ڪهاڻيوننئون چاچي شھزورَ جو ڪارنامو (ٻارن لاءِ وندرائيندڙ ڪھاڻي) September 12, 2024 Zahida Abro دڪان آڏو بيٺل موٽرسائيڪل سڃاڻي، فھد سمجهي ويو ته چاچا شهزور، سندس پيءُ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيو آھي. چاچو شهزور پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندو ھو. توڙي جو ھو فھد جي پيءُ اعجاز احمد کان ڄمار ۾ گهڻو وڏو ھو پر پوءِ به ھنن ٻنهي جي پراڻي ۽ گهاٽي دوستي ھئي. چاچي جي بدلي جڏھن به ھِنَ شھرَ ۾ ٿيندي ھئي ته ھڪ نه ٻئي ڏينھن ڪچھريءَ لاءِ اعجاز جي ريزڪي سامان واري دڪان تي ضرور ايندو ھو. فھد ٻنهي کي سلام ڪري پنھنجو ٿيلهو ھڪ ھنڌ جائتو ڪيو ۽ پاسي ۾ ٿي ويھي رھيو. ٽِين وڳي منجهند جي مھلَ ھئي. فھد اٺين درجي ۾ پڙھندو ھو ۽ اسڪول کان موٽَ تي گهران ماني کائي سڌو دڪان تي ايندو ھو. جتي ڪلاڪ کن ويھڻ کانپوءِ چئين وڳي ٽيوشن پڙھڻ لاءِ ھليو ويندو ھو. ان بھاني سندن دڪان تي ڪم ڪندڙ چاچو خليل به پنھنجي گهران نوبنو ٿي موٽي ايندو ھو. “يار اعجاز بس افسوس ئي رھجي ويو ته ٻٽيھه ورھيه پوليس ۾ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪيم پر ڪو به ڳڻائڻ جھڙو ڪم نه ڪري سگهيس.” چاچي شهزور ٿڌو ساھه کڻي چيو. “اھو گهٽ ڪارنامو آھي ته پوليس ۾ رھي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو اٿئي.” اعجاز ٽھڪ ڏئي وراڻيو. “يارَ ٺٺولَ (ٽوڪَ) نه ڪر. پوليس ۾ ايماندار ماڻهو به آھن.” شهزور وراڻيو. “مان ته ڀوڳ پيو ڪيان. تون ته رٽائرمينٽ کان اڳ ملندڙ سال موڪل به ڪو نه ورتي ته مفت ۾ پگهار ڇو کڻان؟ اڃان تنھنجي رٽائرمينٽ ۾ ڪجهه ڪلاڪ پيا آھن. ڏيکار ڪو جادو ڪو ڪارنامو ڀلا وڏا منشي.” اعجاز چيو. “بس ھاڻي ته سڀاڻي موڪلاڻي آھي. ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪھڙو جادو يا ڪارنامو ڏيکاريان.” شهزور وراڻيو. انھيءَ مھل دڪان ۾ فھد جو ڪلاس فيلو مجيب اندر آيو ۽ سلام ڪري فھد کي ٻاھر اچڻ لاءِ چيائين. “پري نه وججانءِ فھد، متان ڪو گراھڪ اچي.” اعجاز فھد کي اُٿندو ڏسي چيو. “جي بابا،” فھد چيو ۽ مجيب سان گڏ ٻاھر ڏاڪڻ وٽ وڃي بيٺو. “فھد، ھاڻي مان سنڌي ۽ سائنس وارا ڪتاب وٺڻ لاءِ شھر جي وڏي دڪان تي ويو ھئس.” مجيب تڪڙ ۾ چيو. “اڙي اھي ڪتاب ته مون کي به وٺڻا