بلاگنئون

ٿر ۽ ڪڇ جا ڌاڙيل

ٿر ۾ اڪثر اوهان کي ڪنهن ڳوٺ جي ڀرسان ڪنهن نه ڪنهن اجڙيل بستي جا آثار يا چند قبرون جن کي وڻ ويڙهي ويا هوندا. نظر آيون هونديون ڪٿي ڪٿي جهريل ٽٽل ڪچيون  ديوارون، ڪريل چونرا، باهين جا نشان نظر ايندا. اهي ساڳيا منظر ٿر جهڙي لڪير کان هن پار ڪڇ جي علائقي ۾ به نظر ايندا. ڪاري ڏونگر جي هنج ۾ ڪٿي ڪٿي گمنام قبرون، ڪٿي اجڙيل بستي نظر ايندي. هي سڀ ٿر جهڙي پرامن علائقي ۾ ڇا جا منظر آهن؟ جڏهن انهن جو پيرو کڻجي ٿو ته هي سڀ فرنگي دور يا ان کان اڳ يا وري پوءِ اسي جي ڏهاڪي تائين جي ڪي واقعا ڪي يادگيريون آهن ڪٿي وري انهن جا نالا فرنگي دور جي لکتن يا ڪتابن مان خبر پوي ٿي ڪن کي وري ٿر يا ڪڇ جو مقامي سگهڙ ديو مالائي روپ ڏئي پيش ٿو ڪري. هي قتل ٿيل ڀاڳيا آهن جن کي ڌاڙيل ڦري ويا يا مزاحمت تي قتل ڪري ويا ڪٿي وري پيڇو ڪرڻ جي ڊپ ۾ ماريا ويا. ٿر ۾ ڳوٺ پري پري هوندا هئا. وچ ۾ ڪوبه مواصلاتي رابطو نه هو. ڌاڙيل سون، چاندي ۽ زيورن جي لالچ ۾ گهر ڌڻين کي تشدد ڪري زيور کسي پوءِ ماري هليا ويندا هئا يا جيڪڏهن مال ڍڳيون “اٺيون”، گهوڙا يا ٻاڪرو مال ڪاهيندا هئا ته ان کي منزل تي پهچائڻ ۾ وقت لڳي هي سمورو سفر ڪوشش ڪري رات جو ڪبو هو. جيڪڏهن ڀاڳيا پويان واهر ڪري لڳا ته گهيرو ٿي پوندو هو پوءِ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا به گڏ ٿيندا هئا، ان ڪري ڀاڳين کي مڪمل ماري ختم ڪري مال ڪاهي روانا ٿيندا هئا. جيئن پويان ڪو دانهون ڪرڻ وارو يا واهر گڏ ڪري پيڇو ڪرڻ وارو نه هجي.

ٿر جا ٽي تعلقا ڏيپلو، مٺي ۽ ننگرپارڪر 1854ع تائين ڪڇ جو ئي حصو رھيا. 1854ع کانپوءِ انھن کي واپس سنڌ ۾ نئين ٺھيل ضلعي ٿرپارڪر ۾ شامل ڪيو ويو. جنھن جو انھيءَ وقت پھرئين ھيڊڪواٽر ميرپورخاص ۽ پوءِ عمرڪوٽ ھو. انھي وقت جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجوده ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعه شامل ھئا. انگريزن ڪڇ کي ٿر سان شامل ڪيو توڙي جو ڪڇ سنڌ سان تمام ٿورو عرصو شامل رھي، پر اھي ٿرپارڪر جا ٽي تعلقا ڪڇ جي علائقي سان دنگائي رهيا.

بقول خالد جوڳي جي ھڪڙن محققن جو خيال آھي ته پارڪر جا سوڍا سنڌ سان شامل ٿيڻ جي بجاءِ ڪڇ ۽ گجرات سان شامل ٿيڻ جا حمايتي ھئا. جڏھن ته کوسا وري سنڌ سان شامل ٿيڻ جا حمايتي هئا انھي ڪري ھنن ٻنهي سنڌ تي قبضي ٿيڻ جي پندرھن سال کانپوءِ انگريزن سان جنگ ڪئي. انھيءَ جنگ جي سببن تي ڪنھن ٻي ڀيري ڳالھبو، پر گھٽ ۾ گھٽ جنگ جو اھو سبب ته ڪونه ھو انھيءَ ڪري جو انگريزن، ڪڇ جي راءِ ۽ گجرات جي گائيڪواڙن کي سڀ کان وڏو اعتراض اھو ھو ته پارڪر جا سوڍا اتان جي کوسن سان گڏجي ڪڇ ۽ گجرات ۾ ڌاڙا ھڻن ٿا. انھن ڌاڙن جي ذڪر سان انگريزن جا ڪتاب به ڀريا پيا آھن. انگريزن جي نظر ۾ سنڌ جا حر به ڌاڙيل ھئا ته پارڪر جا سوڍا به ڌاڙيل ھئا.

