نئونناول

هائپرسومنيا (ناول آخري قسط)

ان ڏينھن ٽاڪ منجهند جو وقت ھو، عبدالرحيم ننڊ ستل ھو، جو اچانڪ سندس اک کلي پئي، ٿوري ئي دير ھو بستري تي ليٽيو رھيو ھو، ھن ٻيھر ننڊ ڪرڻ چاھي ھئي ۽ پوءِ ننڊ ڪنھن حسين ناريءَ جو روپ ڌاري کيس پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو ھو.

پنھنجي انھيءَ ننڊ جي آخري حصي ۾ ھن خواب ڏٺو ته، ھو پنھنجي گهر جي ڇت تي ھميشه جيان پکين کي داڻو ڏئي رھيو آھي، ھو پکين جي تعداد تي حيران ٿي رھيو آھي… ايترا سارا پکي ھن اڳ ڪڏھن به پاڻ وٽ نه ڏٺا ھئا… انھن پکين ۾ ڪيترائي نوان پکي آھن، جن کي ھو سڃاڻي به نه ٿو سگهي! نه اھڙن اجنبي پکين بابت ھن ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو آھي ۽ نه ئي انھن جو ڪٿي ڪو ذڪر ٻڌو اٿس!

انھن جون ٻوليون به بنھه نراليون آھن… اوچتو ئي اوچتو آسمان مختلف قسم جي پکين سان ڀرجي ويو آھي، جنھن ڪري زمين تي ڇانوَ ٿي رھي آھي… عين ان پل ھڪ پکي جنھن جي چھنب ننڍي ۽ جسم ۾ ٿلھو پئي نظر آيو، مٿس حملو ڪيو آھي… ھو ان اوچتي حملي کان بي خبر ھو، کيس پکي نرڙ تي پنھنجي پيرن جي ننھن سان رھنڊون ڏئي ويو آھي… ھن اڃا پاڻ سنڀاليو ئي نه آھي ته، ان جھڙن ٻين پکين مٿس حملو ڪيو آھي.

ٻي پل ھو ڊوڙندو ڇت تان ھيٺ لٿو آھي، سندس منھن ۽ ھٿن تي رت جون لڪيرون ظاھر ٿيڻ لڳيون آھن… ھو ھيٺ آيو آھي ۽ وڃي الماڙيءَ مان پنھنجي ڪارتوسي بندوق ڪڍي اٿس. ھو بندوق کڻي ٻيھر ڇت تي ويو آھي، جتي ڪانون ۽ ڪٻرين کان سواءِ سندس ڏيھي پکين جو تعداد صفا گهٽ آھي، سندس ھٿن ۾ موت ڏسي، ويڙھاڪ پکي مٿي اڏري رھيا آھن… سندس ويجهو نه ٿا اچن، ھو ٿوري دير خاموش بيٺو رھيو آھي، پر جنھن پل سندس زخمن سور ڪيو ته، ھن ھڪدم بندوق ڀري آھي ۽ مٿي اڏامندڙ پکين کي ھنئي اٿس… بندوق جي انھيءَ ٺڪاءَ تي سندس اک کلي وئي ھئي.

سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ھئي، ھو پنھنجو پاڻ کي صحيح سلامت ڏسي، ھوش ۾ آيو… ۽ ڪي گهڙيون بستري تي ليٽيو رھيو ھو.

عبدالرحيم دروازو کولي ٻاھر ڏٺو، جهڙ جي ڇانوَ ھر پاسي ڦھليل ھئي… سج جي تپش جهڪي ھئي، ھو ٻاھر نڪري آيو ۽ آسمان ۾ نظرون کڻي ڏٺائين، اوڀر طرف کان ايندڙ ڪارونڀار سندس دل جي ڌڙڪي کي وڌائي ڇڏيو، کيس شدت سان محسوس ٿيو ته، اڄ مينھن ضرور وسندو!

ھو واپس ويو ۽ واش روم مان ٿي، پنھنجي لاءِ چانھه ٺاھڻ لڳو ھو… چانھه کڻي ھو باغيچي ۾ اچي ويٺو ھو، ھلڪي ٿڌي ھوا گهلي رھي ھئي، ۽ گھري ڪاري جهڙ مٿس اداسي طاري ڪري ڇڏي ھئي، ان پل کيس شدت سان محسوس ٿيو ته، ماريه کي وٽس ھجڻ گهرجي ھان! ٻئي پل ھن پنھنجي ڊرائيور کي ياد ڪيو، جيڪو پڻ پنھنجي ڳوٺ ويل ھو.

چانھه پيئندي ھن سوچيو: ته، پکين کي داڻو مينھن کان اڳي ڏئي ڇڏجي!

ھن پنھنجي واچ ۾ وقت ڏٺو ته، 05:05 ٿيا ھئا. ھو اٿيو ۽ پکين لاءِ ٻاجهري ۽ ڪڻڪ کڻي ڇت تي ھليو ويو ھو.

