بلاگنئون

قديم سنڌ جي تاريخ: مھين جي دڙي کان اڳ واري سنڌ، برهمڻ دور تائين ظلم ۽ بربريت جو داستان

فوزيه شاهنواز ڪلوڙ

(800 قبل مسيح کان ويندي برھمڻ دور تائين پھريون بيان ڪيو ويو آھي.) راءِ گهراڻو 432ع کان 632ع:

جيڪڏھن 05 صدي جي حڪومت جي ڳالھ ڪنداسين ته راءِ حڪومت تمام سٺي حڪومت ثابت ٿي، جيئن موھن جي دڙي ۽ ھڙاپا تھذيب ھئي. ان جي مطابق ھن راءِ گهراڻي جي حڪومت قائم ھئي. اوھان تصور ڪيو ته ھي تھذيب يافته قوم مختلف ماڻھو ھن تي حڪومتون ڪندا رھيا، پر ھي شاھڪار قوم رھندي آئي آھي. راءِ گهراڻي جي حڪومت مان ثابت آھي ته ھن دور جي حاڪمن رعيت جي مطابق حڪومت ڪئي، جيڪي حڪمران ھئا اھي عوامي طرز پٽاندڙ ھلندا ھئا. ماڻھو به اھڙن حڪمرانن سان پيار ڪندا ھئا ۽ انھن جي ھر فيصلي کي دل سان تسليم ڪندا ھئا، ھن دور ۾ زراعت کي وڏي اھميت حاصل ھئي. مطلب ته عدل ۽ انصاف واري حڪومت قائم ھئي. حڪمرانن ۽ رعيت جو مذھب “ٻڌ ازم” ھو ۽ ھي سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد ھئا ۽ سندن مکيه ڪرت زمين آباد ڪرڻ ھو.

موجودہ دور ۾ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اسان جي سماج ۾ زراعت ڪرنگهي جي ھڏي مثل آھي. ان زراعت جو مڪمل دارومدار سنڌو درياءَ تي آھي. ھاڻي سنڌو جي پاڻي کي بند ڪري نوان ڇھ ڪئنال جوڙڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنھن جي ضرورت پھرينِ دورن ۾ نه پئي ھئي. ان عمل سان سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي. جيڪڏھن سنڌو درياءَ جي پاڻي تي نوان ڇھ ڪئنال ٺھندا ته پوءِ سنڌ جون زرعي زمينون ڪيئن آباد ٿينديون؟ جڏھن سنڌ جون حدون وسيع ھيون ۽ سنڌو درياءَ جو پاڻي ججهو ھو ان وقت به ڪئنالن جي ضرورت نه پئي ته ھاڻي ڪھڙي ضرورت آھي نوان تڪراري ڪئنالن ٺاھڻ جي؟ ھيءَ نئين رٿ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش آھي.

ان دور جي وڏي اڪثريت سنڌو ندي جي ڪناري تي رھندي ھئي. زراعت ھن جو مکيه ڌنڌو ھو، ان وقت زراعت کي به وڏي اھميت ھئي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته موجودہ دور ۾ به زراعت سماج جي ڪرنگهي جو ھڏو آھي، ان ھڏي کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. زراعت سنڌ جي تھذيبي ورثي ۾ آيل آھي، ھي اسان جي وڏن جي قديم ترين ڪرت آھي ان سان اسان پوري ملڪ کي اناج مھيا ڪيون ٿا.

برھمڻ دور 632ع کان 712ع:

ان کانپوءِ برھمڻ دور 632ع کان 712ع يعني راجا چچ ولد سيلاج کي ٻه پٽ ھئا ھڪ ڏاھر سين ٻيو راجا ڏاھر ھو. جنھن محمد بن قاسم سان مھاڏو اٽڪايو ۽ آخري دم تائين ملڪ ۽ ڌرتي ڌڻين جي بقا لاءِ بھادري سان وڙهيو، ان مان ثابت ٿيو ته ھن سنڌ پنھنجي چيڪي مٽيءَ مان اھڙن جوان جوڌن کي جنميو آھي، جن پنھنجي سر جو سانگو لاھي ملڪ جو دفاع ڪيو. راجا ڏاھر جا چيل آخري لفظ ان ڪري ورجايان ٿي ته جيئن ھن دور جي نوجوانن کي اتساھ ملي ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ سٺو گمان ڪري سڄاڳي اختيار ڪن. راجا ڏاھر جي دور ۾ سندس رعيت مخالفت ڪئي ۽ محمد بن قاسم جي حمايت ڪئي. راجا ڏاھر چوي ٿو ته: “جيڪڏھن مان ملڪ، قوم ۽ ڌرتي جي بقا لاءِ وڙھندي مري ويس ته تاريخ لکندي ته ھڪ اھڙو حڪمران ھو، جيڪو پنھنجي ڌرتي جي لاءِ وڙھندي مري ويو، پر جي کٽي ويس ته پنھنجي ملڪ جو بچاءُ ڪيم.” قومپرست چون ٿا ته جيڪو ماڻھو ملڪ، ڌرتي، قوم ۽ پنھنجي مارن جي بقا لاءِ وڙھي اھو ڪھڙي به مذھب جو ڇو نه ھجي اھو جھاد آهي ۽ جھاد ڪندڙ شھيد آھي راجا ڏاھر شھيدن ۾ شمار آھي.

