ايڊيٽوريل

پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪسپورٽ ۾ وڏو اضافو

ملڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ وڏو اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. رڳو گذريل مهيني جو رڪارڊ ڏسجي ته ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل انهيءَ ٽيڪنالاجي جي برآمد ۾ واڌ ٿي آهي. جيئن ته موجود عهد جا علم ۽ ترقي جا مختلف شعبا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي بنياد رکن ٿا. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير شزه فاطمه جي طرفان سڌ سماءَ جي ذريعن کي اهو ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي سيڪٽر جي برآمدات ۾ اپريل 2024 ۾ 31 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ ايترو اضافو پهريون ڀيرو ٿيو آهي. گذريل سال اپريل 2023 جي مقابلي ۾ اپريل 2024 جي دوران آءِ ٽي برآمد ۾ اضافو ٿيو هاڻ اپريل 2024 ۾ اهي برآمدات 2.593 ڊالر تائين پهچي ويون آهن. جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ اهو انگ 2.135 ڊالر هو. ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي هڪڙي اڀرندڙ صنعت آهي جنهن مان ملڪ ناڻو ڪمائي رهيو آهي. 

پاڪستان ۾ جيڪڏهن علم جي طور ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي طرف وڃجي ته اهو پهريون دفعو هو جو ملڪ جي هڪ اداري پنهنجي ڪم ڪار ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪيو. سال 1971 ۾ پهريون ڪمپيوٽر ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ترقي پنهنجي ارتقائي عمل ۾ ٿيندي آهي. نه صرف ارتقائي عمل ۾، پر ملڪي حالتون ۽ ادارن جون مالي حالتون ۽ سهولتون ۽ نون علمن جي متعلق ڄاڻ ۽ پاليسيون ان سلسلي ۾ اهم هجن ٿيون. 1971 کان وٺي 1980 تائين پي آءِ اي کانسواءِ ٻيو ادارو حبيب بينڪ هو، جنهن وٽ ڪمپيوٽر موجود هو. 1976 ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۾ پهريون ڪمپيوٽر ڊپارٽمينٽ قائم ٿيو. هاڻ ائين به آهي جو اسان جون يونيورسٽيون ڪمپيوٽر جي پروگرامن تي گريجوئيشن ۽ ماسٽرز پروگرام ڪرائي رهيون آهن. سڄي دنيا سان علم ۾ گڏ وک ۾ وک کڻي هلڻو آهي ته جديد سائنس جو علم حاصل ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي پنهنجي ترقيءَ جي مختلف شعبن ۾ شامل ڪرڻو پوندو. اسان کي تعليم کان وٺي صحت تائين، زراعت کان وٺي صنعت تائين جديد ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺڻو پوندو، اها هڪ حقيقت آهي. جيئن ته ڪمپيوٽر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي شعبن ۾ پاڪستان وک اڳتي وڌائي رهيو آهي. اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته اسان جون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تعليمي شعبي ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي اهميت ڏيئي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 15 هزار انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپنيون آهن ۽ ٻئي پاسي يونيورسٽين ۾، سرڪاري شعبي کان وٺي نجي شعبي تائين هزارين نوجوان انهيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. تحقيق ۽ علم جو اهو جهان جنهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي سڏجي ٿو. پاڪستان به انهيءَ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وڏي جهان ۾ موجود آهي ۽ دنيا ۾ انهيءَ جا سيڙپڪار ۽ درآمد ڪندڙ موجود آهن. 

اسان لاءِ اها ڳالهه خوشي جو سبب آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ اسين اهڙو ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن جا دنيا ۾ خريدار آهن. اهو سڀ ظاهر ڪري ٿو ته ملڪ جي معيشت ان شعبي ۾ ترقي ڪري رهي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جو فائدو اسان جي سماج کي ۽ اسان جي تعليمي نظام کي به ضرور ملي رهيو آهي. انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير محترمه شزه فاطمه سڌ سماءَ جي ذريعن کي اهو ٻڌايو آهي ته انهيءَ شعبي ۾ سرڪار ڌيان ۽ پلاننگ سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ اسين ڪنهن به ملڪ کان پويان نه هونداسين. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ڪم حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وقت جي ضرورت آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان جو ملڪ انهيءَ ترجيح کي سمجهي ٿو.