بلاگنئون

ڪوريا جي راڄڌاني سِيول ريلوي اسٽيشن جي تاريخي اهميت ۽ زميني جنت جي دلڪش نظارن جو مشاهدو

اڳوڻو سيول اسٽيشن جنهن کي سائوٿ ڪوريا جو گيٽ وي به سڏيو ويندو هو، جيڪا بلڊنگ هينئر ثقافتي ورثي طور زير استعمال ڪئي وڃي ٿي، جتي فن و تعمير، ثقافت ۽ آرٽ گيلري جا پروگرام ڪيا ويندا آهن. اچو ته ڪلچر سيول اسٽيشن 284 جي باري ۾ ڪجھ معلومات حاصل ڪريون، جيڪا بلڊنگ هينئر ٻي صدي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. حڪومت ڪوريا ڪلچر سيول اسٽيشن 284 کي ثقافتي ورثي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 100 سالن کان هلندڙ ريلوي اسٽيشن هئي. ان جي برعڪس نئين سيول اسٽيشن تعمير ڪئي وئي جيڪا KTX تيز رفتار ريل گاڏي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو باقاعدي افتتاح 2004 ۾ ڪيو ويو ۽ پراڻي سيول اسٽيشن کي مڪمل طور آرٽس بلڊنگ ۾ تبديل ڪيو ويو هو، پراڻي سيول اسٽيشن جي هر ڪمري کي ٻن سالن ۾ ثقافتي ورثي جي حساب بڻايو ويو، تعميراتي لحاظ ۽  ڊيٽا جي بنياد سان ان کي تاريخي اهميت حاصل آهي. ثقافتي واقعن جهڙوڪ: نمائشون، پرفارمنس، تعليمي پروگرامن، ڊراما ۽ ڪانفرنسن جي ميزباني لاءِ جڳھ کي ٻيهر طرز تعمير ڪيو ويو. هر ڪمري جا ٻه ٻه نالا رکيا ويا هئا، نوآبادياتي دور جو ۽ ٻيو آزاديءَ کانپوءِ واري دور مطابق آهي. ثقافت سيول اسٽيشن 284 جنهن کي اڳوڻو سيول اسٽيشن سڏيو وڃي ٿو. ثقافت، راندين ۽ سياحت واري وزارت پاران اسپانسر ڪيل نالي جي مقابلي ۾ وڏو انعام به حاصل ڪيو هو ۽ نئون نالو سيول جي شهري علامت ۽ عمارت جي رجسٽريشن نمبر کي تاريخي ماڳ ۾ ضم ڪري ٿو. 284 سيول اسٽيشن هڪ جڳھ ذريعي شهري توسيع جو هڪ نئون محور بڻجي چڪو آهي، جنهن سان سيول اسٽيشن جي تاريخي صلاحيت کي تمام گھڻي پذيرائي ملي ٿي. نئين ثقافتي ملڪيت ۽ ثقافتي جڳهن ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۽ اها سيول اسٽيشن جي چوڌاري شهري نظارن کي نمايان ڪري ٿي. ڪلچر سيول اسٽيشن 284 تاپوجانچي جي ميزباني ڪري ٿو ۽ بين الاقوامي ٽائپوگرافي بيننال 2001 کان منعقد ڪئي وئي آهي. 2021 جي تقريب ۽ ڪم جي بناء تي شامل عمل آهي، جنهن ۾ لي ميجو جو شامل هجڻ سان سيول اسٽيشن 1900ع ۾ نمڊيمون سيول اسٽيشن جي طور تي شروع ڪيو ويو هو ۽ موجوده ڍانچو 30 سيپٽمبر 1925ع تي مڪمل تيار ڪيو ويو آهي. نمڊيمون سيول اسٽيشن هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي اڏاوت سان تيار ٿيل هئي، گيونگ سيونگ اسٽيشن جيڪا اصل ۾ سيول اسٽيشن جي نالي سان مشهور هئي. جيڪا تمام وڏي پيماني تي تيار ٿيل عمارت هئي. 20 صدي جي شروعات ۾ ٺهيل هي عمارت ٻين اسٽيشنن جي مقابلي ۾ خاص طور تي شاندار ۽ نفيس تعميراتي شاهڪار هئي، جنهن مان ان جي اهميت ۽ سونهن صاف ظاھر ٿئي ٿي. نمنجو ريلوي ڪمپني لميٽيڊ سيول اسٽيشن جي تعمير ڪم جي تمام ذميواري کنئي هئي. جاپان جو ارادو هو ته ڪوريا جي جزيرن ۽ منچوريا اقتصادي استحصال ۽ نوآبادياتي مارڪيٽ جي ترقي لاءِ هڪ واحد ٽرانسپورٽ ڪمپني ۾ ضم ڪيو وڃي ته جيئن ڪورين جزيرن تي سڀ مکيا ريلوي لائينون سيول سان ڳنڍيل هجن، ان مان واضح ٿئي ٿو ته جديديت جو مرڪز سرمائيدار 20 صدي جي شروعات کان جاري ريلوي اسٽيشنون جيڪي ٻاهرين جي حملن ۾ تباھ ٿي چڪيون هيون انهن جي ٻيهر بحالي جو ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪورين عوام جي اميدن ۽ قربانين کي نظر ۾ رلندي جديد ملڪ طور ٺاهيو وڃي. سيول اسٽيشن پهرين کليل جڳھ هئي جتي ماڻهو آزادي جي خوشي جو جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. سيول اسٽيشن جيڪو 1950 ۾ جنگ جي دوران ناڪاره ٿي ويو هو، سو ڪوريا جي تاريخ ۾ سيول