شاهه لطيف جي رسالي ۾ ملاحن، ميربحرن ۽ مهاڻن جي حوالي سان نهايت ئي سگهارو، انقلابي ۽ باغي سر “گهاتو گهر نه آيا” آهي، جنهن ۾ لطيف سرڪار مهاڻن جي زندگي، ذريعه معاش، بتيلن ۽ مڇي مارڻ جي سامان تي نهايت ئي بهترين انداز ۾ بيت نگاري ڪئي آهي ته گڏوگڏ مورڙي جي ڪردار کي هڪ انقلابي رهنما طور عوام جي آڏو پيش ڪيو آهي ته هو ڪيئن نه مانگر کي ماري ڀائرن جو پلاند ٿو ڪري ۽ اهو به چوي ٿو ته جيڪي قومون ايڪتا جي راهه تي هلنديون آهن انهن کي دنيا جو ڪوبه واڳون تباهه ۽ ختم نه ڪري سگهندو آهي بيشڪ اتحاد ۾ طاقت آهي .
ڀرجهلو تون ڀائرن سندو، مورڙا آهين من،
گهاتو نه وڃن گهائجي، قهري ڪلاچي ڪن،
رهن پيا جت رهزن، مانگر وڏا مهر فقير چئي .
سچ اهو آهي ته شاهه لطيف جي رسالي جي سر گهاتو گهر نه آيا جو ڪردار مورڙو پنهنجي عقل ۽ عمل سان ڳوٺ وارن کي گڏ ڪري ۽ منصوبابندي تحت مانگر کي ماري ڀائرن جو پلاند وٺي سگهي ٿو ته پوءِ اسان مورڙي جي راه تي هلي ڪري مانگرن کي ڇو نٿا ماري سگهون ڇا اهي مانگر اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن جو اسان روز بروز هنن کان ڊڄي ڪري اندر ئي اندر ۾ پنهنجي موت مرندا ٿا رهون ها اسان کي ڪنهن به قيمت تي انهن مانگرن کان ڊڄي ڪري پوئتي هٽڻ نه گهرجي ڇو ته اهو ڊپ ئي ته اسان لاءِ موت ۽ هنن جي لاءِ شڪار آهي سو اچو ته ڊپ کي ختم ڪري ايڪتا جي طاقت ۽ عملي ڪردار سان مانگرن جو مقابلو ڪري پنهنجا فصل ۽ نسل بچائي دنيا تي اهو واضح ڪريون ته اسان ڪنهن به قيمت تي پنهنجي بقا کي بچائڻ جي سگھ رکون ٿا .
لطيف جتي مهاڻن کي ايترو مان عطا ڪيو آهي ته وري اتي ئي ڪينجهر ڍنڍ جي سونهن نوريءَ کي به وڏو رتبو بخشيو آهي ۽ سادگي جي حوالي سان اهو واضح ڪيو آهي ته نوري جتي مڇي کپائي ٿي اتي ئي هو سادگي سان جيون ٿي گهاري ۽ ها هونئن به آڪڙ ۽ انا کان وڌيڪ سادگيءَ ۾ ئي اصل سونهن آهي بيشڪ واحد کي وڏائي پسند ڪونهي ڪا ۽ اهڙي طرز زندگي نوريءَ ۾ هئي .
هلي جيئن هندورو، ڪينجهر تيئن قرار،
نوري هڪ نماڻي، ٻيو ڄام هٿين آ ڄار،
ريءَ سورنهن سينگار، سادگي ته سونهن آ- (مهر فقير)
ملاح گيري به هڪ سٺو ڪاروبار آهي جيڪو هڪ طرح سان ملڪي خزاني کي به ڀري ٿو ته ڇو ته مڇي جتي ملڪ جي اندر استعمال ٿئي ٿي اتي ئي اها مڇي ٻاهرين ملڪن ڏانهن به وڪري خاطر موڪلي وڃي ٿي، ٻيو ته هن جديد دور ۾ به سمنڊ ۽ ڍنڍن ۾ رهندڙ ملاحن جو گذر سفر آهي ئي مڇيءَ تي ايتري قدر جو انهن ملاحن جا گهر به بتيلن ۽ ٻيڙين ۾ آهن جتي هنن جا نسل در نسل جيون گهارين ٿا .
