنهن ۾ سر بلاول ناهي، بس جنهن جنهن به شاهه جو رسالو پنهنجي نالي جي ناماچاريءَ خاطر ترتيب ڏنو آهي تنهن تنهن اهو رسالو گهٽ وڌائيءَ تحت ئي لکيو آهي جيڪو عمل سچ ته ڏاڍو اذيتناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، پر مذمت کان بهتر ته مزاحمت وارو عمل آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جن شخصيتن شاهه جي شاعريءَ جا ايترا رسالا مارڪيٽ ۾ آندا آهن، انهن کي شاهه جي شاعري سان عقيدت گهٽ، پر پنهنجي نالي جي مشهوريءَ جي بک هئي، ڪيترو نه بهتر ٿئي ها جي سڀ اڪابر، عامل، فاضل، ڏاها، دانشور، پارکو وغيره گڏ ويهي ڪري مڪمل تحقيق بعد هڪ ئي رسالو آڻي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ رکن ها، پر شايد هو انا کي بنياد بڻائي ايئن نه ڪري سگهيا. ڇو ته اسان سنڌين ۾ اها خامي رهي آهي ته اسان پاڻ کي وڏو سمجهي ۽ ننڍو ٿي ڪري ڪم ڪرڻ کي پنهنجي بيعزتي سمجهندا آهيون، تڏهن ئي ته اسان کي هرڪو جاهل چوندو آهي .
شاهه لطيف سان ايشيا جا ئي نه پر دنيا جا ماڻهو پيار، محبت، عشق ۽ عقيدت ڪن ٿا. ڇو ته لطيف رڳو هند سنڌ جو شاعر ڪونهي ڪو، پر لطيف شاعرن جو سرتاج مطلب ته بين الاقوامي سطح تي سڀني شاعرن کان مٿانهون درجو رکي ٿو. لطيف جو پيغام عالمي امن جو پيغام آهي، لطيف سان اهڙي ئي عقيدت کي نظر ۾ رکندي هيل تائين ڪيترن ئي مجسما سازن ۽ پينٽرن لطيف سرڪار جون خيالي تصويرون ٺاهي مزار تي ئي نه، پر مختلف ڪتابن ۽ سوشل ميڊيا رستي ڏيھ پرڏيھ ۾ متعارف ڪرايون آهن. جيئن ڪجھ عرصو اڳ آرٽيفيشل انٽيليجنس وسيلي موهن جي دڙي ۽ ٻين شهرن جي ماضي کي تصويرن جي شڪل ۾ آڻي اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اڳ انهن شهرن جا گهر، گهٽيون ۽ رستا ڪيئن هئا يا اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڪيئن هئي. مڃجي ٿو ته اهو هڪ سٺو عمل آهي جنهن سان ڪنهن حد تائين اتفاق به نٿو ڪري سگهجي ته وري ڪنهن جي سوچ سان تضاد/اختلاف به رکي سگهجي ٿو. اتفاق ان ڪري ته تصوراتي ئي پر نئين نسل کي ماضي کان متعارف ڪرائڻ جي سٺي ڪوشش ۽ ڪاوش آهي. جڏهن ته تضاد ان ڪري جو انهن ۾ ڪافي خاميون آهن ۽ ٻيو ته اسان انهيءَ ماضيءَ کي حال ۾ بچائي ناهيون سگهيا بلڪه ويتر ئي تباهه ڪيو آهي .
انهيءَ ڪري هن مختصر تحرير جي مناسبت سان سڀني کي اها وينتي ڪندس ته شاهه جو گنج يا رسالو ۽ پورٽريٽ هڪ ۽ سرڪاري سطح تي منظوريءَ بعد تيار ڪيو وڃي ته جيئن اهو مونجهارو ۽ تضاد ختم ٿي سگهي. نه ته ٻي صورت ۾ اڳتي هلي ڪري اهي تضاد ۽ مونجهارا ويتر ڳنڀير ٿيندا ويندا، سو هڪ سنڌ، هڪ قوم، هڪ ٻولي، هڪ رسالو ۽ هڪ تصوير هجڻ گهرجي.