ايڊيٽوريل بجليءَ جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو September 9, 2024 Zahida Abro نيپرا موجوده سال جي چوٿين ٽماهي جي لاءِ بجليءَ جي قيمت ۾ في يونٽ هڪ رپيو 75 پئسا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مالي سال 2023-2024 جي چوٿين ٽماهي جي سلسلي ۾ بجليءَ جي وڌايل قيمتن کي ايڊجسٽ ڪيو آهي، بجليءَ جون وڌايل قيمتون سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪيون وينديون. ملڪ ۾ بجليءَ جون قيمتون عام ماڻهو لاءِ مسئلو رهيون آهن، جو انهن جي ادائگي عام بجلي استعمال ڪندڙ جي وس ۾ نه آهي. ٻئي طرف ملڪ ۾ بجلي وڌيڪ پيدا ٿيڻ جي باوجود ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ به جاري آهي. عام شهري علائقن ۾ 7 کان 8 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ انهيءَ کان به وڌيڪ وقت لاءِ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي. اها لوڊشيڊنگ اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن ملڪ بجليءَ جي پيداوار ۾ خود ڪفيل آهي. اصل مسئلو آهي به اتي، ضرورت جيتري بجلي پيدا ڪرڻ جي باوجود به لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي هن وقت پاڪستان ۾ بجليءَ جي استعمال ڪندڙن لاءِ ٻه وڏا مسئلا آهن. پاڪستان ۾ حڪومت ۽ خانگي شعبو ٻئي گڏجي بجلي ٺاهي رهيا آهن. حڪومت جي نگراني هيٺ پاڻي جي طاقت سان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ بجليءَ جا ڪارخانا ۽ گڏوگڏ خانگي شعبي جا ڪارخانا به بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. مسئلو اتي اچي ظاهر ٿئي ٿو ته بجلي سرڪاري وسيلن سان به پيدا ٿي رهي آهي ۽ خانگي وسيلن سان به پيدا ٿي رهي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ بجليءَ جو خريدار صرف سرڪار آهي. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته جڏهن بجليءَ جي خانگي تياريءَ لاءِ سرڪار فيصلو ڪري رهي هئي، تڏهن انهن ڪارخانن کي اهو حق ڏيڻ کپندو هو ته اهي پنهنجي بجلي پاڻ کپائين. هاڻي حقيقت ۾ ائين آهي ته خانگي شعبي جا ڪارخانا بجلي پيدا ڪري سرڪار کي وڪڻي ڇڏين ٿا، انهن جون ڄڻ پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن. جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ آءِ پي پيز جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن، انهيءَ تي به عمل لاءِ انهن کي آئنده ويهه سال آهن ۽ بجليءَ جي قيمت گهٽ ٿيڻ جي توقع آهي ۽ سرڪار کي 8 سئو ارب رپين جي بچت جي توقع آهي، تيستائين جيڪو ڪجهه آهي اهو ماڻهن جي کيسي مان ڪڍڻو آهي. خانگي شعبي ۾ آءِ پي پيز جي ڪري پاڪستان سڀ کان مهانگي بجلي پيدا ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. هن وقت گهريلو بجلي استعمال ڪندڙن کي بجليءَ جو في يونٽ 60 رپين ۾ ۽ ڪمرشل بجلي استعمال ڪندڙن کي 80 رپين ۾ پئجي رهيو آهي. انهيءَ جي باوجود توانائي جي سيڪٽر جو گردشي قرض 23 سئو ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هڪ پاسي گردشي قرض وڌي پيو. ٻئي پاسي بجلي استعمال ڪندڙ مهانگي قيمتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ته پوءِ صارفين بجليءَ جي بلن جي مد ۾ جيڪو ڪجهه ادا ڪري رهيا آهن اهو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ معاشي ۽ توانائي جي ماهرن مطابق پاور پلانٽس جي لاءِ ڪيل معاهدا پوري توانائي نظام جي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي چڪا آهن. انهن معاهدن جي مطابق بجلي خريد ڪجي يا نه ڪجي، پر سرڪار کي انهن کي ادائگيون ڪرڻيون آهن. جيئن اسين پهرين به اها ڳالهه ڪري آيا آهيون ته پاور پلانٽس وارا ڇو سوچين، جڏهن انهن جي پيداوار جو خريدار هڪ هجي ۽ اها به سرڪار هجي ته پوءِ انهن کي ته ادائگيون ٿيڻيون آهن. نتيجي ۾ ملڪ جو نظام وڃي ٿو بجليءَ جون قيمتون وڌائيندو. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته روشني هميشه خوشيءَ جو پيغام هوندي آهي، پر اڄڪلهه ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي جي صورت ۾ ۽ بجليءَ جي وڌندڙ اگهن جي سبب ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. ناقص منصوبابندي ۽ آءِ پي پيز سان معاهدن جو نقصان عوام کي ڀرڻو پئجي رهيو آهي. سڀ سياسي جماعتون ۽ عوامي سماجي تنظيمون بجليءَ جي وڌندڙ اگهن تي احتجاج ڪنديون رهيون آهن، پر افسوس جو ايئن نه ٿيو آهي. حقيقت اها آهي ته نيپرا بجليءَ جي في يونٽ ۾ هڪ رپيو 75 پئسا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي نيپرا اهو به چيو آهي ته سيپٽمبر مهيني جي بلن ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 93 پئسن جي گهٽتائي ٿيندي ۽ بجلي استعمال ڪندڙن کي بلن ۾ 2 رپيا 11 پئسا يونٽ رليف ملندو. اهو رليف هڪڙي مهيني لاءِ آهي ۽ بجليءَ جي قيمتن ۾ اضافو ٽن مهينن لاءِ آهي. سرڪار ۽ توانائي جو شعبو آخرڪار ملڪ جي عام ماڻهو جو ڪيترو امتحان وٺندو. Post Views: 296