ان ڏينھن ٽاڪ منجهند جو وقت ھو، عبدالرحيم ننڊ ستل ھو، جو اچانڪ سندس اک کلي پئي، ٿوري ئي دير ھو بستري تي ليٽيو رھيو ھو، ھن ٻيھر ننڊ ڪرڻ چاھي ھئي ۽ پوءِ ننڊ ڪنھن حسين ناريءَ جو روپ ڌاري کيس پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو ھو.
پنھنجي انھيءَ ننڊ جي آخري حصي ۾ ھن خواب ڏٺو ته، ھو پنھنجي گهر جي ڇت تي ھميشه جيان پکين کي داڻو ڏئي رھيو آھي، ھو پکين جي تعداد تي حيران ٿي رھيو آھي… ايترا سارا پکي ھن اڳ ڪڏھن به پاڻ وٽ نه ڏٺا ھئا… انھن پکين ۾ ڪيترائي نوان پکي آھن، جن کي ھو سڃاڻي به نه ٿو سگهي! نه اھڙن اجنبي پکين بابت ھن ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو آھي ۽ نه ئي انھن جو ڪٿي ڪو ذڪر ٻڌو اٿس!
انھن جون ٻوليون به بنھه نراليون آھن… اوچتو ئي اوچتو آسمان مختلف قسم جي پکين سان ڀرجي ويو آھي، جنھن ڪري زمين تي ڇانوَ ٿي رھي آھي… عين ان پل ھڪ پکي جنھن جي چھنب ننڍي ۽ جسم ۾ ٿلھو پئي نظر آيو، مٿس حملو ڪيو آھي… ھو ان اوچتي حملي کان بي خبر ھو، کيس پکي نرڙ تي پنھنجي پيرن جي ننھن سان رھنڊون ڏئي ويو آھي… ھن اڃا پاڻ سنڀاليو ئي نه آھي ته، ان جھڙن ٻين پکين مٿس حملو ڪيو آھي.
ٻي پل ھو ڊوڙندو ڇت تان ھيٺ لٿو آھي، سندس منھن ۽ ھٿن تي رت جون لڪيرون ظاھر ٿيڻ لڳيون آھن… ھو ھيٺ آيو آھي ۽ وڃي الماڙيءَ مان پنھنجي ڪارتوسي بندوق ڪڍي اٿس. ھو بندوق کڻي ٻيھر ڇت تي ويو آھي، جتي ڪانون ۽ ڪٻرين کان سواءِ سندس ڏيھي پکين جو تعداد صفا گهٽ آھي، سندس ھٿن ۾ موت ڏسي، ويڙھاڪ پکي مٿي اڏري رھيا آھن… سندس ويجهو نه ٿا اچن، ھو ٿوري دير خاموش بيٺو رھيو آھي، پر جنھن پل سندس زخمن سور ڪيو ته، ھن ھڪدم بندوق ڀري آھي ۽ مٿي اڏامندڙ پکين کي ھنئي اٿس… بندوق جي انھيءَ ٺڪاءَ تي سندس اک کلي وئي ھئي.
سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ھئي، ھو پنھنجو پاڻ کي صحيح سلامت ڏسي، ھوش ۾ آيو… ۽ ڪي گهڙيون بستري تي ليٽيو رھيو ھو.
عبدالرحيم دروازو کولي ٻاھر ڏٺو، جهڙ جي ڇانوَ ھر پاسي ڦھليل ھئي… سج جي تپش جهڪي ھئي، ھو ٻاھر نڪري آيو ۽ آسمان ۾ نظرون کڻي ڏٺائين، اوڀر طرف کان ايندڙ ڪارونڀار سندس دل جي ڌڙڪي کي وڌائي ڇڏيو، کيس شدت سان محسوس ٿيو ته، اڄ مينھن ضرور وسندو!