وزيراعظم ميان شهباز شريف قومي يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي تمام اهم ڳالهيون ڪيون آهن، جن جو ملڪي ۽ بين الاقوامي معاملن سان سڌو تعلق آهي. هو جڏهن نوجوانن سان ڳالهائي رهيو هو ته هن ڄڻ پنهنجي حڪومت جي پاليسيءَ کي واضح ڪيو.
جڏهن هن اهو چيو ته آئون پاڪستان جو خادم آهيان ۽ فوج جي سپهه سالار سان گڏجي هڪ جان ٻه قالب ٿي خدمت ڪري رهيو آهيان. اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن موجوده حڪومت جي متعلق اهي ڳالهيون پئي ٿيون ته شهباز سرڪار جو حڪومت مان وڃڻ طئي ٿي چڪو آهي. ملڪي سياستدان، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڄڻ ڪامياب ٿي رهيا هئا، پر هاڻ ته لڳي ٿو ته هيءَ حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم جڏهن پاڪستان جي دفاعي اداري ۽ سندس حڪومت جي هم آهنگي جي ڳالهه ڪئي آهي ته انهيءَ مان ان جو يقين ظاهر ٿي رهيو آهي ته ميان شهباز جي سرڪار ڪيڏانهن به نه وڃي رهي آهي. جيئن ته هو پاڪستان جو ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿيو آهي تڏهن لڳي ٿو ته هن جو اقتصادي ۽ مالي ترقيءَ جو پروگرام اڳتي وڌندڙ آهي ۽ ملڪ معاشي ٻاڙائي مان ٻاهر نڪري آيو آهي، پر هتي اسين سندس تازو بيان، جيڪو هن نوجوانن کي خطاب ڪندي چيو آهي، انهيءَ جي موجوده حالتن ۾ وڏي اهميت آهي، جو هن ملڪ جي دفاعي اداري ۽ سول حڪومت جي وچ ۾ تمام ويجهڙائي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ موجوده وقت ۾ دنيا جون جيڪي حالتون آهن انهيءَ ۾ اهو تمام ضروري آهي ته سول ۽ عسڪري ادارا هم خيال ۽ هم قدم هجن. وزيراعظم هڪ طرح سان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. هن جي اها ڳالهه به ڄڻ تاريخ جو حصو ٿي وئي آهي جڏهن هن پاڪ فوج جي سپهه سالار کي ۽ پاڻ کي يڪ جان دو قالب چيو. ان جو مطلب اهو آهي ته ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي خدمت ڪندا ته ملڪ ترقيءَ جي راهه تي اڳيان ويندو. ميان شهباز شريف جيئن ته وڏي وقت کان وٺي سياست ۾ آهي. اقتدار ۾ به رهيو آهي ته جيل به ڪاٽيا آهن. هو ملڪ جي آبادي جي لحاظ کان وڏي صوبي پنجاب جو طويل عرصي تائين وڏو وزير رهيو آهي. سياست ۽ حڪومت جو هن جو تجربو هميشه سٺو رهيو آهي. اتحادي سياسي جماعتن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي سندس صلاحيت ۾ ڪو شڪ ناهي. پاڻ گذريل ۽ هيءَ حڪومت اتحادين سان گڏجي هلائي رهيو آهي ۽ لڳي ٿو ته هو ٻين سياسي گروپن ۽ حزب اختلاف سان گڏجي هلي ڄاڻي ۽ سياست ۾ شهباز شريف جي انهيءَ خوبيءَ جا سڀ قائل آهن. سياسي ڌريون ۽ عسڪري ادارن سميت ملڪ جا سڀ آئيني ادارا هن جي اڳواڻيءَ ۾ سولائيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا. سياسي اڳواڻ طور هو وزيراعليٰ به رهيو آهي ته وزيراعظم پڻ. هو پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ سان گڏ ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ قائد حزب اختلاف رهيو آهي. ڪنهن به سياستدان جي زندگي ۾ جيل ڄڻ ان جي سياسي زندگيءَ جو حصو هجي ٿو. پاڪستان ۾ 1999ع جي فوجي انقلاب کانپوءِ هو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ جيل ۾ به رهيو ۽ اڳتي وري تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ نيب پاران ڏنل سزائن ۾ به جيل ۾ رهيو، پر هتي اها ڳالهه ڪبي ته هو داناءُ سياستدان آهي تنهنڪري هو جيل مان نڪري اقتدار ۾ ايندو رهيو آهي. پنهنجي ڀاءُ ميان محمد نواز شريف جي ڀيٽ ۾ هو ملڪ جي عسڪري اداري ۾ وزيراعظم طور وڌيڪ مقبول آهي. اها قبوليت ئي آهي جنهن کيس 8 فيبروري 2024ع تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم جو مرتبو ڏنو آهي.
سندس ڪالهوڪي ڳالهه ۾ ملڪ جي عوام ۾ يقين جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. نتيجي ۾ ميان شهباز شريف جون زراعت ۽ صنعت ۾ لبرل پاليسيون جاري رهنديون ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي اڳتي وڌندو. سندس ان بيان کانپوءِ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نٿو رهي جڏهن هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ جي ڪنجي نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان جي سرڪار کين جديد رنگ سان روشناس ڪرائيندي ۽ انهن کي تعليم ۽ ترقي جا موقعا مهيا ڪيا ويندا جيئن پاڪستان ڏانهن ڪوبه ميري اک سان نه ڏسي سگهي. اسين سڀ انهيءَ ڳالهه ۾ يقين ٿا رکون ته پاڪستان کي اتحاد اتفاق سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ ملڪ جو نوجوان ۽ ملڪ جا آئيني ادارا گڏجي سماج کي ترقيءَ جي راهه تي وٺي ويندا.