سنڌ ڌرتي جون ڪي شخصيتون پنهنجي علم و دانش ۾ مالا مال هونديون آهن، اهڙيون شخصيتون پنهنجو نالو ڪمائي سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪنديون آهن. منهنجي پروفائل جي هيءَ شخصيت به قدرتي نعمتن ۽ صلاحيتن سان نوازيل هڪ علمي، ادبي ۽ مصوري جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪندڙ شخصيت آهي، جنهن جو نالو سنڌ جي ڌرتي تي فخر سان کنيو ويندو آهي. اهڙا بي شمار نالا آهن جنهن تي سنڌ جي سر زمين کي فخر حاصل آهي، انهن مان هڪ نالو “سيده شگفته شاهه ڪاظمي” جو به آهي، جنهن جو نالو سنڌ ڌرتي جي علمي، ادبي ۽ مصوري جي ميدان ۾ آسمان تي چوڏهين جي چنڊ ۽ ڪهڪشائن ۾ چمڪي رهيو آهي، سندس نالو ئي سندس تعارف آهي.
مٽياري جي ساداتن جو مشهور نالو “سيد غلام رسول شاهه” کي ڪير نه سڃاڻي، جيڪو پنهنجي تر جو وڏو زميندار به رهيو. سنڌ مدرسي ڪراچي مان قانون ۽ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪئي. ڏسندي ئي ڏسندي هو سنڌ جي نالي وارن وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، سائين حيدرآباد “سنڌ لا ڪاليج” جو ليڪچرار ٿيو بعد ۾ انهيءَ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو ۽ ڊين فيڪلٽي آف لا جي حيثيت سان رٽائر ٿيا ۽ سندس والده جو تعلق بلڙي شاهه ڪريم جي گادي نشين ساداتن سان هو، انهن جي گهر هڪ نياڻي 24 اپريل 1965 حيدرآباد ۾ جنم وٺي ٿي، جنهن جو نالو “شگفته” رکيو ٿو وڃي اهڙيءَ طرح سندس پورو نالو “سيده شگفته شاهه ڪاظمي” آهي، جنهن کي گهر ۾ پيار جي نالن شگي، شگني ۽ شگنا جي نالي سان به سڏيو ويندو هو.
شگفته شاهه جي تعليمي ڪيريئر تي نظر ٿي وجهجي ته هن شروعاتي تعليم محمدي اسڪول گاڏي کاتو حيدرآباد مان، ڪلاس ٻئين کان ڇهين تائين گورنمينٽ سنڌ انگلش ٽيچنگ اسڪول ويجهو گول بلڊنگ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. اهڙي طرح ڪلاس ستين کان ميٽرڪ تائين گورنمينٽ حمايت الاسلام گرلز هاءِ اسڪول تلڪ چاڙهي حيدرآباد، جڏهن ته انٽر 1984 ۾ گورنمينٽ زبيده گرلز ڪاليج هيرآباد حيدرآباد مان ڪيو، گريجوئيشن 1986 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت ۾ 1993 ۾ ڪئي۔ 1997 ۾ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽي جي آف ڪيمپس پروگرام تحت اولڊ ڪئمپس مان حاصل ڪئي ۽ انگلش ۾ ڊپلوما 2000عPACC ۾ پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۽ 2001 ۾ ايم ايڊ جي ڊگري سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آف ڪيمپس پروگرام تحت حاصل ڪئي.
تعليم جو شاندار ڪيريئر حاصل ڪندڙ شگفته شاهه ڪاظمي 1986 کان استاد جي حيثيت سان درس و تدريس جو شعبو منتخب ڪيو ۽ پرائيويٽ توڙي سرڪاري ۽ خود مختيار اداري ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت هوءَ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گرلس سيڪشن ۾ وائيس پرنسپل آهي.
سندس چوڻ موجب آئونborn artist آهيان، منهنجي ڊرائنگ پرائمري اسڪول جي دور کان سٺي هئي، ان ڪري اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر منهنجي حوصلا افزائي ڪنديون هيون ۽ وئڪيشن ۾ تصويرون ٺاهڻ منهنجي وندر هوندي هئي.
هن وقت جي انتهائي ذهين ۽ بهترين مصوره شگفته شاهه جنهن مصوري جي ميدان ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي، هن جي چوڻ موجب انٽر ڪرڻ کانپوءِ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پاران “شاهه لطيف جي شاعري تصويرن جي آئيني ۾” جي عنوان سان ڪرايل سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ تصويرن جي نمائش ۾ حصو ورتو ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 500 رپين جو ڪيش انعام شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ ان وقت جي گورنر جي هٿان مليو. ان بعد آرٽ کي سنجيدگي سان ورتو ۽ 1986 ۾ منهنجي تصويرن جي سولو نمائش مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي، ائين بعد ۾ سولو ۽ ڪيئي گروپ نمائشون به ٿيون.
شگفته شاهه وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته مون ڪنهن به اداري مان يا ڪنهن به ماڻهو کان سکيا نه ورتي آهي، آئونSelf thought artist آهيان البته مون کي باقائده سکيا وٺڻ جو شوق هو، پر وقت ۽ حالتن سبب اها خواهش پوري ٿي نه سگهي، ان دور ۾ حيدرآباد ۾ آرٽ جي سکيا لاءِ شام جا ڪلاس نه هئا يا مون کي ڄاڻ نه هئي.