20 صدي ۾ جيڪي بدنام ڌاڙيلن سجاتا ويا جن بابت انگريز دور جي آن لائين موجود دستاويزن يا انڊين آرڪيائوز تي موجود رپورٽن مان ڪن معروف ڌاڙيلن بابت جاڻ سان گڏ ڏيپلي جي مقامي راجپوت، سمان، مياڻا يا ڀٽي قبيلن يا ننگرپارڪر جي کوسا دوستن کان ورتل معلومات آڌار ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ جي ڪجھ بي رحم ڌاڙيلن بابت ڄاڻ ورتي.

هي اهي بدنام ڌاڙيل هئا، جيڪي بنيادي طور تي هندستان ۽ پاڪستان (ان وقت اڻ ورهايل هندستان) جي ڪڇ ۽ سنڌ جي علائقن ۾ ڪم ڪندا هئا.

  1. حبو يا هبو جو اصل نالو هٻيسنگھ هوٿي جاڙيجو هو. هو سندس ساٿين مان ڪانجي، ننگجي جا نالا معلوم ٿيا آهن. ڏيپلي جي ڳوٺ ننهائي جو ويٺل هٻيسنگھ جنهن ڳوٺ ڪپورئي جي راجپوت مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ سورتسنگھ عرف سورتو ۽ ڀورجي عرف ڀورو هئا جن مان سورتي 2015ع ۾ وفات ڪئي ڀورو اڃان حياتي آهي. حبو ڪڇ جو هڪ خوفناڪ ڌاڙيل هو، جيڪو پنهنجي بهادري ۽ چالاڪيءَ جي ڪري مشهور هو. هن جي باري ديو مالائي ڪهاڻيون مشهور آهن ته هو مالدار واپارين ۽ زميندارن کي نشانو بڻائي اڪثر ڪري اهو مال کي غريبن ۾ ورهائيندو هو، هو ڪڏهن ڪڏھن اٺن، ڍڳين ٻڪرين جا وڳ ئي وڳ هڻي رڻ پار ڪري ايندو هو ۽ اهو مال ساٿين ۾ ورهائڻ کانسواءِ ڪيترن غريبن کي به ڏئي ڇڏيندو هو. ان ڪري کيس رابن هڊ وانگر مشهوري ملي، حبو غريبن جي لاءِ سخاوت مشهور هو، اڪثر چوري ٿيل مال ڳوٺاڻن ۾ ورهائيندو هو. هن وٽ مخبرن ۽ همدردن جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ هو، جنهن ڪري هو، هر دفعي پوليس ۽ آرمي کان بچي ويندو هو. ان بابت ڪيتريون ڪهاڻيون مشهور آهن هڪ دفعي ڪڇ جي ڪنهن امير جي گهر ڌاڙي دوران گهر ڌياڻي سندس ساٿي جي شڪايت ڏيندي چيو ته ادا! هي ڏس آئون زيور لاهي ڏيان ٿي تنهن کان اڳ ئي منهنجي ٽنگون وڍڻ جي ڌمڪي ڏيئي ٿو. صرف ادا چوڻ تي هٻو سڀني ساٿين کي واپس وڃڻ جو چوي ٿو ته جڏهن عورت مون کي ڀيڻ چيو آهي هاڻ ان جو سون چاندي مون تي حرام آهي. سندس باري ۾ اها به ڪهاڻي گردش ڪري ٿي ته هن پنهنجي ڪنھن ساٿي (ڪن مقامي ماڻھن موجب ڀاءُ) ڪانجي کي به ڪنهن ڳالھ تان رڻ ۾ ماري اتي ئي لاش دفن ڪري ڇڏيو هو سندس اولاد کي پوري زندگي پنهنجي حياتي تائين سنڀاليندو رهيو. جڏهن ان بابت پڇيو ويو ته خبر پئي ته ڪانجي ڪنهن ڌاڙي دوران هبو جي منع ڪرڻ باوجود ڪنهن عورت کان زيور لهرائي کنيا هئا. جڏهن ڪڇ جي سرحد پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيا اتي ڪجھ دير ساهي کنيائون ته ان وقت پڇا تي کيس ڪانجي جي روئيداد جي خبر پئي ڪاوڙ ان کي ئي گولي هڻي ڪڍيائين. ڪن ڳوٺاڻن موجب ڪانجي فرار ٿيڻ دوران رڻ ۾ رهجي ويو هو ۽ اتي ئي اڃ بک سبب فوت ٿيو. سندس پوليس ۽ انڊين آرمي سان ڇٽاڀيٽن مقابلن جون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن ۾ هو هڪ ميجر رينڪ جي آفيسر کي به گولي هڻي ماري ساٿين کي بچائي نڪري آيو. هبو تي ڪڇ ۾ گولي جو آرڊر هو. حبو جو گروهه مانڊوي شهر جي هڪ مشهور چوري ڌاڙن سميت ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل چورين ۾ ملوث هو. هبو بابت سندس پوٽن ٻلونت سنگھ، نٿو سنگھ ۽ رشتيدار سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد  ديپ راج سنگھ موجب هن پاڪستان جي موجوده سنڌ جي علائقي ۾ ڪڏهن به ڌاڙو نه هنيو هن هميشه ڪڇ جي علائقي ۾ ئي ڌاڙا هنيا. ڌاڙا هڻي رڻ اڪري ڏيپلي واري پاسي اچي ويندو هو اسي واري ڏهاڪي کانپوءِ هو هڪ سياستدان وٽ ڪيترو ئي وقت باڊي گارڊ ٿي رهيو. هو سوڻن ساٺن تي يقين رکندو هو ڌاڙي يا ڪنهن به ڪم سان نڪرڻ وقت سوڻ ٻولائيندو هو، جي سوڻ سهي ٿيا ته سفر ڪندو هو نه ته واپس ٿيندو هو. سندس بهادري جون ڪيتريون داستانون مقامي ڪچهرين جو موضوع آهن. هبو 2010ع ۾ وفات ڪئي.

