ايڊيٽوريلخاص

ڪراچيءَ ۾ پرامن رواداري احتجاج مٿان پوليس جو تشدد

            گذريل سورنهن سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اها جماعت آهي جيڪا پنهنجي جوهر ۾ جمهوريت پسند، روشن خيال جماعت هئي. هاڻي سندس جمهوريت پسندي ۽ روشن خيالي آرمراڻي سوچ ۽ انتها پسندي ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي. 13 آڪٽوبر 2024 تي پريس ڪلب ڪراچي ۽ تين تلوار جي سامهون ٿيندڙ سول سوسائٽي جي پرامن احتجاج تي ٿيندڙ بي رحماڻي تشدد ڪرڻ کانپوءِ اسان اهو ڪيئن چئون ته سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي آهي؟ پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙا منظر هميشه آمرن جي حڪومتن وارن دورن ۾ نظر ايندا رهيا آهن ۽ هن وقت پيپلز پارٽيءَ جو چهرو به آمراڻو نظر اچي رهيو آهي.

            سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هميشه ٻين جي مذهبن، ٻين جي ٻولين، ٻين جي ثقافتن کي عزت ڏني آهي ۽ انتها پسنديءَ کان پري رهي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز  ڪنڀر جي وحشياڻي قتل کانپوءِ سنڌ جي سول سوسائٽي مذهبي انتها پسندي جي خلاف بغاوت جو عَلم بلند ڪيو آهي، جنهن جي ساراهه نه صرف پوري ملڪ اندر ٿي رهي آهي، پر دنيا پڻ سنڌ جي سول سوسائٽي کي تعريف جوڳين نظرن سان نهاري رهي آهي. پاڪستان اندر رياستي پاليسي تحت مذهبي انتها پسندي جي واڌ ويجهه ٿي رهي آهي، ماڻهن کي مختلف فرقن ۾ ورهائي کين هڪٻئي سان هٿ وٺي ويڙهايو پيو وڃي ۽ مذهب کي بنياد بڻائي ماڻهن ۾ نفرت پکيڙي پئي وڃي ۽ جڏهن ماڻهو سوال پڇن ته کين سوال پڇڻ کان روڪيو ٿو وڃي. ڇو ته ڏاڍن مڙسن وٽ ان هٿ سان مڙهيل انتها پسندي جو ڪوبه جواب موجود نه آهي. انهيءَ ڪري کين موت جون ڌمڪيون ڏيئي خاموش ڪيو وڃي ٿو يا کين قتل ڪري سندن زندگين جو خاتمو ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ انتها پسنديءَ واري سوچ پکيڙڻ ۾ رياست ڪامياب ٿي وئي آهي، پر سنڌ جيڪا هزارين سالن جي تهذيب جي وارث آهي جيڪا مذهبي رواداري ۾ يقين رکي ٿي، جڏهن اهو وار اتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ سول سوسائٽي انهيءَ انتها پسند سوچ کي روڪڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويا. عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ عدالت کان مٿانهون  قتل ڪري عبرتناڪ  طريقي سان ماريو ويو ۽ سندس قاتلن کي گلن جا هار پارايا ويا، جيڪو سنڌ جي عام ماڻهو کان برداشت ٿيڻ جوڳو نه آهي. سنڌ جي سول سوسائٽي صرف آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته جن پوليس جي ننڍن وڏن آفيسرن تي ايف آءِ آر ڪٽجي وئي آهي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي جنهن هار پاتا ۽ هار پارايا انهيءَ کي معطل ڪري ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ڪيس جي عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي. انهن ٽن نقطن تي سول سوسائٽي احتجاج ڪيو. ان مان ڪابه گهر اهڙي نه آهي جيڪا آئين ۽ قانون کان مٿانهين هجي يا سول سوسائٽي ڪو اهڙو مطالبو ڪندي هجي جيڪو سنڌ سرڪار پورو نه ڪري سگهي. پوءِ انهن کي پريس ڪلب جي سامهون بيدردي سان تشدد جو نشانو ڇو بڻايو ويو؟ مرد ۽ عورت جي تفريق نه ڪئي وئي، صحافين تي تشدد ڪيو ويو، مٿن ڪوڙيون ايف آءِ آر ڪٽي ڪيس داخل ڪيا ويا. اها سڄي صورتحال اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته سنڌ سرڪار جي اندر ۾ انتها پسند سوچ موجود آهي، جيڪا چاهي ٿي ته سنڌ جو روشن خيال ماڻهو، آئين ۽ قانون پسند ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن جي ڳالهه نه ڪري، جائز مطالبو نه ڪري، پرامن احتجاج نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪندو ته پوءِ سندس حالت ساڳي ڪئي ويندي جيڪا پريس ڪلب جي سامهون مظاهرو ڪندڙن جي ڪئي وئي.

            هاڻي سرڪار جي اهڙي رويي سان خوف وڌنڌو يا گهٽبو؟ مذهبي انتها پسندي وڌنڌي يا ڪمزور ٿيندي. سنڌ سرڪار سڌي طرح مذهبي انتها پسندن کي طاقتور بڻائي رهي آهي. اسان کي اهو عمل ميرپورخاص جي پوليس طرفان ٿيندي نظر آيو ۽ اها ئي پوليس ڪراچي ۾ پرامن ماڻهن جي مٿان لٺيون وسائيندي انتها پسند سوچ جو اظهار ڪندي نظر آئي. پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سرڪار جي انهيءَ عمل جي ساراهه ڪندو يا انهيءَ عمل کي ننديندو؟ هن وقت پوري سنڌ جو اهو مطالبو آهي ته احتجاج ڪندڙن جي مٿان سرڪار جي طرفان داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن، سرڪار سنڌ جي عوام کان معافي وٺي ۽ سول سوسائٽي جا ٽئي مطالبا مڃيا وڃن ته پوءِ سمجهبو ته سنڌ سرڪار سندن ڪيل غلطين جي ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. جيڪڏهن نه ته پوءِ اها ڳالهه ختم نه ٿيندي سنڌ جو ماڻهو انتها پسند سوچ جي خلاف بيٺل رهندو ۽ نيٺ سنڌ سرڪار کي جهڪڻو پوندو.