نئون

سنڌ جو پاڻي پنجاب نه پر هندستان روڪيو آهي: راڻا مشهود

حيدرآباد واري چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي آفيس ۾ ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر راڻا مشهود چيو ته سنڌ جو پاڻي پنجاب نه پر هندستان روڪيو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي ميٽنگ ٻه دفعا گهرائي وئي هئي جنهن ۾ سنڌ به مدعو هئي ۽ ان کي موجوده صورتحال کان آگاهه به ڪيو ويو هو. ان موقعي تي هن سنڌ جو پاڻي روڪڻ جو الزام هندستان تي هڻي ڇڏيو. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ موجود آهي. جڏهن ته ميڊيا پاران ان کي ڏيکارڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي نه ته هن مسئلي کي چڱيءَ ريت پيش ڪري ها.