  2. ڪانجي ھوٿي: ڪانجي نالي سان ٿر جي ڏيپلي ۽ ڪڇ ۾ ٻه ڌاڙيل مشهور ٿيا ان ڪري انهن جون داستانون يا ڳالهيون گڊمڊ ٿي ويون آهن هڪ ڪانجي هبو جو ڀاءُ هو جو هبو سان گڏ ڌاڙا هڻندو هو ٻيو ڪانجي ڀيل جي نالي مشهور هو جنهن کي ڪڏهن ڪانجي ڪارو ڪري به سڏيندا هئا. هي پڻ ڪڇ مان هو، هي پنهنجي بي رحميءَ لاءِ مشهور هو ۽ سندس ڪمان هيٺ هڪ وڏو گروهه هو. سندس ڪارناما اڪثر مقامي اخبارن ۾ سرخيون بڻيا اڪثر ڪري حريف گروپن سان گڏجي پرتشدد ڪاروايون ڪندو رهندو هو.

  3. بلونت سنگھ عرف ٻليو: ٻلونت سنگھ عرف ٻليو بدنامِ زمانا ڌاڙيل رهيو آهي جيڪو سرحد جي ٻنهي پاسن سرعام ڌاڙا هڻندو هو. هو ٻاکاسر جو چوهاڻ راجپوت هو. 1971 ع جي جنگ ۾ سندس ڪيل ڪلورن جي ڪري هو وڌيڪ بدنام ٿيو  هي ڪڇ ۽ ان سان لاڳاپيل ننگرپارڪر جي علائقي جو پنهنجي دور جو فعال ڌاڙيل هو. بلونت سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ننگرپارڪر سان لڳندڙ ڪڇ يا راجستان جي ٿر واري علائقي جو هڪ ڌاڙيل هو، جيڪو پنهنجي پر تشدد ڪاررواين، ڦرن، مال ڪاهڻ اغوا، ڀتا خوري ۽ ڦرلٽ جي مشهور هو. ڪيترائي دفعا ساڻس مقامي قبيلن جا مقابلا به ٿيا، پر اڪثر ساٿي مارائي به پاڻ بچي نڪري ويندو هو. بلونت جي گروهه ئي ڦرلٽ جي وارداتن جو الزام آهن. خاص ڪري 71ع جي جنگ ۾ انڊين آرمي سان گڏ ڇاڇري تعلقي يا ننگرپارڪر جي ڪيترن ڳوٺن ۾ حملن جو الزام آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن تي چڙهائي ڪري ڦرلٽ ڪرڻ، مارڻ سون چاندي چوپايو مال ڦري انڊيا واري پاسي روانو ڪرڻ يا هٿ ڏس تي علائقي جي مقامي مالدار ماڻهن جي گهرن تي حملن جا الزام آهن. مقامي ماڻهن موجب ان ۾ سندس ساٿ ڏيڻ وارو لڇمڻ سنگھ ڇاڇري وارو به شامل هو.

  4. راجا گوپي يا راجو گوپي چند: ڪڇ جو هڪ بدنام ڌاڙيل، جيڪو پنهنجي چالبازيءَ ۽ بهادريءَ لاءِ مشهور هو. هو ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل چورين ۾ ملوث هو ۽ مقامي آبادي ۾ سندس وڏو ڏهڪاءُ هو.

  5. جڳو جت يا جگا جت: ٿرپارڪر جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ جي ڪري مشهور آهي. هو ڪيترن ئي پرتشدد تڪرارن ۾ ملوث هو تيز ڪارروائي ڪري فرار ٿيڻ سندس خاصيت هئي.

  6. ليلا ڪيجرا: ڪڇ جي هڪ عورت ڌاڙيل، جيڪا پنهنجي خوبصورتي ۽ چالاڪيءَ جي ڪري مشهور آهي. هوءَ ڪيترن ئي ڦرلٽ ۾ ملوث هئي ۽ چيو ويندو هو ته هن وٽ عاشقن ۽ مخبرن جو نيٽ ورڪ هو.

  7. جسونت سنگهه: هي ٿرپارڪر واري ريگستاني علائقي ۾ سندس بدنام سرگرمين لاءِ مشهور آهي. جيٺ مل نالي سان هن جو ڪڇ جي علائقي ۾ سرگرمين، اڪثر تاريخي رڪارڊن ۾ ذڪر ٿيل آهي.