ھئا، ڳالهه ڪرين ھا ته مان به ھلان ھا، مون کي به ته تو وانگر اھي ٻئي ڪتاب ڪو نه مليا آھن.” فھد چيو. “پوري ڳالهه ته ٻُڌ يار فھد، دڪان واري ڪتاب مون کي ھٿ ۾ ڏنا ته مان ڏٺو ته انهن تي ڪتاب جي قيمتَ بدران “مفت ورھائڻ لاءِ لکيل ھو، جيئن اسڪول ۾ ملندڙ ڪتابن تي ڇپيل ھوندو آھي.” مجيب تڪڙ ۾ چيو. “اڙي…” فھد اچرج وچان چيو. “ٻڌ ته سَھي، جڏھن مان اھا ڳالهه دڪان واري کي چئي ته ھُو ڇِرڪجي پيو ۽ دڪان تي ڪم ڪندڙ پنھنجي نوڪر تي ڏَمِرجي سندس ڏاڍي بيعزتي ڪيائين. نوڪر کانئس معافي وٺندي چيو ته ڀُلَ ۾ ڪجهه بنڊلَ، جن تي اگهه وارا اسٽيڪر ناھن لڳل سي دڪان تي اچي ويا آھن.” مجيب جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ فھد ڪنھن سوچَ ۾ پئجي ويو. ان ڳالهه کي گهڻو وقت ٿيو آھي؟ ھن مجيب کان پڇيو. “پنجَ منٽَ مسَ ٿيا ھوندا، اتان سڌو ھيڏانھن آيو آھيان.” مجيب وراڻيو. اھو ٻڌي فھد تڪڙ ۾ دڪان جا ڏاڪا چڙھي اندر ويو ۽ پيءُ کي چيائين…” بابا ڪجهه دير ۾ اچان ٿو، بس ڏھه منٽن ۾” ”پٽَ ڪيڏانھن پيو وڃي؟ ٽيوشن جو وقت ٿيڻَ وارو اٿئي.” اعجاز کانئس پڇيو. “بس جلدي اچان ٿو.” فھد وراڻيو ۽ تڪڙو ھيٺ لھي ويو. دڪان کان ٻاھر ايندي ئي ھنَ مجيب جو ھٿ پڪڙيو ۽ ٻئي ڄڻا شھرَ جي وڏي، اسٽيشنري جي دڪان ڏانھن تڪڙا تڪڙا ھلڻ لڳا. ڀرسان ئي سگريٽ جي مانڊڻيءَ تي ھڪ نوجوان بيٺل ھو. فھد وارا ڪجهه ئي اڳتي وڌيا ته ان نوجوان جي موبائل جي گهنٽي وڄڻَ لڳي. ھن نمبر ڏسي تڪڙ ۾ فون کنئي ۽ ٻِئي پاسي جي ڳالهه ٻڌڻ لڳو. انَ دوران ھن انَ پاسي نھاريو جنھن پاسي فھد ۽ مجيب ويا ھئا. “جي ٻه ڇوڪرا منھنجي آڏو ئي وڃن پيام ڳڻتي نه ڪيو، مان کين ڏِسان ٿو.” نوجوان چيو ۽ فون کيسي ۾ رکي تڪڙ ۾ فھد وارن جي ڪڍَ ھلڻ لڳو. فھد ۽ مجيب جيئن ئي اسٽيشنري جي دڪان وٽ پھتا، ھنن دڪان تي ڪم ڪندڙ نوڪر کي اخبارِي ڪاڳرَ ۾ ويڙھيل ڪجهه بنڊلَ مٿي تي رکي کڻي ويندي ڏٺو. “اھو وڃي پيو.” مجيب چيو. ”ماٺ ڪري ھل.” فھد چيو ۽ ٻئي ڄڻا نوڪر جي ڪڍَ ھلڻ لڳا. نوڪر روڊَ کان لَھي ھڪ سوڙھي گهٽيءَ ۾ مُڙيو ۽ تڪڙو ھلڻَ لڳو. سندس مٿي تي ڳرو بار ھئڻ ڪري ھنَ ھيڏانھن ھوڏانھن به ڪو نه پئي ڏٺو. ھُو ٻئي به ماٺ ڪري ھنَ جي ڪڍَ لڳا رھيا. سندن ڪڍَ ايندڙ نوجوان به پاڻَ لڪائيندو پئي آيو. ڪيتريون ئي گهٽيون مُڙڻَ کانپوءِ نوڪر ھڪ بند شَٽرَ جي آڏو اچي بيٺو. “اھو انهن جو گودام اٿئي فھد.” مجيب چيو. “ھنَ گهٽيءَ ۾ ته مان گهڻائي چڪر ادا اسد سان گڏُ آيو آھيان. چاچا شھزور جو گهرُ، پريان گرائونڊَ ڏانھن ويندڙ گهٽيءَ ۾ آھي.” فھد ٻڌايو. گرمي ۽ منجهند جو وقت ھئڻ ڪري گهٽيءَ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ به ڪو نه ھئي. ٻئي ڄڻا بجليءَ جي ھڪ پولَ جي اَوٽَ ۾ بيھي رھيا. سندن ڪڍَ ايندڙ نوجوان به بوٽَ جون ڪَھِيُون ٻڌڻَ بھاني ھيٺ ويھي رھيو. نوڪر گودام جو شٽر مٿي ڪري ھيٺ رکيل بنڊلَ کنيا ۽ اندر وڃي ڪجهه ئي گهڙين کانپوءِ شَٽر اڌُ ھيٺ ڪري ڇڏيو. اھو ڏسي فھد ۽ مجيب به اڳتي وڌيا ۽ گودام جي ڀرسان بيھي جهاتي پائي اندر نھارڻَ لڳا. اندر دڪان ۾ بلب ٻَري رھيو ھو ۽ ڇت تائين درسي ڪتابن سوڌو ڪاپين رجسٽرن ۽ ٻي اسٽيشنريءَ جي سامان جا بنڊل سَٿيا پيا ھئا. ٻنهي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو ۽ وري اندر نھارڻ لڳا. نوڪر ھاڻي موبائل ڪڍي ڪنھن سان ڳالهائي رھيو ھو. “اظھرَ جلدي گودام تي پھچ، ھي نئين سال جي درسي ڪتابن تي ملهه وارا اسٽيڪر لڳائڻ وسري ويا آھن. جلدي اچُ ته ڪم ڪري وٺون. سيٺ ڏاڍي بيعزتي ڪئي آھي يارَ، ھلُ… رستي ۾ آھين، ٺيڪ آھي، جلدي پھچ.” نوڪر مسڪيني انداز ۾ چيو ۽ ٻئي پاسي جي ڳالهه ٻُڌي فون بند ڪري ڇڏيائين. “اسان جي لاءِ مفت ايندڙ ڪتابَ، ھي اسان کي پئسن تي پيا کپائين.” فھد ھوريان ڳالهايو ته جيئن نوڪر نه ٻڌي. “تڏھن ته اسان کي ڪتاب ڪو نه ٿا ملن ۽ اسان سوڌو ڪيترائي غريب شاگرد پئسن تي وٺڻ لاءِ مجبور آھيون.” مجيب به جهيڻي آواز ۾ وراڻيو. اڃان فھد ڪجهه چئي ھا، پرَ ان کان اڳ ھڪ ھٿ سندس ڳچيءَ کي سُڪَ ڪري وڌو. اھا ساڳي ڪار مجيب سان به ٿي. “اڙي ڪير آھيو توھان، ھتي ڇا پيا ڪيو؟ ھڪ رعبدار آواز ٻنهي دوستن کي ھِيسائي وڌو. فھد زور ڏئي ڪنڌُ موڙيو، ھن ڏٺو ته سندس آڏو اسٽيشنريءَ واري دڪانَ جو مالڪ صفدر بيٺو ھو ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ھو. “ڇڏ اسان کي چاچا، تون اسان جا ڪتاب چورائي، اسان تي ڪاوڙ پيو ڪرين.” فھد پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ زور ڏيندي چيو، پر ٿلهي بُتَ واري صفدر کان پاڻَ ڇڏائي نه سگهيو. اندران نوڪر به ڀڄندو آيو. “ھيءُ ڇوڪرو