پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب جن عرصي دراز کان لڳو لڳ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي قيمتي، منفرد ۽ معياري فڪر انگيز ڪتاب وطن واسين کي ارپيا آھن. تازو ئي سندس تصنيف لطيف، اياز شناسيءَ تي “ھڪڙو ماڻهو ڪافي آھي” جي عنوان سان نئين سال 2025 جي سندرتا سوکڙي جي املھ صورت ۾ لائق قارئين ڪرام کي ملڻ وارو آھي. ھن پرمسرت موقعي تي لائق پڙھندڙن ۽ مانواري منصف کي مبارڪباد عرض خدمت آھي.
ڌڻي پاڪ سندس حياتي سک، صحت ۽ سلامتيءَ سان دراز ڪري جيئن پاڻ ھر سال ۾ پنهنجي جنم ڏينهن تي ٻھ ٻھ معتبر ۽ معياري ڪتاب پڙھندڙن کي عنايت ڪندو رھي. نه صرف ايترو بلڪه سندس مفيد ۽ معياري لائيو ليڪچر “محاضرات علميھ” سان به علم جي اڃ اجهائيندا رھن. سائين نور احمد جنجهي سنڌ جي انهن قابلِ قدر گهڻ طرفي شخصيت جا حامل آھن، جيڪي ھڪ ئي وقت علمي، ادبي، تاريخي، مشرقي توڙي مغربي علوم و افڪار تي دسترس رکن ٿا.
پاڻ شعر و سخن، نظم و نثر، تذڪره نويسي، لوڪ ادب، تصوف، سچل جي سچائي، ڀٽائيءَ جي وجد آفريني، رومي جي اندر شناسي تي پڻ عبور رکن ٿا. پنهنجي متنوع لکڻين ۾ نڪور ٿري محاورن ۽ لهجن کي تمام خوبصورتيءَ سان استعمال ڪندا آھن، سندن اظهار خيال وقت ھن جي تحرير توڙي تقرير فطري رنگن جي مظهر ھوندي آھي. ٻوليءَ جي استعمال ۾ جملن، لفظن جي چونڊ پڻ ڪمال سادگي، سچائي ۽ سونهن سان ڪندي دل کي ڇوھي وٺندا آھن. رومي ۽ عطار جي افڪار کي سنڌيءَ نظم ۾ آڻڻ وقت ته وڏي مهارت جو مظاهرو ڪندا آھن. مختصر ته ھن جي نظم توڙي نثر ۾ جملي کانپوءِ جملو، ھر لفظ کانپوءِ لفظ ڏسبو ايئن پيو محسوس ٿيندو آھي جيئن آبشارن جو صاف شفاف پاڻي پنهنجي طبعي رفتار سان روان دوان ھجي. ھميشه سندن ڪوشش هوندي آهي ته پڙھندڙن تائين وقت سر عملي، ادبي شيون پهچنديون رھن. علم، ادب، ڏاھپ ۽ ڏانءُ، انسان قدرن جي ستي ته سندن والد گرامي مرحوم غلام محمد جنجهي جهڙي ڏات ڌڻي کان ئي ورثي ۾ مليل آھي. پاڻ جنهن ڪاميابيءَ سان استعارا، تشبيهون، صنعتون، حرفتون استعمال ڪندا آھن سي پڻ انتهائي معياري برمحل ھونديون آھن.
بلاشبه ھي “ڪتاب ھڪڙو ماڻهو ڪافي آهي” اياز شناسيءَ جي موضوع تي علمي ادبي خوبين سان مزين نظر اچي ٿو. ھي ڪتاب پرولاگ کانسواءِ 1 عالم پسنديءَ جو شعور، 2 ڇا تون پنهنجي پنڌ ۾ 3 بک بري ديس جي 4. آھي اڃ اداس 5. اگهاڙپ اوڇڻ جن 6 سانجهي وير امر 7 ڪانڪھ تي چانڊوڪي 8 ھيءَ جا تيزي ھير 9 جن کي ساھڙ ساھ ۾ 10 ھڪڙو ماڻهو ڪافي آهي، جهڙن اھم عنوانن سان مزين آھن. ڪتاب ظاھري توڙي باطني خوبين، سونهن ۽ سوڀيا، خوبصورت اعليٰ طباعت و اشاعت ڪمپوزنگ، سفيد ڪاغذ جاذب نظر سهڻي سرورق سان سنواريل ساھ سان سانڍڻ جهڙي سندر سوکڙي آھي.
اسان ته ڀاڳڀريا چئباسين جو نئين سال جي شروعات ئي قلم و قرطاس، مانائتي معياري ڪتاب سان ڪري رهيا آهيون، جنهن جو اظهار فاضل منصف انهن لفظن سان ڪيو آھي ته “شيخ اياز جو لاڏاڻو به 28 ڊسمبر تي ٿيو ھو، (اسان طرفان) نئين سال جي کيڪارڻ سان دنيا ڏانهن اھو سنيهو وڃي ٿو ته جتي دنيا ۾ سال نو جو ھٿيارن جي ٺڪائن، دارونءَ جي گلاسن جي تبادلي، سائيڪلن جي ھڪ ڦيٿي اڏام، سان ملهائي وڃي ٿي اتي ٿر مان ڀليڪار ڪنهن نڪور ڪتاب سان ڪئي وڃي ٿي.”