  8. گلو جي نالي سان: ڌاڙيل بابت ۽ ريگستاني علائقي ۾ سندس باغي ڪارنامن يا ڪاررواين جو ذڪر آهي.

  9. هاريا يا هاريو: ڪڇ جي علائقي ۾ سندس ڌاڙيل طور لاءِ مشهوري آهي، انهن مان گھڻا ڌاڙيل پسمانده برادرين مان هئا مثال طور: ڀيل، جت وغيره ڪي راجپوت برادرين مان به هئا انهن وٽ اڪثر ڪري مقامي آبادي جي وچ ۾ همدردين ۽ ڄاڻ ڏيندڙن جو هڪ نيٽ ورڪ هوندو هو. حوالي ۾ ذڪر ڪيل اڪثر ڪتابن ۾ اهوئي آهي ته پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏکيائين جو سبب انهن ڌاڙيلن جي مقامي سپورٽ آهي.

کوسا قبيلي جو پسمنظر:

کوسا قبيلو آهي جيڪو بنيادي طور ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر واري علائقي ۾ وسي ٿو. هو زبردست جنگجو ۽ ماهر گهوڙي سوار يا اٺ سوار هئا. ٿر ۾ هو رحمڪي بازار يا ڏيپلي جي ڀرسان تباهه ٿيل ننڍڙي شهر سري ۽ اسلام ڪوٽ ۾ مشهور 1952 واري ڌاڙي جي ڪري مشهور آهن، پر ان کان وڌيڪ واقعو مشهور سياستدان ارباب تاج محمد (ارباب لطف الله ارباب امان الله جو ڏاڏو) جو خون ڪرڻ وارو واقعو جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو هي روايتي طور تي، اهي زراعت، جانور پالڻ ۽ واپار ڪندا هئا انگريزن جي دور ۾فوج يا پوليس ۾ وڌي تعداد ۾ ڀرتي ٿيا، پر انهن جا ڪجھ همراهه ڌاڙيل جي روپ ۾ مشهور ٿيا.

پروفيسر جلال ڪوري موجب: کوسا ٽالپر دور ۽ ان کانپوءِ ھانسي، حصار، رنگ محل، اڀور، بنجارا، سوڍل، ماڻڪ کوڙ، عمرڪوٽ، ننگرپارڪر، ڪلڌيراني، بيڪانير ۽ ڪڇ تائين وڃي آباد ٿيا ھئا. مال دار هئا، پر مال هڻڻ وارو ڪم ڪندا هئا، سن 1805ع ۾ ڪاٺياواڙ ۽ 1816ع ۾ انگريز ڪڇ تي قبضو ڪري ويا. انگريز پنهنجي ايريا ۾ قانون جي حڪمراني لاڳو ڪرڻ ٿي چاهي، پر کوسا صدين کان وٺي ڦري ماري ڪندا رھيا ھئا، انھن ڀڄ کان پنجاهه ميلن جي پنڌ تي لونا شھر کي ڦريو. ھن واقعي کانپوءِ انگريزن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو چڱو سبب ھٿ اچي ويو، پر بنگال جي سپريم گورنمينٽ اجازت نه ڏني، پر وري به ميرن کي مجبور ڪري نئون معاھدو ڪرايائون. ان جو آخري نڪتو اھو ھو ته ٽالپر امير، کوسن ۽ ٻين بلوچن کي انگريزي علائقن اندر حملن ڪرڻ ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کان روڪيندا، پر کوسن جي موجودگي جي ڪري ائين ممڪن ڪونه ھو ۽ ڪڇ جي سرحد تي فساد جاري ھئا. 1825ع ۾ کوسن ڪڇ جي سرحد ڪراس ڪري وڃي ڀڄ تي حملو ڪيو. جاڙيجن ۽ کوسن گڏجي راءِ ڀرمل کي ٻيھر گاديءَ تي ويھارڻ جو مطالبو ڪيو. ھنن گڏجي وڃي بلاريءَ جي قلعي تي قبضو ڪيو. کوسن جي حملن ڪري انگريزن ۽ ميرن ۾ وري ڪشيدگي پيدا ٿي. 1832ع ۾ کوسن پالڻپور جي ھڪڙي واپاري قافلي کي ڦريو. کوسن ۽ واگھيلن گڏجي رحمڪي بازار کي ڦريو. ڪرنل پاٽينجر حيدرآباد جي ميرن کي شڪايت ڪرڻ سان گڏ ڪلڪتي جي سپريم ڪورٽ کي کوسن جي ڪاررواين جي رپورٽ پيش ڪئي. جنھن وري جوڌپور ۽ جيسلمير جي راجائن کي پابند ڪيو ته کوسن خلاف انگريزن جي مدد ڪن.

قابل ذڪر کوسا ڌاڙيل:

1 رحيم کوسو: ٿرپارڪر جو هڪ بدنام ڌاڙيل، جيڪو پنهنجي چالبازيءَ ۽ بهادريءَ جي ڪري مشهور هو. هو ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل چورين ڌاڙن ۾ ملوث هو.

  1. گل محمد کوسو: کوسا قبيلي مان هڪ ڌاڙيل، جيڪو پنهنجي بي رحميءَ ۽ مخالفن تي حملن سان گڏ ڪيترن ئي پرتشدد تڪرارن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري مشهور هو.

  2. پير محمد کوسو: هڪ ڌاڙيل جنهن 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪن ۾ ڪارروايون ڪيون، پنهنجي هوشياري ۽ پڪڙڻ کان بچڻ جي صلاحيت جي ڪري مشهور هو.

  3. مير خان کوسو: ٿرپارڪر، سنڌ، پاڪستان ۾ کوسا قبيلي جو هڪ بدنام ڌاڙيل هو. هي 1958 ڌاري هي واقعي ۾ مشهور سياستدان ارباب تاج محمد (وڏو) جي خون ۾ ملوث هو. ان واقعي بابت مقامي تاريخ ۾ تمام ٿورو لکيو ويو آهي، پر جڏهن مقامي ماڻهن خاص ڪري کوسن يا نهڙي برادري کان معلوم ڪيو ويو ته ان واقعي جا مليل تفصيل لکجن ٿا

مير خان کوسو جو جنم ڪن راوين موجب 1925ع ڌاري ننگرپارڪر جي ڳوٺ ۾ ٿيو هي به ٻين کوسن ڌاڙيلن وانگر ٽولو ٺاهي ڏيپلي، مٺي، ننگرپارڪر تعلقن جي حدن ۾ مالدار ماڻهن جي ڳوٺن تي حملا ڪري سون، چاندي، زيور يا مال ڪاهڻ جو ڪم ڪندو هو، هن وٽ مخبرن يا هٿ ڏس وارن جو نيٽ ورڪ هو اڪثر ڪري ڏيپلي جي بئراجي علائقي جي زميندارن ڏي به ڦرن جون شڪايتون هيون.

واقعي جو تفصيل: ارباب تاج محمد وڏو جيڪو موجوده سياستدان ۽ اسيمبلي ميمبرن ارباب لطف الله ۽ ارباب امان الله جو ڏاڏو هو. سندس 1905ع ڌاري ڏيپلي ٿرپارڪر جي ڳوٺ کيتلاري ۾ ٿيو. هو ونگي جي جام جي لقب کانسواءِ مقامي طور تي وڏي اثر رسوخ وارو شخص هو. مقامي طور تي ماڻهن جي شڪايتون هيون ته ڌاڙيل علائقي ۾ ڦرون ڪن ٿا جنهن تي هن علائقي جي ڳوٺاڻن کي چيو هو ته جيڪڏهن ڪٿي ويجهو ڌاڙيلن جو ڏس پوي ته ساڻس مقابلو ڪجو يا مون کي اطلاع ڪجو اها آگسٽ جي پهرين ڏهي جي ڪا تاريخ هئي ته کيس کيتلاري جي اوڀر ۾ ڪنهن ڳوٺ جي ماڻهن ٻڌايو ته مير خان کوسو جو ٽولو ڪٿان ڦر ڪري تيزي سان واپس ننگرپارڪر وجي رهيو آهي، ارباب تاج محمد مقامي ساٿين ۽ جيڪي هٿيار موجود هئا انهن کي کڻي اٺن گهوڙن تي پيڇو ڪيو، پر مير خان تيزي سان نڪري چڪو هو. گهوڙن جي پيرن جي نشانن رستي جي ڳوٺن مان پڇائون ڪندي آگسٽ جي ڏهين تاريخ 1958ع مٺي ويجهو ڪن روايتن موجب اسلام ڪوٽ مٺي جي وچ ۾ ڪنهن ڳوٺ ڀرسان مير خان کوسي ۽ سندس ٽولي سان وڃي منهن مقابل ٿيا جنهن ارباب تاج محمد ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته مير خان خود ته بچي ويو ۽ فرار ٿي ويو، پر سندس به ڪجھ ساٿي مارجي ويا ان واقعي بعد وڏي ڇڪتاڻ ٿي پئي. عوام ۾ غم ۽ غصو پکڙجي ويو، مقامي پوليس ڪيتريون گرفتاريون ڪيون حيدرآباد جي پوليس ڪمشنر پوليس ۽ فوج جي مخبرن کي ڪم تيز ڪرڻ جو چيو، مير خان کوسو لڪي ويو ڪيئي سال وڏين ڪوششن باوجود هٿ نه آيو. ان بابت مختلف افسانوي ڳالهيون به پکڙيون هڪ کوسي مون کي چيو ته اسان ٻڌو هو مير خان فوت ٿي چڪو آهي، پر پوليس صبر سان سندس انتظار ڪندي رهي نيٺ آخرڪار 12 نومبر 1965ع تي  اسلام ڪوٽ ڀرسان پوليس جي مقابلي ۾ ساٿين سان گڏ مارجي ويو.

  1. گل محمد جکرو: جکر قبيلي مان هڪ ڌاڙيل، گل محمد 1960ع ۾ سرگرم هو. هو ڪيترن ئي چورين ۾ ملوث هو ۽ بي رحم هجڻ جي ڪري شهرت رکندو هو.