ھن ڏٺو ته، پکي تيزيءَ سان پنھنجي آکيرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا، پر ڪي پکي ان بچيل داڻي کي به چڳي رھيا ھئا.

ھن ‘‘آ… آ… آ…’’ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پکين کي داڻو ڏيڻ شروع ڪيو ھو.

پھرين ھو بيٺي پکين کي داڻو ڏئي رھيو ھو، آھستي آھستي پکين جو تعداد وڌي رھيو ھو، عبدالرحيم شدت سان محسوس ڪيو ته، پکين ۾ بي چيني ھئي، کين مينھن کان اڳي آکيري تائين پھچڻ جو الڪو ھو… ھو ڊڄي ڊڄي داڻو کڻي رھيا ھئا، مٿن موسم جو خوف حاوي ھو.

ھوا پھريان کان تيز ٿي وئي ھئي، پکين کي اڏامڻ ۾ بيحد ڏکيائي ٿي رھي ھئي، ٻئي پل ھن ڏٺو ته، سندس ڇت پکين کان خالي ٿي رھي آھي!

ھوا بيحد تيز ٿي، طوفان جو روپ اختيار ڪري وئي ھئي، منجهس مٽي، ڪليون ۽ ڪاغذ ھئا.

عبدالرحيم ھيٺ وڃڻ چاھيو، پر ھو وڃي نه سگهيو ھو ۽ ڪرسيءَ تي ويٺو ئي رھيو ھو… کيس خوف ٿي رھيو ھو ته، ھيءَ موسم کيس ماري وجهندي!

طوفاني ھوا کيس پريشان ڪري ڇڏيو ھو، سندس دل بي اختيار ٿي ماريه کي سڏڻ چاھيو ھو… پر ھوءَ سندس سڏن کان ڪوھين ڏور ھئي.

مون کي ھيٺ ڪمري ۾ وڃڻ گهرجي، ھتي ويھڻ بي وقوفي آھي! عبدالرحيم سوچيو… ۽ پوءِ ھو انھيءَ ارادي سان ڪرسيءَ تان اٿيو ته، آسمان ۾ کنوڻ جو وڏو تجلو ٿيو، جنھن جهڙ جي ۽ طوفان جي ڪري پيدا ٿي پيل معمولي اونداھيءَ کي جهٽڪي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو، کيس ھر شيءِ چٽي ڏسڻ ۾ آئي… .انھيءَ ئي زوردار ڌماڪي سان مينھن وسڻ شروع ٿي ويو ھو.

ھڪ ڀيرو ٻيھر عبدالرحيم وسندي مينھن ۾ ھيٺ وڃڻ چاھيو ھو، پر ھن ڀيري ھيٺ وڃڻ ۾ سندس دلچسپي گهٽ ھئي… ڇاڪاڻ جو ان وقت وايومنڊل مان ھوا ۽ ڌوڙ غائب ٿي چڪيون ھيون، عرصي پڄاڻان ھو مينھن ۾ کليل آسمان ھيٺ ھو، مينھن جون ڪڻيون سندس جسم کي لڳي رھيون ھيون، ھن انھيءَ ڇھاءَ جي تاثير کي روح تائين لھندي محسوس ڪيو.

وسندي مينھن ۾ ھن ڏٺو ته: ڇت تي مئل پکي ھئا، جيڪي طوفاني ھوا جي ڪري يا تيز مينھن جي ڪري سٽجي ڪريا ھئا… ۽ مري ويا ھئا… انھن پکين کي ڏسندي ئي سندس ديد ڌنڌلي ٿي وئي ھئي، ھن جي اکين مان ڳوڙھا وھي نڪتا ھئا، ھن اکيون بند ڪري ڇڏيون ھيون.

عبدالرحيم جيئن ئي اکيون بند ڪيون ته، کيس سامھون عارفه بيٺل نظر آئي، ‘‘مينھن ۾ مٿي ڇا پيو ڪرين، بيمار ٿي پوندين! اچ ھيٺ… اچ، جلدي ڪر!’’ ھن عارفه جو آواز پنھنجي ڪنن ۾ گونجندو محسوس ڪيو ته، ھڪدم اکيون کوليائين.

عبدالرحيم بيحد اداس ٿي ويو ھو، اڪيلائي کيس ماري رھي ھئي… ھاڻي، ھن ھيٺ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو ھو، ھو جيئن ئي ڪرسيءَ تان اٿيو ته، بي ست ٿي ڪري پيو… سندس جسم ۾ ست نه رھيو ھو… ۽ پوءِ ھو بي ست، بي جان ڪنھن ڀڳوان جيان مينھن ۾ ڀِڄندو رھيو ھو.

…(پورو ٿيو)…