بلاگنئون

ڪار ساز واقعي کانپوءِ واري غير جمهوري حڪمراني

ڪار ساز وارو واقعو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ نهايت ڏکوئيندڙ ۽ وفاداريءَ جي انتها جو واقعو آهي هن واقعي ۾ شهيد ٿيلن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجهان ٿو ڇو ته انهن پنهنجي وطن لاءِ لا زوال قربانيون ڏنيون. ڇو ته هي اهو واقعو هو جنهن تي عالمي اڳواڻن، سربراهن ۽ سفارتڪارن بينظير ڀٽو سان همدردي جو اظهار ڪندي کانئس خيريت معلوم ڪئي هئي. جڏهن ته آمريڪا ۽ چين جي سفارتڪارن به بلاول هائوس وڃي 18 آڪٽوبر واري سانحي ۾ بينظير ڀٽو تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي نه رڳو ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو هو، پر دهشتگرديءَ کي ننديندي ان خلاف سخت قدم کڻڻ جا اعلان ڪيا هئا. ڇو ته انهيءَ سال پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ 27 خودڪش حملا ٿيا هئا. جن ۾ هزارين بيگناهه ماڻهو ماريا ويا ۽ زخمي ٿيا. انهن خودڪش حملن ۾ 18 آڪٽوبر وارو سانحو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هو جنهن ۾ 150 ماڻهو مارجي ويا ۽ ساڍا پنج سئو ماڻهو زخمي ٿيا. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ان خودڪش حملي جو اطلاع حڪومت سنڌ پاران پ پ جي قيادت کي اڳواٽ ڏنو ويو هو، پر پوءِ به سيڪيورٽي ادارا ۽ ملڪي ايجنسيون بمبار ڳولي نه سگهيون ۽ دهشتگرديءَ جو وڏو واقعو رونما ٿي ويو. توڙي جو ان واقعي ۾ محترمه بينظير ڀٽو بچي وئي، پر سندس سوين جانثار قربان ٿي ويا. پوءِ به پاڻ هڪ وک پوئتي نه هٽي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي جيالن ۽ ڪارڪنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي رهي ۽ عالمي ادارن کان ان سانحي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن اصل قاتل سامهون اچي وڃن ۽ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي آساني سان ختم ڪري سگهجي پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي ۽ ڪار ساز سانحو ٻين واقعن جيان تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿي ويو۔ ائين ملڪي توڙي غير ملڪي تحقيقاتي ادارا هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا. جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي بيان ۾ دليل ڏيندي چيو هو ته وزيراعظم لياقت علي خان، جنرل ضياءُ ۽ جنرل آصف نواز ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي حوالي سان اڄ تائين ڪابه مناسب تحقيقاتي رپورٽ سامهون نه آئي آهي جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ان جي باوجود پاڻ خودڪش حملي کان اڳ ۽ پوءِ ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف کي خط لکي ٽن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا هئا. جيڪي سندس قتل ڪرڻ واري سازش ۾ ملوث آهن. پوءِ ڇا ٿيو جو انهن سازشي عناصرن کي خود پيپلز پارٽي وڏا عهدا ڏئي پنهنجو همدرد سمجهيو ته پوءِ ڪار ساز واقعي جي مڪمل تحقيقات ڪيئن ٿي سگهندي۔