مصوري نه منهنجو پروفيشن آهي نه شوق بلڪه عشق آهي، پر جيئن ته منهنجو پروفيشن تعليم ۽ تدريس آهي ان ڪري ان جي ذميوارين سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آرٽ کي وقت ڏيئي نه سگهي آهيان، ان جو تمام گهڻو ڏک آهي.
مصوري سان عشق ۽ چاهه رکندڙ ادبي دنيا جي کيتر ۾ “شگفته شاهه” جي ادبي نالي سان پير پائيندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان (1991 کان 1993 تائين) ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ فيچر لکڻ سان ڪئي، پوءِ ادبي مخزنن ۾ لکيو، هن وقت تائين سنڌ جي هر ننڍن توڙي وڏن رسالن، ميگزينن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. 1990 واري ڏهاڪي ۾ شاندار ڪهاڻيون عبرت ميگزين جون زينت بڻجنديون رهيون.
مٿين ڪتابن کانسواءِ سندس شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم ٻيو مواد مختلف رسالن، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي روز جي بنياد تي زينت بڻجي رهيا آهن. سنڌ جي انتهائي قداور ليکڪا شگفته شاهه جنهن ادب جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي، هوءَ چوي ٿي ته منهنجي سڃاڻپ جو حوالو پهرين مصوري پوءِ ليکڪا ۽ ريڊيو ڪمپيئر طور آهي. شگفته شاهه پسنديده شاعرن ۾ شاعرن جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پسنديده نثر نگارن ۾ الطاف شيخ ۽ امر جليل کي پسند ڪري ٿي. پسنديده ڪتابن ۾ شاهه جو رسالو، تاريخ ۾ پسنديده هستين ۾ پيغمبر اسلام “رسول ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم”، جن کان پوءِ “حضرت علي عليه السلام” کي پسند ڪندڙ. نيم تاريخي شخصيتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي پسند ڪندي شگفته شاهه چوي ٿي ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ وري ڪو ليڊر پيدا ئي نه ٿي سگهيو آهي، پر کيس سياست عذاب ٿي لڳي. سنڌ جي نالي واري مصوره ۽ ليکڪا کي موسيقي جي دنيا ۾ عابده پروين، نصرت فتح علي خان ۽ ٽينا ثاني پسند آهن. خوشبوئن جي دنيا ۾ کيسAzzaro جي خوشبوءِ، موسمن ۾ بهار ۽ پن ڇڻ جي موسم، پهرن ۾ سج لهڻ واري پهر کي وڻندڙ پهر، رنگن ۾ سندس دل جو پسنديده رنگ ميرون آهي.
ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت تخليق انسان جي تخليق سمجهي ٿي۔ پنهنجو پاڻ بابت پاڻ کي ئي وڏو نقاد سمجهندڙ پنهنجي تعريف بابت چوي ٿي ته واقعي تعريف سچي هجي ۽ خوشامد نه هجي ته دل کي وڻي ٿي. نفرت ۽ منافقت کي انساني دل تي بار ٿيندڙ خاميون سمجهي ٿي. ماءُ ۽ پيءُ جي وڇوڙي کي زندگي جو وڏو غم ۽ وڏي خوشي پنهنجن مرڪن کي سمجهي ٿي، جڏهن ته پيار کي وجود جي ۽ عشق کي روح جي سگھ سمجهي ٿي. پنهنجين خواهشن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين، الله سائين بنا ڪنهن خواهشن جي اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجھ ڏنو آهي جو ڪا خواهش ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهي.
الله جي ياد، بندن سان پيار ۽ انهن جي خدمت الله جي وڏي عبادت سمجهندڙ شگفته شاهه کي زندگي کان ڪا شڪايت ڪونهي ۽ موت کي هر ڪنهن جي آخري منزل (ڪڏهن ڏکن جو انت ته ڪڏهن سکن جو انت) سمجندڙ هن عظيم ۽ قداور ۽ بهترين شخصيت جي مالڪه، بهترين مصوره ۽ ليکڪا کان پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته پنهنجي پيغام ۾ شاهه سائين جون هي سٽون چيائين:
سپت ڀريا سپرين! ڪپت ڪيم ڪريو
ٿوري گهڻين ڏينهنڙي، ماڻهو وڃن مريو
تيسين قرب قرب ڪريو،
جيسين جيئرا آهيون جهان ۾۔
سنڌ جي بهترين ۽ انتهائي ذهين، استاد، مصوره، ليکڪا شگفته شاهه جنهن هر ادبي توڙي سماجي کيتر ۾ پاڻ ملهائي، پنهنجو نالو روشناس ڪرايو آهي. پڙهندڙن کي سندس ايندڙ ڪتابن جو بيچيني سان انتظار رهندو. سنڌ جي بااخلاق مدبر شخصيت جنهن هميشه عزتون ڪمايون آهن ۽ عزتون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ مان به دعا ڪندس ته سندس نالو افق تي روشن ستارن ۽ چوڏهين جي چنڊ جيان سدائين چمڪندو رهي، سندس ادبي توڙي مصوري واريون خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکبيون رهن. سندس نالو سدائين سنڌي ادب جي تاريخ ۾ روشن رهي ۽ سندس زندگي سدائين مهڪندي، مرڪندي ۽ شاد و آباد رهي، سنڌ جي ڌرتي توهان تي فخر ڪري ٿي.