ايڊيٽوريل

صحافين تي ٿيندڙ ڏوهن جي خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

            2 نومبر 2024ع تي پوري دنيا جي صحافين خلاف ٿيندڙ ڏوهن خلاف عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ صحافين جو اغوا، قتل، موت مار ڌمڪيون ۽ انهن جي ملڪيتن تباهه ڪرڻ جهڙا ڏوهه شامل آهن. دنيا جي حڪومتن کي ٻڌايو ويو ته صحافين جي زندگين جو ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي.

            پاڪستان ۾ پڻ اهو ڏينهن ملهايو ويو. صحافي جو ڪم خبر کي عالم جي اڳيان آشڪار ڪرڻ آهي. پوءِ اها خبر ڪنهن جنگ جي هجي، دهشتگردي جي هجي، پڪي ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جي هجي ان خبر کي ميڊيا جي ذريعي پڌرو ڪيو ويندو آهي. ان جي لاءِ صحافي پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهي واقعن وارن هنڌن تي پهچي سڌي ريت ڪوريج ڪندا آهن. پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ هاڻي سوشل ميڊيا اهو ذريعو آهي جنهن سان پوري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي وائکو ڪيو وڃي ٿو. ظاهر آهي اهي قوتون جيڪي ڏاڍايون ڪن ٿيون اهي انهن خبرن مان خوش نه ٿينديون آهن ۽ انهيءَ جي پاداش ۾ صحافين جي مٿان ظالماڻن ڏوهن جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ڪنديون آهن ۽ اهو ڪم پوري دنيا ۾ هلندڙ آهي. سڄي دنيا ۾ ڪيترائي صحافي مختلف طريقن سان مختلف خبرن ڏيڻ جي قتل ٿي چڪا آهن، ڪيترن کي اغوا ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ کين تاوان وٺي آزاد ڪيو ويندو آهي. ڪيترائي صحافي اهڙن حملن ۾ زخمي ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي صحافين جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آهي. هن وقت جيڪا فلسطين ۾ جنگ هلي رهي آهي انهيءَ ۾ پڻ ڪيترائي صحافي اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. يوڪرين ۽ روس جي جنگ دوران رپورٽنگ ڪرڻ دوران به ڪيترائي صحافي پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن. افغانستان ۾ پڻ اهڙن صحافين جو وڏو انگ موجود آهي. جڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۾ نظر ڦيرايون ٿا ته اتي به اسان کي صورتحال ڪا بهتر نظر نٿي اچي. اهي صحافي ڀلي وڏن ٽي. وي چئنلن جا هجن يا مقامي اخبارن جا هجن. ايستائين جو انهن کي ملڪ کان ٻاهر وڃي به ماريو وڃي ٿو. ارشد لطيف جو مثال اسان جي سامهون آهي. وري جڏهن سنڌ ۾ نظر ڦيرايون ٿا ته ڪيترائي صحافي صرف ان ڏوهه ۾ مارجي ويا آهن جو انهن حقيقي خبرون ڏنيون آهن جن جي ڪري سندن حياتيون کسيون ويون آهن. عزيز ميمڻ، نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جهڙا کوڙ سارا نالا انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن. صحافي هڪ ئي وقت ٻن باهين کي منهن ڏيئي رهيا آهن، مافيا جي خلاف رپورٽنگ ڪري ٿو ته اها سندن دشمن ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ اسمگلر، هٿيارن جا واپاري، منشيات فروش شامل آهن. جڏهن انهن جي خلاف خبرون هلنديون آهن ته اهي صحافين کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماري ڇڏيندا آهن. دهشتگردن جي نشاني تي پڻ صحافي هر وقت هوندا آهن. اهي دهشتگرد ڌاڙيلن جي روپ ۾ سنڌ جي ڪچي جي اندر موجود آهن، اهي به صحافين جا دشمن ٿي ويندا آهن. اهي ته آهن غير قانوني دشمن، پر قانوني دشمن به جام آهن. جيڪڏهن سردار، مير پير جي خلاف ڪا خبر لڳي وئي ته ان صحافي جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي. سسٽم پڻ انهيءَ سڄي چڪر جو سهولتڪار بڻيل نظر ايندو آهي، پوليس آفيسر يا ڏاڍي سرڪار بلڪل به نه چاهيندا آهن ته انهن جي باري ۾ حقيقت تي مبني ڪا خبر شايع ٿئي جيڪا سندن مفاد ۾ نه هجي، جنهن جو کين جواب ڏيڻو پوي، ان ڪري اهي پڻ صحافين کي مختلف حيلن بهانن سان ڌمڪائيندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن لالچن جي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندا آهن.

            هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد صحافين جي پاڻ ۾ ٻڌي جو اظهار آهي ۽ دنيا جي طاقتور حڪومتن ۽ ماڻهن کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته صحافين جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن جو خاتمو آندو وڃي. صحافي وٽ پنهنجي بچاءُ جي لاءِ هٿيار ناهي. هن وٽ ته يا قلم يا مائڪ جو سهارو آهي. پوءِ قلم ۽ مائڪ کان ڏاڍا ماڻهو ان ڪري ڊڄن ٿا، ڇو ته جيڪڏهن سندن خبرون عوام تائين پهچي وينديون ته کين پهريل ڪوڙي پوشاڪ لهي پوندي ۽ انهن جو اصل چهرو ظاهر ٿي پوندو.