  2. رحيمداد بروهي: بروهي قبيلي مان هڪ ڌاڙيل، رحيمداد 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سرگرم هو. هو اغوا ۽ ڦرلٽ جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو ۽ پنهنجي چالبازين جي ڪري مشهور هو.

سمان قبيلو ڪڇ ۽ ٿرپارڪر سنڌ ٻنهي ۾ وڏي اهميت  رکي ٿو. هتي سمان قبيلي مان ڪجهه قابل ذڪر ڌاڙيل آهن سمان قبيلي جا ڪڇ يا ٿرپارڪر ۾ ويهين صدي جا ڪجھ ڌاڙيل جيڪي تاريخ يا مقامي لوڪ داستانن قصن ۾ مذڪور آهن. سمان قبيلو ٻنهي ڪڇ يا گجرات جي علائقن سان گڏ ٿرپارڪر جي سڀني تعلقن ۾ وسن ٿا. هي مالدار قبيلو آهي.

  1. راجا سمون: ڪڇ جو هڪ افسانوي ڌاڙيل، جيڪو پنهنجي بهادري ۽ غريبن سان سخاوت لاءِ مشهور هو.

  2. جيو سمون: ڪڇ جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1940ع ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سرگرم رهيو. هو ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل چورين ڌاڙن ۾ ملوث هو ۽ هو چالاڪ هجڻ ڪري هميشه بچندو رهيو.

  3. خانو سمون ڪڇ جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1960ع ۾ سرگرم هو. هو پنهنجي بي رحمي جي ڪيترن ئي پرتشدد تڪرارن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري مشهور هو.

  4. سليمان سمون: ٿرپارڪر جو هڪ بدنام ڌاڙيل، جيڪو ڪيترن ئي اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث هو.

  5. گلاب سمون: ٿرپارڪر جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1970ع ۾ سرگرم هو. هو پنهنجي بهادريءَ جي ڪري مشهور هو ۽ غريبن لاءِ سخاوت جي ڪري مشهور هو.

  6. رحيم سمون ٿرپارڪر جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1980ع ۾ سرگرم رهيو، ھي وڏو اسمگلر به ھو.

سما قبيلي جا ڪيترائي ڌاڙيل پنھنجي گھوڙي سواري، نقل و حمل ۽ زمين جي ڄاڻ لاءِ سڃاتا ويندا ھئا. اهي اڪثر ڪري مالدار واپارين ۽ زميندارن کي نشانو بڻائيندا هئا.

مياڻو يا مياڻا ٿرپارڪر جي بارڊر ۽ ڪڇ جي ماريو نالي علائقي ۾ وسندڙ قبيلو آهي.

ڪڇ جو مشهور ميانا قبيلو، جيڪو 20 صدي جي ڪجھ ڌاڙيلن لاءِ مشهور آهي، مختلف تاريخي احوالن، ڪتابن ۽ برطانوي ۽ هندستاني حڪومتن جي رپورٽن ۾ دلچسپيءَ جو موضوع رهيو آهي. انهن ڪتابن موجب ميانا ماڻهو هڪ خانا بدوش گروهه آهن، جن جو تعلق گجرات جي ڪڇ واري علائقي سان آهي. انهن کي اڪثر ڏوھي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي ڪري غير قانوني طور ڏٺو ويندو هو، ان جي سببن ۾ سماجي، اقتصادي حالتن جو جواب هو، جهڙوڪ: غربت ۽ پسماندگي وغيره.

برطانوي نو آبادياتي رڪارڊ برطانوي عملدارن مياڻا قبيلي جي سرگرمين کي دستاويز ڪيو، انهن جي حملن کي به لکيو آهي ۽ نو آبادياتي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ درپيش چيلنجز بابت به لکيو آهي. مورخن پاران لکيل ڪتاب “ڪڇ جا ڌاڙيل” ۾ مياڻن جي ڦرلٽ جي سماجي ڍانچي، طرز زندگي ۽ سببن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. هندستان ۾ ويهين صديءَ جي شروعات جون اخبارون، جيئن تهThe Times of India  ۽The Hindustan Times، انهن واقعن بابت رپورٽ ڪيو، جن ۾ ميانا ڌاڙيل شامل هئا، اڪثر ڪري سندن ڪارنامن کي سنسني خيز بڻائيندا هئا. انهن مضمونن ميانا کي مقامي سلامتي لاءِ هڪ اهم خطرو قرار ڏنو.

ورهاڱي کانپوءِ انڊين سرڪار قبيلي تي سختي يا بدلجندڙ صورتحال سڀ مياڻا قبيلي جي ڌاڙيلن تي اثر پيا هو پنهنجي روايتي سختين کان به پوئتي هٽيا ۽ پرامن زندگي جي طرف موٽيا هنن مياڻن جا پاڪستان جي ٿرپارڪر ۾ ڏيپلي يا مٽي ۾ جهنگ، جهن، برڙيو، ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. ان قبيلي جي ڪجھ ڌاڙيلن بابت مختصر ڄاڻ ملي آهي.

