ايڊيٽوريل

مالي سال 24-2025 جو وفاقي بجيٽ

وفاقي وزير خزانا نئين مالي سال لاءِ 18 هزار 877 ارب جو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو. بجيٽ جا ٻه اهم پاسا آهن، هڪ ته ملڪ جي تاريخ جو اهو خرچ ۽ خدمتن جي سلسلي ۾ مالي لحاظ کان وڏو بجيٽ آهي ۽ ٽيڪس جي وصوليءَ جو ٽارگيٽ به ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي هيستائين جو وڏو ٽارگيٽ آهي. ٽيڪس جي وصولي 13 هزار ارب رپيا رکي وئي آهي.
انهيءَ کان اڳ وزير خزانا ملڪ جو اقتصادي سروي پيش ڪيو، جيڪو مالي سال 23-2024 متعلق آهي. اقتصادي سروي پيش ڪندي وزير خزانا چيو ته مهانگائي جي شرح 48 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو تائين آئي آهي. هلندڙ مالي سان ۾ اسين مهانگائي کي سنگل ڊجيٽ تي کڻي اينداسين. مهانگائي ۾ گهٽتائي جي ڪري ئي اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح کي گهٽايو آهي. وزير خزانا چيو ته اسان وٽ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو پلان ئي نه هو، آءِ ايم ايف وٽ نه وڃون ها ته اڄ ٽارگيٽ جو تعين نه ڪري سگهون ها. گذريل مالي سال ۾ اسين ڊفالٽ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هئاسين، اسان وٽ صرف ٻن هفتن جي ايڪسپورٽ جي برابر پرڏيهي ناڻو بچيو هو، ڪوششن سان اسين انهيءَ صورتحال مان نڪري وياسين. جڏهن ته سڀني کي ياد هوندو ته انهيءَ وقت پاڙيسري ملڪ سريلنڪا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيو هو. اسان جي معاشي ماهرن ڪوششون ڪيون، ملڪ جي عوام مهانگائي کي سٺو، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ساٿ ڏنو ته اسين مشڪل صورتحال مان نڪري وياسين. هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي گروٿ ۾ وڏين صنعتن جو ساٿ گهٽ رهيو، زراعت جي شعبي سٺو ڪردار ادا ڪيو، لائيو اسٽاڪ به بهتر رهي. اسين اهو سمجهون ٿا ته زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ اهڙا شعبا آهن جيڪي اسان جي معيشت کي هلائي رهيا آهن. وفاقي وزير خزانا کولي ڳالهه ڪئي ته زراعت اسان جي معيشت جو سڀ کان وڏو ۽ اهم شعبو آهي. هن دفعي سڀ فصل ڀلا ٿيا آهن، پر چانورن جي بمپر فصل جو وڏو حصو ايڪسپورٽ ڪري اسان ٻاهريون ناڻو ڪمايو آهي، جنهن جي اسان کي ضرورت آهي. هن اهو به چيو ته اسان جي ملڪ ۾ امپورٽيڊ سامان جي ڪري مهانگائي جو وڏو اثر آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجون ٻاهريون گهرايل شيون گهٽائڻيون پونديون ته جيئن اسين پرڏيهي ناڻو بچائي سگهون. جيئن ته مالي سال 24-2025 جو بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيئن اسان ابتدا ۾ ڳالهه ڪئي ته انگن اکرن ۾ اهو ملڪ جي تاريخ جو وڏو بجيٽ آهي ۽ ٽيڪس جي وصوليءَ جو ٽارگيٽ به اڳي کان وڌيڪ آهي. جي ڊي پي جو ٽارگيٽ 3.6 تجويز ڪيو ويو آهي. جيئن ته بجيٽ جي قومي اسيمبليءَ مان منظوريءَ تائين قومي اسيمبلي جي ميمبرن پاران ڪٽوتي جون ڪيتريون ئي تحريڪون اينديون ۽ سرڪار مختلف انگن اکرن ۽ هدفن تي نظرثاني ڪري انهن کي گهٽ وڌ ڪندي. هتي اسين عام عوام جي ڀلائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڳالهه ڪنداسين. انهيءَ پروگرام ۾ 27 سيڪڙو رقم جو اضافو ڪيو ويو آهي. هاڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 593 ارب رپين جو آهي. انهيءَ سان گڏ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 25 سيڪڙو تائين اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي. پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. اسين سمجهون ٿا ته اهو موجوده بجيٽ وچٿرو آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ريئل اسٽيٽ ۽ مارڪيٽ جي عام ڪاروبار جي ڪاروبار تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. تعليم ۽ صحت جي شعبن کي اوليت ڏني وئي آهي. وفاقي وزير خزانا نجڪاري متعلق ڳالهائيندي چيو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جا معاملا هن ئي سال جولاءِ ۽ آگسٽ تائين ڏسي وٺنداسين. ڪلهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير خزانا بجيٽ پيش ڪيو ۽ اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ تيزيءَ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. 100 انڊيڪس ۾ 28 سئو کان وڌيڪ پوائنٽ جو اضافو ٿيو آهي.
اسين ملڪ جي وزيراعظم ۽ وزير خزانا کي مشڪل معاشي سياسي چئلينجن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي جس ڏيون ٿا. اسين اهو سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت عام عوام کي بنيادي سهولتون ڏئي انهن جو معيار زندگي بهتر بڻائي ۽ زرعي شعبي تي توجهه ڏئي ۽ سڄي پاڪستان ۾ ننڍن آبادگارن کي سهولتون ڏئي زراعت کي بهتر بنائڻ جا جديد پروگرام آندا وڃن ته ملڪ خوشحال ٿي سگهي ٿو، پوءِ ماڻهو به خوشيءَ سان ٽيڪس ڏيندا. اسين ملڪ جي ترقي ۽ عام ماڻهو جي زندگين ۾ سولائي لاءِ وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن مان پراميد آهيون.