اسٽيشن تاريخي حيثيت رکي ٿو. سيول جي شهرين جي ترقي لاءِ زميني ريلوي ٽريفڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو ته جيئن سيول اسٽيشن کي سب وي ريلوي جو مرڪزي اقتصادي ترقي جو محور بڻايو وڃي. سيول ريلوي اسٽيشن ڪورين زميني ترقي ۾ تمام گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. اسٽيشن جي سامهون جديد پلازا ڪلچر جي شروعاتي نقطي طور ڪم جي مهارت جو چٽو ثبوت آهن، سيول اسٽيشن ڪوريا جي ترقي جو گواھ آهي ۽ ڪوريا جي ماضي ۽ جديد تاريخ جو دستاويزي ثبوت به پڻ آهي، ريلوي اسٽيشن شهري بنيادي ڍانچي جي واضح عڪاسي ڪري ٿو، جنهن جو نيٽ ورڪ صنعتن سان پڻ مضبوطي سان ڳنڍيل آهي. ريلوي نظام پهريون ڀيرو ڪوريا ۾ 20 صدي جي شروعات ۾  متعارف ڪرايو ويو هو. ريلوي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ جديد ٽڪيٽ بوٿ لڳل آهن ۽ ان کان علاوه ٽڪيٽ ڪارڊ کي سماجي سهولت جي اهميت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ريلوي اسٽيشن کي جديد سماجي حيثيت جو مرڪز بڻايو ويو آهي، جنهن مان توهان ۽ اسان سڌو سنئون سماجي تبديلي جو تجربو ڪري سگهو ٿا. پراڻي سيول اسٽيشن جي ٻي منزل تي گرل ڪوريا جو پهريون مغربي ريسٽورينٽ قائم ڪيو ويو آهي. پهريان اهو عام ماڻهن بجاءِ پراڻي هوٽل جي برعڪس هو جيڪو عام طور تي پرڏيهين لاءِ هوندو هو. ڪوريا حڪومت طرفان 1980 جي ڏهاڪي تائين هلايو ويو ۽ ساڳئي هنڌ ان جي اصل شڪل برقرار رکي وئي. پراڻي سيول اسٽيشن جي بند ٿيڻ کانپوءِ اهو ساڳئي نالي سان نئين اسٽيشن تي قائم ڪيو ويو ۽ 30 نومبر 2021  تي ان کي مڪمل بند ڪيو ويو. جاپاني گورنمينٽ جنرل آف ڪوريا جي آفيسرن سان گڏوگڏ جديد ڇوڪرا ۽ جديد ڇوڪريون نوآبادياتي دور ۾ گرل جا مکيا گراهڪ هوندا هئا. آزاديءَ کانپوءِ اعليٰ عهديدار ۽ مشهور اداڪار به گرلجي مکيا گراهڪن ۾ شامل هئا. 1980 جي ڏهاڪي تائين اهو سيول جو سڀ کان وڌيڪ شاندار ۽ نفيس کاڌي پيتي جو مشهور هنڌ رهيو آهي. گرل جي پراڻي عمارت ھاڻي ھڪ نمائش ھال ۾ تبديل ٿي چڪي آھي، جنهن کي تاريخي سڃاڻپ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. 2018 ۾ ونٽر ڪافي ڪلب، نمائش حقيقي ڪيفي ۾ شامل آهن، جيڪي ڪافي وچولي طبقي ذريعي ڪورين جديد ڪلچر کي متعارف ڪرائي رهيا آهن ۽ ريلوي ٽرانسپورٽ آفيس آر ٽي او هڪ فوجي سهولت جي اهميت رکي ٿي جيڪا آمريڪي فوج پاران ڪورين جنگ دوران آمريڪي فوجن ۽ اتحادي يونٽن جي سپاهين جي سامان جي منتقلي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. هن وقت آرٽس پرفارمنس ۽ ڪانفرنس سٽي هال طور لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو RTO 365 پروگرام 2021 ۾ شروع ڪيو ويو جنهن سان ڪوريا جي هر علائقي مان شيون ۽ ورثو گڏ ڪري روايتي دستڪاري، قدرتي منظر، ٻوليون، گيت ۽ موسيقي ساز شامل آهن. سيول اسٽيشن فن تعمير جو هڪ عام نمونو آهي جيڪو عوام سان نامياتي تعلق پيدا ڪري ٿو. ڪلچر اسٽيشن سيول 284 اڳوڻي ريلوي اسٽيشن جي سڃاڻپ جي بنياد تي تاريخ، ثقافت، خلا، تشريح ثقافت ۽ آرٽ نيٽ ورڪ طور ٺاهي وئي آهي. عام طور تي ثقافتي تفريحي جڳھ جي طور تي بحال ڪيو ويو آهي، روزمره جي زندگيءَ ۾ آرٽ کي فروغ ڏيڻ ۽ سيول ڏانهن ٻاهرين ملڪن جا فنڪارن ۽ سياحن جي شموليت ۽ رابطي جو آسان مرڪز به آهي. 2020 ۾ نئين دريافت جي سفر جي نمائش ۾ ان کي اهم ورثي جي حيثيت حاصل آهي. آرٽسٽ ڪيم سيويون جي پلانٽ سيريز ۽ من موهيندڙ نظارن جو به مرڪز آهي جتي هر وقت لکين پرڏيهي توڙي ڪورين جو هجوم هوندو آهي دلڪش ميوزڪ ۽ آرٽس پروگرام روزاني جو معمول بڻيل آهن. جنهن هڪ دفعو سيول ڏٺو سمجهو ته ان قدرتي دلڪش نظارن ۽ زميني جنت جو مزو ماڻي چڪو آهي.