محترمه بينظير ڀٽو اها واحد اڳواڻ هئي جنهن سان عوام دلي محبت ۽ عقيدت ڪندڙ هو. ڇو ته هوءَ پنهنجي پيءُ وانگي عوام سان مخلص ۽ سندن دردن جو درمان هئي، ان ڪري سندس جلسن ۾ عوام جي پيهه رهندي هئي۔ هوءَ واقعي چئني صوبن جي زنجير هئي، هر سياسي اڳواڻ صرف عورت سمجهي سندس عزت نه ڪندو هو، پر هڪ بهترين سياستدان ۽ عوام جي بهتر مستقبل جي ضامن طور پنهنجو پاڻ مڃرايو هئائين۔ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ملڪ اندر ڄڻ ته سياست جهنگ جو قانون بڻجي وئي آهي ۽ جمهوريت پٽڙيءَ تان لهي وئي آهي۔ ڪوبه پاڻ کي ڪنهن پارٽيءَ جو سڏرائيندي خوف ٿو کائي۔ پيپلز پارٽي جنهن کي عوام پنهنجو همدرد ۽ ڀلائي وارو سمجهندو هو هن وقت دلي طور مايوسيءَ جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو. خود مرڪزي قيادت 18 آڪٽوبر واري واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان همدردي نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مسلسل سندن پارٽي اقتدار جون واڳون پاڻ سنڀالي رکيون آهن پوءِ به عوام بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پارٽيءَ جا نعرا “روٽي ڪپڙا ۽ مڪان” کي عملي جامو پارائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي، جنهنڪري عوام جي همدردي ساڻس هئي، پر موجوده دور ۾ سندس پارٽي عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جيڪا غريبن جي پارٽي سڏبي هئي ان تي رئيس، وڏيرا ۽ جاگيردار قبضو ڪري ويٺل آهن. جنهن سان عوام جو جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي. هيءَ واحد جمهوري پارٽي اقتدار جي نشي ۾ غير جمهوري پارٽي بڻجي وئي آهي هر فيصلو عوام مٿان مڙهيو وڃي ٿو. ڪنهن دوست جي بقول موجوده وقت ۾ پيپلز پارٽي اندر ھر ماڻھو ٻئي ماڻھوءَ کي پنھنجو بنائڻ جي چڪر ۾ آھي، پر پارٽي يا نظريي کي ڪوبه پنھنجو نٿو سمجھي، جنھن ڪري سينيئر ۽ نظرياتي ورڪر مايوس آھن، جنھن جا اثر تڏھن ڏسڻ ۾ اچن ٿا جڏھن اسٽيبلشمينٽ پنھنجو آشيرواد جو ھٿ پارٽي تان پوئتي ھٽائيندي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ڌرتيءَ جي خود مختياري، وسيلن جي مالڪي ۽ سر زمين جي وارثي لاءِ پُر امن جدوجهد ڪندڙن مٿان مارشل لا وارو تشدد ڪري سندن مٿان دهشتگرديءَ جا ڪيس ڪرائي خوف ۽ حراس ڦهلائي خاموش ڪرائي ٿي. آئين ۽ قانون جي ڪابه پاسداري نٿي ٿئي. وڏيرن ۽ سردارن جي ذريعي دلالي ڪرائي وڃي ٿي۔ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون ڪراچي ۽ ٻين ميگا رهائشي اسڪيمن جي حوالي ڪري عياشيون ڪري رهيا آهن. سموري سنڌ بالخصوص ملير ۾ صدين کان آباد ڳوٺاڻن کي پنهنجي زمين بحريا ٽائون ڪراچي کي وڪرو ڪرڻ لاءِ پوليس جي معرفت دهشتگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس ڪرائي انهن کي زمينون وڪڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وسيلن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. هاڻي وري سنڌو درياهه مان 9 ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي۔ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي اها روش رهي ته عوام بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو۔ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي پارٽي آھي، جنھن جي آبياري پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن پنھنجي رت سان ڪئي آھي۔ ھڪ وقت اھڙو به آيو جو پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت کان ويندي ضلعي قيادت تائين جنرل ضياءُ ۽ جنرل مشرف آمر جي ڊپ کان ٻِرن ۾ لڪي ويھي رھي ھئي، تڏھن پارٽي ورڪرن ھر ظلم ستم عقوبتون صعوبتون برداشت ڪري پارٽي کي سنڀالي ورتو ھو، انھن رت جا ريج ڏيئي پنهنجي قيادت ۽ پارٽيءَ کي بچايو، ان ڪري موجوده پيپلز پارٽيءَ کي ماضيءَ جي ورقن ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ته جيئن عوام ساڻن دلي محبت ڪري ۽ بانين سميت ڪار ساز جي شهيدن جا روح خوش ٿين.