ته ساجهر دڪان تي به آيو ھو. اٺين درجي جا ڪتاب ورتا ھئائين.” ھنَ مجيب ڏانھن اشارو ڪندي چيو. “تنھنجي ڪڍَ ئي ھتي پھتا آھن، توکي ٽَڪي جو به عقل ڪونهي دلاورَ. شڪر آھي جو مان تنھنجي جاچَ لھڻَ لاءِ ھيڏانھن اچي ويس، جي ڳالهه ميڊيا (ٽي وي، اخبارن) تائين پھتي ته اھڙو ڦاسنداسين جو پاڻَ بچائڻَ ۾ لک لڳي ويندا.” صفدر، سندس نوڪر دلاور کي چيو ۽ ٻنهي ڇوڪرن کي شٽر ھيٺان دڪان اندر ڌِڪي ڇڏيو. ھُو ٻئي پَٽَ تي وڃي ڪِريا ۽ ڊپَ وچان صفدر ۽ دلاور ڏانھن ڏسڻَ لڳا. “شٽر ھيٺ ڪر ته ڪو اچي نه وڃي.” صفدر توائيءَ مان چيو. دلاورَ تڪڙ ۾ اڳتي وڌي شٽر بند ڪرڻ چاھيو، پر اُنَ کان اڳ ئي کيس ٺاھوڪي لتَ لڳي. دلاور دانھن ڪندو اندر ڪريو ۽ ڪِنجهڻ لڳو. “ڇا ٿيو؟” صفدر ڏاڍيان رڙ ڪري پڇيو. فھد به شٽر ڏانھن نھاريو. “چاچا” دلاورَ کي لَتَ ھڻندڙ تي نھارَ پوندي ئي ھنَ جي واتَ مان سرھائيءَ وچان نڪتو. اھو شھزور ھو، ساڻس گڏ اھو نوجوان به ھو، جيڪو بازار کان ھنن ٻنهي جي پٺيان ھو. “تنھنجي ڳالهه تي مون کي شڪ ٿي پيو ھو ته ايئن پنھنجي دوست سان گڏ ڪيڏانھن پيو وڃين؟ سو مان آڏو ئي بيٺل پنھنجي نئين ڀرتي ٿيل سپاھي عامر کي فون ڪري توھان جي پٺيان لڳائي ڇڏيو. ھنَ ئي فون ڪري ھتي اچڻ جو چيو ۽ سٺو ٿيو جو سمورو لقاءُ مان پنھنجي اکين سان ڏسي ورتو آھي.” شھزور پنھنجي ورَ مان سرڪاري پستول ڪڍندي وراڻيو ۽ ڪاوڙ وچان صفدرَ ڏانھن نھارڻَ لڳو. صفدر، لاچاريءَ مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو ۽ کِکو وِکو (لَڄي) ٿيندي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. “چاچا ھيءُ سرڪار پاران اسان لاءِ ايندڙ مفت درسي ڪتاب پيو کپائي. ھن کي پڪڙيوس.” فھد چيو. “ايئن ئي ٿيندو پٽَ، ھي ٻئي ۽ جِن اوھان ٻارن جا ڪتاب ھنن تائين پُڄايا، اُھي به سڀ جيل ويندا. انهن جا نالا ھي پڪَ سان ٿاڻي ۾ ئي ٻڌائيندا.” شھزور چيو ۽عامر کي،صفدر ۽ دلاور کي سوگهو ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. “چاچا اھو اوھان جو وڏو ڪارنامو ٿيندو.”فھد مرڪندي چيو. “اوھان جي مھربانيءَ سان ٻارو.”شھزور مرڪندي کيسي مان موبائل ڪڍي ۽ ٿاڻي ڏانھن فون ڪرڻ لڳو. فھد ۽ مجيب بہ ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسي مُرڪڻَ لڳا. *** Post Views: 417