ڪالهه 09 نومبر علامه اقبال جي جنم ڏهاڙي دهشتگردن ڪوئٽا ۾ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ڌماڪو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ريلوي اختيارين موجب جعفر ايڪسپريس کي 9 وڳي پشاور جي لاءِ روانو ٿيڻو هو، ٽرين پليٽ فارم تي به نه لڳي هئي ته اوچتو ڌماڪو ٿي ويو، ڌماڪو ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر جي ڀرسان ٿيو آهي. ڪوئٽا جي ڪمشنر محمد حمزه شفقات تصديق ڪندي چيو آهي ته ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪو آپگهاتي هو، آپگهاتي بمبار سامان سميت ريلوي اسٽيشن ۾ داخل ٿيو، اهڙي ڪنهن به شخص کي روڪڻ مشڪل هوندو آهي جيڪو آپگهاتي حملي جي لاءِ ايندو آهي. ايس ايس پي آپريشن موجب ڌماڪو انهيءَ وقت ٿيو جڏهن مسافرن جو وڏو انگ پليٽ فارم تي موجود هو. ڌماڪي ۾ ريلوي پوليس جا 2 اهلڪار به زخمي ٿيا آهن جن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل غلام رسول جمالي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ڀورل خان شامل آهن. ٻئي طرف سول اسپتال ڪوئٽا جي ڊاڪٽر نورالله موجب اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. طبي امداد جي لاءِ اضافي ڊاڪٽرز ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض ڌماڪي ۾ عورت سميت 24 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث عناصرن تائين پهچي چڪا آهيون، صوبي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن. ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث دهشتگرد گرفتار ٿي چڪا آهن بلوچستان مان دهشتگردن جو نالو نشان ختم ڪري ڇڏينداسين. ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر دھشتگرديءَ جون وڌندڙ وارداتون ضرور هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيون آهن جن خلاف ڀرپور ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، گذريل ڏينهن اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته دهشتگردي روڪ ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، بل تحت حڪومت ۽ سول آرمڊ فورسز کي 3 مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته هي بل آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي جي سرگرمين ۾ واڌ ٿي آهي، حڪومت کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته اها ڇو ناڪام رهي آهي. هن مطالبو ڪيو هو ته پارليامينٽ جي ان ڪيمرا اجلاس ۾ دهشتگردي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. سندس موجب 2014 ۾ دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ اهڙيون ترميمون ڪيون ويون، ڇا ان سان جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ بهتري آئي؟ ڇا انهن حراستن ۽ انڪوائرين سان دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سزا جي شرح وڌي هئي؟ 2014 جي ترميمن سان گم ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي؟ نئين تجويز ڪيل ترميم حڪومت ۽ هٿياربند فوج کي ڪنهن فرد کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏئي ٿي، اها آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي روڪ ايڪٽ جو ماضي ۾ غلط استعمال ٿيندو رهيو آهي. مطلب ته سينئر سياستدان به اهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور سگهه سان مقابلو ڪرڻ گهرجي رڳو سکڻي قانون سازيءَ سان مسئلا حل نه ٿيندا، ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي پنهنجو ڪردار اپنائڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اها دهشتگردي ملڪ کي وڏو هاڃو رسائيندي هونءَ به ملڪ ان دهشتگرديءَ ۾ اڳواٽ ئي گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي.