بلاگنئون

ادب جي آڪاس تي چمڪندڙ ستارو

قمر شھباز ھڪ اھڙو نالو جنھن جي اچارڻ سان انساني ڪيفيت ڪيترن ئي رنگن سان سرشار ٿي وڃي ٿي، قمر شھباز صاحب سنڌ، پاڪستان جي هڪ گهڻ رخي ٽيلنٽ، ادب، شاعري، ڊرامي ۽ اسڪرين رائٽنگ جي دنيا ۾ انمول نشان ڇڏي ويو آھي، قمر شهباز جي زندگي سندس تخليقي اظهار جي جذبي جو ثبوت آھي. ھو پنھنجي جذبن احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ پيڙھجي سنڌي عوام، سماج جا سور بي راھ رويا، مفلسيءَ جي ماريل ماڻھن جا درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي قلم سان پنن تي پکيڙڻ جو ئي ماھر نه ھو, پر ھو ھر صنف ۾ پنھنجو پاڻ ملهائيندڙ ڪردار ھو سندس اظھار جي بلندي بيان ڪندي ننگر چنا صاحب قمر شھباز جون ھي لائينون پيش ڪيون آھن ته ملڪ ۾ هاهاڪار متل هجي، گولي بارود جي بُوءِ ۾ دم گُهٽبو هجي، در دريون بند ۽ رستا ويران هجن، سوچَ تي پَھرا ۽ آزاديءَ تي تيرَ تاڻيل هجن ۽ شاعر گل ۽ بلبل جو داستان کڻي ويھي. عام ماڻهو بُکَ جو بَکُ ٿيندا هجن، ڳڀي جي ڳولا ۾ للنگ لِيلائيندا هجن، معصوم ٻارڙن کي چنڊ ۾ مانيءَ جو عڪس نظر ايندو هجي ۽ شاعر جام و مينا جي ڳالهڙي ڇيڙي ويھي. جواني لِيڙَن مان لياڪا پائيندي هجي، اَبھم کيرَ ڦُڙي لاءِ چمڙي جھڙين ڇاتين کي جهوٻاڙيندا هجن، مُردن جيان هڙٻاٺيون نڪتل نينگريون چند سِڪن ڪارڻ جسم جو سودو ڪرڻ لاءِ آتيون هجن ۽ شاعر مخملي بدن، سڊول جسم ۽ هرڻي جھڙي چالِ جا قصيدا پڙهي. عدل ۽ انصاف ۽ سچائيءَ کي سَربازار سُوريءَ تي چاڙهيو ويندو هجي ۽ زبان تي تالا هجن ۽ زندان جا در کليل هجن ۽ هَٿَ ڪَڙيون ۽ سَنگهرون ۽ ڪِيرَ ۽ ڪَڙا ۽ بڙڇيون ۽ ڀالا مُنڪر جو مقدر هجن ۽ شاعر محبوب جي اک جي اَڻي ۽ پيرن جي پڻي جي واکاڻ ۾ مگن هجي. اهڙي شاعري ڀل ته سُرَ ۽ تالَ ۽ لَئه تي پوري اُتري، ڀل ته علم عروض جا سمورا قاعدا ۽ قانون ۽ حڪم ۽ احڪام پورا ڪندي هجي، ڀل ته ڇند وديا ۽ ماترائن تي ٺھڪي ايندي هجي، پر ڇاڪاڻ جو وقت، مقامَ ۽ حالتن جي عڪاس ناهي، ان ڪري موزون شاعري هوندي به سُٺي شاعري چَوائڻ جي حقدار ناهي. اھڙن خيالن کي اھڙي ڏانءُ سان پيش ڪرڻ جو فن قمر شھباز وٽ پنھنجي ڍنگ ۾ انتھائي نرالو آھي، قمر شهباز جي پرورش هڪ اهڙي خاندان ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ فن کي اهميت حاصل ھئي. هن جي شروعاتي زندگي سنڌ جي شاهوڪار ثقافتي ورثي جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن جو اثر بعد ۾ سندس لکڻين تي پيو. شهباز ادب آرٽ ثقافتي ورثو، قوم ۽ قوميت جو تقدس، ٻوليون ۽ شاعري ڊراما نگاري اسڪرپٽ رائيٽر جو علم رکڻ سان گڏ وڏو داناءُ ۽ مدبر انسان ھو، قمر شهباز جي لکڻ وارو ڪيريئر ڪيترن ئي صنفن تي پکڙيل آهي، جن ۾ شاعري، ڊراما ۽ نثر شامل آهن. هن جي شاعري ۽ غزل جي خصوصيت، محبت، سماجي انصاف، ۽ انساني حالتن جي موضوعن تي ٻڌل آهي. سندس ڊراما اڪثر ڪري عقل ۽ ڏاھپ سان ڀريل آھن، سماجي ريتن ۽ سياسي مسئلن تي شاندار تنقيد جو عڪس پيش ڪن ٿا، شهباز جي اسڪرين رائيٽنگ جا ڪم ٽيليويزن، ريڊيو جي دنيا ۾ سندس منفرد نظريا کڻي آيا. سنڌ جي ثقافتي منظر نامي ۾ قمر شهباز جو ڪم بي مثال آهي. شاعري، ڊراما ۽ مختصر ڪهاڻين جا ڪيترائي ڪتاب لکيائين مشهور ٽيليويزن ڊرامن ۽ فلمن لاءِ اسڪرپٽ لکيا مختلف ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن جي ميزباني ۽ ڪمپيئرنگ ڪيائين، قمر شهباز جو ورثو سندس ادبي ۽ فني ڪارنامن کان به اڳتي آهي. هن سنڌ جي ثقافتي ورثي تي دائمي اثر ڇڏي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي نسلن کي متاثر ڪيو. قمر شهباز جي زندگي تخليقي قوت، جذبي ۽ اتساهه جو شاهڪار آھي، سندس شاندار سفر اديبن، فنڪارن ۽ ثقافتي شوقينن لاءِ هڪ الهام جو ڪم آهي. اسان سنڌ جي هن باصلاحيت شخصيت کي ياد ڪري ادب، شاعري، ڊرامي ۽ اسڪرين رائٽنگ جي دنيا ۾ سندس ڪيل خدمتن کي ساراهيون ٿا.. قمر شھباز جي وڇوڙي کي 15 سال گذري ويا آھن، پر ھن جو ڪم ۽ ڪلا اڃان اسان جي دلين تي نقش آھي جيڪو ڪڏھن به ميسارجي نٿو سگھي، قمر شھباز پنھنجو وڇوڙي کانپوءِ اسان کي لاوارث نه ڇڏيو آھي ھن پنھنجا شاندار ڪتاب ڏيڻ سان گڏ ورثي ۾ سندس نياڻي سبينه شھباز به ڏني آھي جيڪا قمر شھباز جي ھر رھيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ سرگرم آھي، جتي عورت کي روز نوان ھار سينگار ڪپڙا تفريح گھرجي اتي سبينه شھباز پنھنجي بابا جي رھيل ڪم جي ڳولھا ۾ سرگردان آھي.
***