ملاح سمنڊ ۾ مڇي مارڻ واسطي پري پري تائين نڪري وڃن ٿا، پر افسوس جو عالم اهو آهي ته سمنڊ جي مهاڻن کي سرڪار طرفان وقت ۽ حالتن تحت ڪي به سهولتون ميسر ڪين آهن. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو انهن کي سرڪار طرفان ٻيڙا ۽ ٻيو سامان مهيا ڪري مڇيءَ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو ڏئي ۽ مهاڻن کي رهائش خاطر ڪالونين سان گڏ ٻيون هر قسم جون بنيادي سهولتون ميسر ڪيون وڃن ته جيئن هو مڇي مارڻ سان گڏ تعليم سان به مالا مال ٿي سگهن ۽ ٻيو ته مهاڻن کي جديد طرز تي مڇي مارڻ جو سامان مهيا ڪيو وڃي ته جيئن هو جڏهن سمنڊ جي سيني مان مڇي مارين ته کين ڪا پريشاني آڏو نه اچي ۽ خاص ڪري سونمياڻي، منهوڙو، ابراهيم حيدري، ڪيٽي بندر ۽ زيرو پوائنٽ وغيره تي مهاڻن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۽ روزگار جو موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ اتي سياحن لاءِ پڪنڪ پوائنٽس سطح تي هٽز ۽ موٽر بوٽز جو بندوبست ڪيو وڃي، ان سان عوام کي به تفريح جا موقعا نصيب ٿيندا ته ملاحن کي به سٺو نفعو ٿيندو .
منهنجي جيون جي بس اها ئي ڪهاڻي،
هن پيتو زم زم مون سنڌوءَ جو پاڻي- (مهر فقير)
سنڌ ۾ ننڍين وڏين ڍنڍن جو به ڪافي سارو انگ آهي جتي به مهاڻا مڇي ماري پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ ڍنڍن جي مالڪي پڻ ڪندا رهن ٿا، پر افسوس جو ٺيڪيداري نظام ۽ سرڪاري بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب مهاڻن کي ڪافي تڪليفن سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. خاص ڪري ڪجھ ڍنڍن ۾ مختلف علائقن منجهان زهريلو پاڻي اچڻ جي ڪري مٺو پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي ۽ ان ڪري ئي مڇيءَ جا ناياب نسل ۽ قسم تباهه ۽ ختم ٿي رهيا آهن. منڇر ڍنڍ جيڪا ايشيا جي وڏي ۽ وڏي ڍنڍ آهي اتي مڇي جي نسل ۽ انگ کي وڌائڻ خاطر اتي ڇوڙ ڪندڙ زهريلي پاڻي کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ سان گڏ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي عوام لاءِ مختلف قسم جون سهولتون ڏنيون وڃن، ان ريت ان سلسلي کي وڌائيندي ڪينجهر، هاليجي، نريڙي ۽ چوٽياريون وغيره تان ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪري ملاحن کي مالڪي جا مڪمل اختيار ڏنا وڃن ته جيئن هو ۽ هنن جو ايندڙ نسل هن جديد دور ۾ سک ۽ سڪون سان زندگي گهارڻ سان گڏ سماج ۾ اوچي ڳاٽ جي سگهن .
ڍنڍون ڍورا سنڌ جا، صاحب رکج سلامت،
عشق جي علامت، آهن اختر نواز چئي .
ملاح حقيقت ۾ سمنڊ، ڍنڍن ۽ ڍورن جا اصل وارث آهن جيڪي هر موسم ۽ حالتن ۾ انهن جي رکوالي ۽ نظرداري ڪندا ٿا اچن. هنن ڪڏهن به پاڻيءَ کي پٺي ناهي ڏني، پر سچ ته لڌڙن ۽ ڪانئرن وانگر پاڻيءَ سان اڄ سوڌو عشق ڪندا ٿا اچن، هنن جو جيئڻ مرڻ پاڻيءَ سان سلهاڙيل آهي باقي جي پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن وارو ڪم ٿيندو ته پوءِ اميرالبحر جو لقب ۽ خطاب رکندڙ ملاح ڏکائين ۽ تڪليفن سبب پاڻي کان پري ٿي ويندا جيئن هن وقت سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ناهي وري مٿان سامراج نوان ڪئنال جوڙي سنڌ جي زراعت سان گڏ سنڌي قوم کي به نسلي سطح تي ختم ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي. اهو درياءَ جتي زراعت لاءِ پاڻي ميسر ٿو ڪري اتي ئي ڪشمور کان ويندي درياءَ جي ڇوڙ تائين لکين مهاڻن جا پيٽ ٿو پالي، سو جي درياءَ سڪي ويو ته سڄي سنڌ سان گڏ ملاحن جو به موت ٿيندو.
ملاح منهنجي ملڪ جا، شاد رهن سدا،
ملاحن جو مانُ مٿي آ، ملاحن جو شانُ مٿي آ،
کين خوش رکج يا خدا، شاد رهن سدا.
ملاحن جو ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪونهي، ملاحن جو ته هر ڏينهن آهي ڇو ته جهڙي ريت مون کي سنڌ سان پيار آهي تهڙي ريت ئي ملاحن سان به پيار آهي، ان ڪري مان ملاحن کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي سمنڊ ۽ ڍنڍن جي مالڪي ڪرڻ خاطر اڄ به جنگ جوٽيندي اڳتي وڌي ڪري مورڙي جي تسلسل کي قائم رکيو پيا اچن.