بلاگنئون

زنده آ ڀٽو زنده آ…!؟

اڄ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 97 هون جنم ڏينهن آهي. پاڻ اڄوڪي ڏينهن يعني 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والده جو نالو خورشيد بيگم ۽ والد جو نالو سر شاهنواز ڀٽو هو، جيڪو مشھور زميندار هئڻ سان گڏ سياسي شخصيت هو. ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي تعليم ممبئي جي ڪيٿيڊرل اسڪول مان حاصل ڪئي. 1947ع ۾ پاڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيليفورنيا مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ جون 1950ع ۾ آڪسفورڊ ۾ پڻ داخل ٿيو.

ذوالفقار علي ڀٽو بيگم نصرت اصفهانيءَ سان شادي 8 سيپٽمبر 1951ع تي ڪئي ۽ بار ايٽ لا مان 1953ع ۾ ڊگري مڪمل ڪئي ۽ پاڪستان ڊنگومل فرم سان پنهنجي وڪالت جي باقاعده شروعات ڪئي. سندس اعليٰ قابليت فهم ۽ فضيلت جو چرچو عام ٿي چڪو هو، ان ئي سبب 1958ع ۾ هن صدر اسڪندر مرزا جي ڪيبنيٽ ۾ ڪامرس منسٽر طور ڪم ڪيو. سندس قابليت ۽ اعليٰ تعليم سبب جنرل ايوب خان اڳ ۾ ڪم ڪندڙ فارين منسٽر محمد علي بوگره کي هٽائي سندس جاءِ تي کيس فارين منسٽر طور اهم ذميواري ڏني، جنهن کي ڀٽو صاحب ڀرپور طور نڀايو ۽ پهرين ڀيرو پاڪستان جو نالو روشن ٿيو. اها ڀٽو صاحب جي حڪمت عملي هئي جو 1964ع ۾ ايوب خان کي ترڪي ۽ ايران سان بهتر لاڳاپن تي قائل ڪيو ۽ ڀٽو صاحب 22-23 سيپٽمبر 1965ع تي UNO کي تاريخ ساز خطاب ڪيو، جيڪو اڄ به يادگار آھي.

اهڙي نموني 1964ع ۾ تاشقند معاهدي ۽ ٻين ملڪي مسئلن تان ڀٽو صاحب، ايوب خان سان اختلاف رکندي ان جي ٽيم مان نڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪيو ۽ 30 نومبر 1967ع تي لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جي منشور ۾“اسلام اسان جو دين، جمهوريت اسان جي پاليسي، سوشلزم اسان جي اڪانامي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آھي” جي سنگم سان شروعات ڪئي جيڪا نگري نگري، واهڻ واهڻ، وستي وستي سيرياب ڪندي اعليٰ ايوانن کي فتح ڪيو. ڊسمبر 1970ع جي عام اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ويسٽ پاڪستان جي وڏي پارٽي طور سامهون آئي. ايسٽ- ويسٽ پاڪستان جي ان وقت جي سياسي شطرنج ۾ وطن عزيز جي ازلي دشمن انڊيا 1971ع جنگ مسلط ڪئي جنهن سبب ايسٽ پاڪستان (بنگلاديش) عليحدگي جو اعلان ڪيو. ان وقت جنرل يحيٰ خان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ مسئلن جي ور چڙھي ويو. ملڪ اندر بي چينيءَ جي صورتحال هئي.

 20 ڊسمبر 1971ع ۾ ڀٽو صاحب سويلين چيف ماتشل لا ائڊمنسٽريٽر طور هڪ ٽٽل ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون. اعليٰ صلاحيتن جي مالڪ ذوالفقار علي ڀٽو 1972ع ۾ 10 ڪيٽيگريز انڊسٽريز کي نيشنلائيز ڪيو ۽ بنگلاديش کي هڪ ملڪ طور مڃي اڳتي وڌيو. 2 جولاءِ 1972ع تي تاريخ ساز شملا معاهدو ڪندي 90000 افواج پاڪستان جا جنگي قيدي آزاد ڪرائيندي دشمن کان پنهنجي ڌرتي به آزاد ڪرائي ورتائين. پاڻ مختصر عرصي اندر ملڪ جو هڪ متفقه سياسي، مذھبي اڳواڻن سان گڏجي هڪ شاندر آئين ڪنسٽيٽيوشن آف پاڪستان 1973ع جو آغاز ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن آئين تحت پهرئين وزيراعظم آف پاڪستان طور ڀٽو صاحب قسم پڻ کڻي ورتو ۽ ملڪ جو انفرااسٽڪچر جنگي بنيادن تي ٺاهڻ لڳو جنهن ۾5 فيبروري 1973ع قائد اعظم يونيورسٽي جو قيام، 12 اپريل 1973ع تي پورٽ قاسم جو قيام، 28 جولاءِ 1973ع تي شناختي ڪارڊن جو بنياد، 30 ڊسمبر 1973ع تي اسٽيل مل جو بنياد رکرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 22 فيبروري 1974ع تي ٻين اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ منعقد ڪرايائين جنهن ۾ 38 اسلامي ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي.