سنڌ جا وارثو! اوھان به پنھنجي وطن جي مالڪي ڪريو، ڇو ته ھتي قاسم جھڙا کوڙ ماڻھو آھن، جيڪي اوھان کي دوکي ۾ رکن ٿا. محمد بن قاسم اسلامي فلسفي سان سنڌ ۾ داخل ٿيو، اصل مقصد عربن جو سنڌ تي قبضو ڪرڻ ھو ۽ سنڌ کي تباھ ڪرڻ ھو، عربن سنڌ تي مختلف جواز ڄاڻائي 14 ڪاھون ڪيون ۽ اھي (عرب) 15 ھين ڪاھ ۾ ڪامياب ٿيا.

عرب دور 712ع کان 1050ع:

وليد بن عبدالملڪ سان حجاج بن يوسف ھڪ معاھدو ڪيو ته جنگ ھارائي يا کٽي توکي ڏھوڻ ڀري ڏيندس. پوءِ پنھنجي ڀائٽي کي سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، محمد بن قاسم سنڌ ۾ھڪ الڳ منشور کڻي اچڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اسلام ھن (محمد بن قاسم) جي ڪري آيو. ھن لٽيري عرب سامراج وليد بن عبدالملڪ کي ڏھوڻ به سنڌ ملڪ مان ميڙي، لٽي ڏني ۽ ان کان علاوہ فوجن پنھنجي لاءِ الڳ لٽ ڦر ڪري عرب ملڪ موڪليندا رھيا ان کان علاوہ سنڌ مان ھزارن جي تعداد ۾ عورتون ۽ مرد غلام بڻائي عراق ۽ عرب جي ملڪن جي بازارن ۾ سر عام نيلام ڪيون ويون ۽ ھن ڌرتي ڌڻي محافظ راجا ڏاھر جي نياڻين ۽ گهر واريءَ سان بي حرمتي ڪئي وري انصاف جي حد ھي آھي ته ھن کي اسلامي رھبر سڏيو وڃي ٿو ۽ ھن جي نالي تي بندرگاھ، روڊ رستا، ڪاليج وغيرہ قائم آھن. راجا ڏاھر پنھنجي ڌرتي ۽ ملڪ جي بقا لاءِ وڙھيو، ھن کي قتل ڪيو ويو ۽ موجودہ دور ۾ بشير خان قريشي، خالد محمود سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا بھادر سنڌي قوم جي لاءِ زندہ مثال تاريخ ۾ موجود آھن، ان جو مطلب 712ع واري دور ۾ آواز اٿاريو ويو ۽ سامراج سان مھاڏو اٽڪايو ويو ۽ حق گهرندڙ ۽ حقن جي محافظن کي ڌرتيءَ تان مٽايو ويو، موجودہ دور ۾ به ساڳيا مثال ملن ٿا ۽ حقن جا طلبگار غدار آھن. جي ايم سيد، بشير قريشي، خالد محمود سومرو غدار ليکيا وڃن ٿا اھڙا مثال تاريخ ۾ تمام گهڻا موجود آھن.

سومرا دور 1050ع کان 1350ع:

ھن دور کي آئون پنھنجي نظر سان بھادر اڳواڻ دودي سومري جو دور مڃان ٿي. ڇو ته ھي دور مقامي ماڻھن جو دور ھو. عربن سنڌ تي 300 سال حڪومت ڪئي، پر سومرن جي بھادري ساراھ جوڳي آھي. ھنن بنو اميه، ھباري، غزنوي، غوري جي تنگ نظري کان پاڪ رياست قائم ڪئي. سومرن جي حڪومت تقريبن 300 سال رھي، پر ان دوران ڪيتريون ئي ڪاھون پڻ ٿينديون رھيون فتح پوءِ به سومرن جي رھي. سومرن جي حڪمران خفيف کي قتل ڪيو ويو، ان جو خال ڀرڻ لاءِ ابن سومرو نالي پھرين حڪمران عربن کان حڪومت حاصل ڪئي.

