بلاگنئون

هڪ ارب فالوورز  رکندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو

فوٽ بال راند جو ذڪر ايندي ئي اسان جي ذهنن ۾ هڪ نالو ضرور ايندو آهي ڪرسٽيانو رونالڊو جو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ته هو دنيا جو عظيم فوٽ بالر ۽ مشهور شخصيت آهي. هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڻ کي پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا آڏو پاڻ کي ايڪٽو رکڻ چاهيندو آهي. تازو ئي هن پاڻ کي سوشل ميڊيا تي آڻي سوشل ميڊيا جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. هو مشهور فوٽ بالر سان گڏ پهرين به ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. جن ۾ پنج بال ڊي آر ايوارڊ، چار گولڊن شوز ايوارڊ، ست ليگ ٽائيٽل، 33 ٽرافيون، پنج يو اي ايف ٽرافيون وغيره شامل آهن.

مشهور سوشل ميڊيا ايپس انسٽاگرام، فيس بُڪ، ايڪس (ٽوئيٽر)، يوٽيوب ۽ چين جي مشهور سوشل ميڊيا ايپ ويبو ۽ ڪاشيو تي سندن مداحن جو انگ هڪ ارب کان به وڌيڪ آهي. جيڪو سوشل ميڊيا جي تاريخ جو هڪ وڏو رڪارڊ آهي. سوشل ميڊيا تي اڄ تائين ڪنهن جا به ايترا سبسڪرائبر ۽ فالوورز نه آهن، جيترا ڪرسٽيانو رونالڊو جا آهن. دنيا جي ڪل آبادي تقريبن 8.2 ارب آهي، جن مان هڪ ارب انسان ڪرسٽيانو رونالڊو کي فالو ڪن ٿا. ان جو اهو رڪارڊ گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يوٽيوب تي پنهنجو چينل ٺاهڻ جي ڏيڍ ڪلاڪ جي اندر ئي کيس سِلور بٽڻ ۽ ٻارهن ڪلاڪن کانپوءِ کيس گولڊن بٽڻ مليو، جيڪو يوٽيوب جي تاريخ جو تيز ترين سبسڪرائب ڪرڻ جو رڪارڊ آهي. انسٽاگرام تي سندس فالورز جو تعداد 639 ملين، فيس بُڪ تي 170 ملين، ايڪس (ٽوئيٽر) تي 113 ملين، يوٽيوب تي 61 ملين ۽ ٻين سوشل ميڊيا ايپس تي به سندس لکين مداح موجود آهن.

فوٽ بال جي ميدان ۾ ارجنٽينا جي اسٽار فوٽ بالر لوئنل ميسي کي ان جو سخت مخالف ترين ظاهر ڪيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجھ ناهي. ٻئي هڪٻئي جا سٺا دوست ۽ سوشل ميڊيا ۾ بلڪل به مقابلو نه ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهن، پر ماڻهو انهن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمس تي ائين ظاهر ڪندا آهن جيئن هو هڪٻئي جا سخت مخالف هجن. لوئنل ميسي سوشل ميڊيا تي ڪرسٽيانو رونالڊو کان تمام گهڻو پري آهي، لوئنل ميسي وٽ پنهنجي مداحن جو تعداد 623 ملين آهي. جڏهن ته  ڪرسٽيانو رونالڊو 1 بلين جي تعداد سان دنيا جو پهريون ماڻهو آهي. لوئنل ميسي، رونالڊو کان سوشل ميڊيا تي سبسڪرائبر گڏ ڪرڻ ۾ ان ڪري به ناڪام آهي جو سندس يوٽيوب چينل تي گذريل ٽن سالن ۾ صرف اڌ منٽ جي هڪ وڊيو آهي جيڪا به فوٽ بال جي آهي. صرف ايترو ئي نه پر ڪرسٽيانو رونالڊو انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي وڏن وڏن شاهڪار ستارن کي پڻ پوئتي ڇڏيو آهي جن ۾ جسٽن بيبر، ٽيلر سوئفٽ ۽ سيلينا گومز جا نالا شامل آهن. يوٽيوب جي مشهور شخصيت بيسٽ جا پڻ ڪل فاولوررز 544 ملين آهن. ايئن چئي سگهجي ٿو ته مشهور ستارا، مشهور رانديگر يا مشهور شخصيتون به رونالڊو کان ڪوهين ڏور آهن.

جون 2024 ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پريس ڪانفرنس دوران هن ڪوڪا ڪولا ڪمپنيءَ جون ٻه بوتلون پاسي تي ڪري پرتگالي ٻولي ۾ لفظ “ايگوا” چيو جنهن جو مطلب آهي “پاڻي” ۽ هن پاڻيءَ جي بوتل کي لهرايو. ان پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ شرط ئي ڪوڪا ڪولا ڪمپنيءَ جا شيئرز 1.6 فيصد ڪري پيا جنهن جو ڪمپنيءَ کي لڳ ڀڳ چار ارب ڊالرز جو نقصان پهتو. ڪوڪا ڪولا ڪمپنيءَ جي نقصان جو سبب ڪهڙو به هجي، پر ميڊيا انهيءَ کي سڌو سنئون رونالڊو جي حرڪت چيو. مطلب ته رونالڊو هڪ برانڊ بڻجي چڪو آهي. تاريخ کيس هڪ عظيم فوٽ بالر ۽ ڪيترائي رڪارڊ رکندڙ طور ياد ڪندي رهندي.