ڪراچي ۾ صحافين سان جن ۾ پرنٽ ميڊيا جا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا صحافي شامل هئا، ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ نون ڪئنالن جي خلاف احتجاج سان سهمت آهي. سندس چوڻ جو مقصد هو ته هو نه صرف سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهي، بلڪه وفاقي حڪومت سان پڻ احتجاج ڪري ٿو. وفاقي حڪومت کي واضح طور تي ٻڌائي ٿو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي مڪمل طور تي 1991ع واري ٺاهه تحت ورهايل آهي، هن وقت سنڌو درياءَ ۾ ڪوبه وڌيڪ پاڻي موجود نه آهي، انهيءَ ڪري ڪوبه ڪئنال درياءَ مان ڪڍڻ نه صرف غير قانوني هوندو، پر غير آئيني پڻ هوندو. سندس ان بيان جي سنڌ جو عوام آجيان ڪري ٿو، پر جڏهن بلاول ڀٽو پنهنجي اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هو 26 هين آئيني ترميم کي پاس ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هو، ان ڪري کيس اها خبر نه پئجي سگهي ته سنڌو درياءَ تي جيڪو نه صرف سنڌ جو جياپو آهي، پر پاڪستان به ان جي پاڻيءَ تي پلجي ٿو، ان مان غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري وفاقي سرڪار ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان منصوبي تي ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي. سنڌ جي عوام کي اها ڳالهه اچرج ۾ وجهي ٿي. سنڌ جو عوام سوال ڪري ٿو ته ڇا بلاول ڀٽو ايترو بي خبر آهي؟ سندس نڪ جي هيٺان سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جا منصوبا منظور ڪيا وڃن ٿا انهن تي ڪم شروع ٿي وڃي ٿو، منظوري سندس ئي والد صاحب جيڪو صدر پاڪستان آهي اهو ڏئي ٿو ۽ کيس خبر نٿي پوي ته پوءِ سندس هن بيان کي مذاق سمجهجي؟ پر سنڌ جو عوام کيس شڪ جو فائدو ڏيندي سندس ان بيان تي اعتبار ڪري ٿو، ان سان گڏ بلاول ڀٽو زرداري کان سنڌ جو عوام پنهنجو حق سمجهي مطالبو ڪري ٿو ته بلاول صاحب اوهان کي سنڌ جو عوام ووٽ جي ذريعي پٽڪو پارائي وفاق ۾ موڪلي ٿو، انهيءَ اميد سان ته اوهان سنڌ جي وسيلن جو، سنڌ جي مفادن جو، سنڌ جي حقن جو قانوني، آئيني تحفظ ڪندئو.
اوهان پاڻ کان سوال پڇو، توهان ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويا آهيو؟ 70ع واري ڏهاڪي ۾ جڙي راس ٿيل چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کي به اهو چئي ٺاهيو ويو هو ته جڏهن ٻوڏون اينديون ته اسان هن ڪئنال کي وهائينداسين، پر ڇا ائين ٿيو؟ ٻوڏ هجي يا خشڪسالي چشمه لنڪ ڪئنال زبردستي وهندو رهي ٿو. هن وقت به ائين ٿئي ٿو. ماڻهن کي ائين ٻڌايو ٿو وڃي ته هي 6 ڪئنال نه صرف ملڪ لاءِ ضروري آهن پر سنڌ کي پڻ ان مان فائدو پوندو، پر ايئن ٿيندو ڪونه، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. هڪ دفعو اهي منصوبا ٺهي ويا پوءِ سنڌ جي عوام کي زمين جي لاءِ پاڻي ته ڇا، پر پيئڻ جو پاڻي به درياءَ مان ملي نه سگهندو. هن وقت سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آهي، پيپلز پارٽي، (ن) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کانسواءِ باقي سڀئي سياسي، قومپرست ۽ مذهبي پارٽيون روڊن تي آهن. جنهن جي پريشر جي ڪري پيپلز پارٽي کي عقل آيو آهي، اميد اها آهي ته هو انهن منصوبن کي رد ڪرائيندا، ڇو ته اهي غير آئيني ۽ غير قانوني منصوبا آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ايئن نه ڪيو ته پوءِ سنڌ جو عوام کيس رد ڪري ڇڏيندو، اها ڳالهه بلاول ڀٽو صاحب کي سمجهڻ گهرجي. کيس پنهنجي ناني ۽ پنهنجي والده جي انجام کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
اُنهن سان اِنهن طاقتن ڇا نه ڪيو؟ جن طاقتن سان گڏجي هن وقت بلاول ڀٽو آئيني ترميون ڪري ۽ انهن ئي طاقتور ماڻهن کي وڌيڪ طاقتور بڻائي رهيو آهي اهي طاقتور ڌريون پيپلز پارٽي کان ماضي وانگر فائدو حاصل ڪري کيس ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏينديون، سنڌ جو عوام نٿو چاهي ته بلاول ڀٽو جو انجام سندس ناني ۽ والده جهڙو ٿئي. بلاول ڀٽو کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ماروٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار جونيئر مان ئي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو وسيلن جي اڻ هوند باوجود سنڌو درياءَ جي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ عملي طور تي ميدان ۾ لهي چڪو آهي ۽ سنڌ جو عوام کيس ڀرپور موٽ ڏئي رهيو آهي. شايد اهي ئي سياسي خطرا ڏسي بلاول صاحب ميڊيا ٽاڪ ڪئي آهي. “دير آيد درست آيد” سندس آجيان ڪجي ٿي ان شرط سان ته هڪدم حڪومتي ايوانن ۾ انهن منصوبن کي رد ڪرائيندي طاقتور ڌرين کي سمجهائيندو ته ملڪ جي آئين کي طاقتور رهڻ ڏيو ان کي پنهنجي طاقت لاءِ استعمال نه ڪريو، جيڪڏهن ايئن نه ڪندو ته مستقبل ۾ ملڪ کي تمام گهڻا نقصان پئجي سگهن ٿا.