  1. راڻو مياڻو ٿرپارڪر جو هڪ افسانوي ڪردار آهي جنهن بابت مختلف ڳالهيون آهن هي ڌاڙن يا مال ڪاهي رڻ پار ڪري وڃڻ جي واقعن ۾ ملوث هو.

  2. ڪارو مياڻو: ٿرپارڪر جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1960ع ۾ سرگرم هو.

  3. حاجي مياڻو: ٿرپارڪر جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1970ع ۾ سرگرم رهيو. هو ڪيترن ئي پرتشدد تڪرارن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري مشهور هو.

  4. جيٿو مياڻو ڪڇ جو هڪ بدنام ڌاڙيل، جيڪو ڪيترن ئي اغوا ۽ ڦرلٽ ۾ ملوث هو.

  5. ميڻو مياڻو: ڪڇ جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1940ع ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سرگرم رهيو.

  6. لالو مياڻو: ڪڇ جو هڪ ڌاڙيل، جيڪو 1960ع ۾ سرگرم هو. هو ڪيترن ئي هاءِ پروفائيل چورين ۾ ملوث هو ۽ هو چالاڪ هجڻ جي ڪري شهرت رکندا هئا.

هي ڪجھ ڀٽي ڌاڙيلن جا نالا آهن جيڪي مختلف انڊين آرڪائيز يا پاڪستان ۽ انڊيا جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رڪارڊ جو حصو آهن:

  1. دوست محمد ڀٽي (فعال 1970-1980). 2. راجا ڀٽي (فعال 1940ع-1950ع). 3. ڪالا ڀٽي (فعال 1960-1970).

ڦرلٽ، ڌاڙن اسمگلنگ جا مشهور نالا آهن: خاص طور تي ڀج، مانڊوي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هي ڀٽي ڌاڙيل مشهور هئا.

ڀاٽي يا ڀٽي لفظ دراصل سَنسڪرت جو لفظ ڀاٽي آهي، جيڪو راجستان جي راجا ڀاٽي راءِ جي نالي پويان وجود ۾ آيو آھي. اهو ڀاٽي قبيلو پڻ راجا ڀاٽي راءِ جي نالي پويان سڏجي ٿو. ڀاٽي راجپوتن ۾ وڏي اهم شاخ آھي، هي پاڻ کي شري ڪرشن جي اولاد طور سڏائين ٿا. ڪن تاريخن ۾ انهن کي يادوَ ونشي چيو وڃي ٿو. يادو قبيلي جي نالي سان قبيلو الڳ آهي. ڪي ان کي به راجپوت يا ڀاٽي سمجهن ٿا ائين ناهي. ڏند ڪٿائن موجب هن قبيلي جا ڪيترائي ئي مشهور راجا هُئا شري ڪرشن، راجا باهُو بلي، راجا گج سنگهه، راجا ساليواهن، راجا بلند، راجا رسالو، راجا ڀاٽي راءِ، راجا ڀواني سنگهه عرف بجئه راءِ، راول سِڌ ڏيوراج ڀاٽي جنهن ديوگڍ جوڙايو، راول جيسل سنگهه جنهن جيسلمير رياست وجود ۾ آندي ۽ راجا ڪپور سنگهه، جيڪو ڪپور ٿلا رياست جو باني هو. ڀاٽي دل جا پڪا دلير ۽ بنهه بي رحم هُئا. انهن ڪنهن دور ۾ راجستان توڙي گجرات سميت ٿرپارڪر ۾ ڌاڙا هنيا هي جيسلمير جا ڀاٽي ڌاڙيل پوري ٿر ۾ نالي چڙهيا هئا، اٺن جا وڳن جا وڳ هڻي راتو رات ۾ ڪڇ يا جيسلمير جي پٽن ۾ سوجهاڪو ڪندا هئا. ڪڇ ۽ جيسلمير جي ڀاٽين بابت مشهور آهي ته هي فطرت جا وڏا ڄاڻو هئا. سوڻن ساٺن سان پکين جي ٻولي هجي يا جيت جڻي جي چرپر کي ڏسي هي انهيءَ مان اڳڪٿي ڪري موسمن جا حال ۽ ڪلاڪن جون اڳڪٿيون به ڪري ويندا هئا. ان حساب سان اڳتي وڌندا هئا جيڪڏهن ڪٿي بدسوڻ ٿيو ته ڌاڙي بنا ئي واپس ٿيندا يا رستو تبديل ڪندا هئا. هتي ڪجھ نامور ڀاٽي ڌاڙيل جا نالا انڊين آرڪائيوز ۽ مقامي لوڪ داستانن مان هٿ ڪيون آهن.

قابل ذڪر ڀٽي راجپوت ڌاڙيل: 1. راڻو ڀٽي (فعال 1920ع-1930ع). 2. ڪانھو ڀٽي (فعال 1940ع-1950ع). 3. واگهو ڀٽي (فعال 1930ع-1940ع). 4. جدو ڀٽي (فعال 1950ع-1960ع). ھي ڦرلٽ، ڌاڙن ۽ اسمگلنگ جي واقعن ۾ ملوث ھئا، خاص طور تي ڀج پڇم، مانڊوي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مشهور ھئا.