1150ع ۾ علاؤالدين خلجي ڪاھي آيو، چنيسر پنھنجي ڀاءُ سان بغاوت ڪندي ڌاريي علاؤالدين کي گهر جو رستو ڏيکاريو. ان ڦورو لٽيري کي دودي سنڌي ھجڻ جو اھڙو ته مثال ڏنو جو ھميشه جي لاءِ تاريخ ۾ سونھري لفظن ۾ ياد رھندو. انھن ماڻھن جي لاءِ جيڪي ڌرتي ڌڻي آھن، پنھنجي عزت، پنھنجي ڌرتي، پنھنجي دنگن تان سر ڏئي سرھا ٿيڻ اسان سنڌين جو مرڪ آھي. دودو، دولھ درياهه خان، شاھ عنايت شھيد (جهوڪ وارو)، ھوشو شيدي.

وقت جي حاڪمن کي سنڌ ڌرتي جا سوداگر تاريخ مان شايد واقف نه آھن ڌرتيءَ جي بقاءَ لاءِ سر سوليءَ تي ڏيڻ اسان سنڌين جو ڪم آھي، سنڌيو اوھان به تاريخ کي ورجايو سنڌ اوھان کي پڪاري ٿي سنڌ ڌرتي ماءُ آھي اڄ پنھنجي ماءُ جي سينڌ ميري ڪرڻ وارا سامراج سنڌ کي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن اوھان پنھنجي ماءُ سان وفاداري وارو ناتو نڀايو ۽ سنڌ بچايو.

سومرن جي دور ۾ سنڌ ھر لحاظ کان خوشحال ھئي، زراعت ھن دور ۾ ترقي جي راھ تي ھئي علم ته ھن دور ۾ ايتري ته ترقي ڪئي جو ھن دور کي بنيادي ۽ جاڳرتا جو دور چيو وڃي ٿو. موجودہ دور ۾ زراعت، علم ۽ صنعت جو ڪم ڄڻ ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو ويو آھي.

سما دور 1350ع کان 1520ع:

سما دور 1350ع کان 1520ع تائين رھيو، سمن جي حڪومت 170 سال رھي ھي دور علم جي لحاظ کان پنھنجو مٽ پاڻ ھو، سما دور ۾ ٺٽو علم جو مرڪز ھو. ٺٽي کي 400 مدرسا قائم ھئا، ڪيترن ئي عالمن ٺٽي شھر جي تعليم ڏسي پنھنجن اباڻن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ مدرسا قائم ڪرايا.

سماج جي ڪرنگهي جي ھڏي يعني زراعت کي ڄام نظام الدين ايتري ته ترقي وٺرائي جو اھڙي ڪا زمين نه رھي جتي ھَرُ نه ھَليو ھُجي ۽ زمين سرسبز نه ٿي ھُجي. ھن دور ۾ تعليم ۽ زراعت جي ترقي قابل ذڪر آھي. ھن دور ۾ دولھ درياھ خان پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ڌارين سان پنھنجي ڌرتي خاطر وڙھندي شھادت ماڻي، سنڌ ڌرتيءَ پنھنجي ڪُکِ مان اھڙن سورمن کي جنم ڏنو آھي جيڪي ھر پل ھر گهڙي پنھنجي ماتر ڀوميءَ سان وفاداري جو ناتو نڀائيندي ساھ گهورڻ کي اوليت ڏين ٿا. سنڌيو! اوھان به مثال قائم ڪريو، سنڌ جي بقا لاءِ سما ۽ ارغون دور ۾ سنڌ جا سپوت (دولھ درياھ خان، مخدوم بلاول) ميدان ملھائي ويا، اسان کي به سندن نَقشِ قدم تي ھلي سنڌ مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي. جتي علاؤالدين خلجي ھئا، فيروز ھئا اتي دودا ھئا، دولھ درياھ خان ھئا، شاھ عنايت، ھوشو، روپلو ڪولھي جھڙن سان سنڌ ڀريل آھي.

ھاڻي سنڌ پڪاري ٿي سورھيه بادشاھ کي، جي ايم سيد کي، بشير خان کي، خالد محمود سومري کي، ھاڻي وري ڏکيا ڏينھن آيا آھن. ياد رھي ته جڏھن مخدوم بلاول جي پر سوز آواز تي ڪيترائي ماڻھو سندس مريد ٿيا، ھن بزرگ جي قرآن پڙھڻ واري آواز ۾ وڏي ڪشش ھئي. وقت جي عالمن ھن بزرگ (مخدوم بلاول) کي ڪوڙي فتويٰ ھڻي گهاڻي ۾ پيڙھائي ڇڏيو. وقت جي حڪمرانن جُتِيءَ ۾ مقدس آيتون سبرائي مخدوم بلاول کي گستاخ قرار ڏنو، موجودہ دور ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر تي ڪوڙيون فتوائون ھڻي ماري ساڙيو ويو ۽ بغير غسل ڪفن جي دفنايو ويو.