ھڪ اھم دور انديش ۽ پڻ سندس لاءِ خطرناڪ فيصلو پاڪستان نيو ڪليئر پروگرام جي شروعات جو افتتاح پڻ سندس سوچ جو مينار آھي. جڏهن ته 1 جنوري 1974ع سڀني بئنڪن کي نيشنلائيز ڪري ورتائين. 1974ع تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد رکيائين. نيو ڪليئر پروگرام جي ڪاوڙ جو رد عمل 3 مارچ 1976ع تي سيڪريٽري آمريڪه ڪسنگر ڀٽو شھيد کي ڌمڪي ڏيندي اهو چيو ته پاڪستان پنهنجي نيو ڪليئر پروگرام تان هٿ کڻي ٻي صورت ڳرا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي” The Prime Minister would have to pay heavy price“ ۔ ڀٽو صاحب آگسٽ 1976ع ۾ ٿرڊ ورلڊ سمٽ جي قيام جو پڻ پروگرام ڏنو. 7 مارچ 1977ع تي عام اليڪشن ٿي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان سوڀاري ٿي. ڀٽو صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ 3 ڪتاب لکيا هئا جن ۾  آزادي مهم 1967 The Myth of Independence، ٻيو ڪتاب هڪ عظيم الميو 1971 The Great Tragedy  ۽ ٽيو 1978ع ۾ اگر مون کي قتل ڪيو ويو If i am Assisinated، ڀٽو صاحب جا تاريخ ساز لفظ ھئا ته مون هن ملڪ جي عوام تي وڏو احسان ڪيو آھي جو انهن کي سياسي بيداريPolitical Awareness ڏني آھي جيڪا يادگار رهندي.

ڀٽو پنهنجي سوچ ڪردار بهادري وطن پرستي ۾ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ زنده رھندو، پر سندس پارٽيءَ جي سرواڻي ڪرڻ وارا ڀٽو صاحب جي فڪر ۽ فلسفي کي عملي جامو نه پارائي سگهيا آهن. هو غريبن جو يار همدرد ۽ هڏڏوکي هو، هن ملڪ مان غربت مٽائڻ ٿي چاهي، هن بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ انڊسٽريز جو ڄار وڇائڻ پئي گهريو، اسٽيل مل جو وجود ان جي ڪڙي هئي، پر هن وقت سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ اسٽيل مل خانگاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيئي رهيا آهن.

عوام غربت کان به هيٺ لڪير تحت زندگي گذاري رهيو آهي. بيروزگاريءَ جو اهو عالم آهي جو نوجوان اجتماعي خودڪشيون ڪندي نظر اچن ٿا. ملازمن کي پنهنجا جائز حق نٿا ڏنا وڃن جيڪڏهن ڪو حقن لاءِ احتجاج ڪري ٿو ته ان مٿان مارشل لا وارو تشدد ڪيو وڃي ٿو. عورتن کي بينظير ڪارڊ جي نالي تي ذلت ۽ رسوائي ڏني وڃي ٿي. هاڻ سنڌ سڪائڻ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ جو سهرو به ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي جي سرواڻن جي سر مٿان آيو آهي. ڇو ته ان بل تي صحيح صدر آصف علي زرداري ڪئي آهي، جيڪو پ پ جو ڪو چيئرمين آهي. مطلب ته جيڪڏهن اڄ ذوالفقار علي ڀٽو زنده ھجي ھا ته ملڪ جون موجوده حالتون خراب نه ھجن ھا، پر عوام جي دشمنن عوام کان سندن محبوب ليڊر کسي ورتو ۽ پاڪستان خاص طور تي سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو خال قيامت تائين ڀرجي نه سگهندو.