هتي وڏو سوال اهو آهي ته اهي ڌاڙيل ڇو يا ڪيئن پيدا ٿيا ڪڇ ۽ ٿر جي علائقائي ويران منظر نامي جي ڪري 20 صدي ۾ ڌاڙن يا چورين کي وڌڻ ۾ ان ڪري ڪردار ادا ڪيو جو جڏهن ٿر يا ڪڇ ۾ مقامي قبيلائي سرڪارون انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ختم ٿيون يا غلام بڻجي ويون راڻي رتن سنگھ يا کوسا قبيلن جي انگريزن سان ڪڏهن جنگ ڪڏهن ٺاهه جي پويان مکيه سبب به اهوئي هو. ڪي وري ان کي مقامي اتر اولهه هندستان جي سماجي- اقتصادي حالات سان ڳنڍين ٿا، پر جيتري قدر مون پڙهيو ان مان اهو ننڍڙو ڪارڻ ڳڻجي، پر مقامي ڌاڙيل جيڪي هيڏين وڏين ڪاررواين باوجود به ساڳي جهوپن، چونئرن ۾ رهيا انهن جي زندگي جي گذارڻ جو انداز نه بدليو. مقامي طور تي حاڪم بڻيل راجپوت قبيلي کان اچانڪ ئي سندن اختيار کسجڻ يا محدود ٿيڻ به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو، ٿر جو ريگستان ڪارونجهر يا ڪڇ جو ڪارو جبل يا راجستان جو ابو پهاڙ طبعي طور سندن لڪڻ جو هنڌ بڻجي ويا. مقامي قبيلا سندس ساٿي مقامي مخبر يا هٿ ڌس ڪرڻ وارا سندن حمايتي بڻجي ويا ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين به لڳندو آهي ته فرنگين خلاف مقامي گوريلا مزاحمتون به ان کي وڌائڻ يا ساٿ ڏيڻ جو سبب ٿي سگهن ٿيون. مقامي طور تي صديون اڳ لاکو ڦلاڻي جاڙيجي جو ڪردار به انهن لاءِ اتساهه جو سبب ٿيو هجي، ڇو ته ان کي چارڻ، ڀانن، ڀاٽن مقامي لوڪ داستانن، شاعري ۾ موسيقارن وري موسيقي سان سگهڙن وري لوڪ شاعري ۾ ان کي هيرو بڻائي پيش ڪيو هو. ساڳي ويهين صدي جا ڌاڙيل به غريبن کي دان ڏيڻ، چارڻن پانن کي فقيرن کي سخاوت سان نوازڻ ۾ مشهور ٿيا. ڪيترن بابت ديو مالائي فرنگي فوج يا ڀاڳين سان مقابلي ڪرڻ آڌي راتين ۾ فرار ٿي رڻ پار ڪرڻ جون ڳالهيون مشهور آهن. هر قبيلو پنهنجي ڌاڙيلن جي بهادري تي فخر ڪري ٿو. ٿر ۾ ڪچهرين لاءِ اهڙو مواد ٿورو هو جنهن ۾ غير مقامي فوج يا پوليس سان ويڙھ ٿي هجي بهرحال هي سمورو مواد ٿر جي رڻ ڪڇ جي ڳوٺن يا ڪڇ گجرات يا راجستان ۾ سيني به سيني هلي پيو، جن ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون اڃان اڻ لکيل آهن ڪيترائي اهڙا راز پڌرا ٿين ٿا جن جي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ الڳ مضمون جي ضرورت آهي.

مددي ڪتاب:

  1. “The Thar Desert” by A. W. Hughes (1876)

  2. “Kutch: Its History and Cultural Heritage” by K. R. Vyas (1992)

  3. “Bandits and Rebels: Outlaws in India, 1800-1947” by K. S. Singh (1984)

  4. “The Rajputana Rebels” by R. P. Vyas (1985)

آرٽيڪلز:

  1. “Thar’s Forgotten Bandits” by The Hindu (2018)

  2. “The Bandits of Kutch” by The Indian Express (2015)

  3. “Tharparkar’s Outlaws” by Dawn (Pakistan, 2013)

گجراتي ريفرنس:

  1. કચ્છના ડાકુઓ (Kutch na Daku) by R. M. Vyas (1985)

  2. થારના ડાકુઓ (Thar na Daku) by K. R. Vyas (1992)

سنڌي/اردو ريفرنس:

  1. “ٿر جا ڊاڪو” (Thar ja Daku) by A. Q. Ansari (1980)

.2 “ڪڇ جا ڊاڪو” (Kutch ja Daku) by N. M. Bilgrami (1984)

.3 ٿر ۽ پارڪر جو احوال ڪيپٽن اسٽنلي ريڪس

خالد جوڳي، امر رائيسنگھ، جلال ڪوري جا مضمون

مقامي سمان، راجپوت، مياڻا قبيلن جا بزرگ.