اِها ڪنهن ماڻهو لاءِ ڪيڏي نه خوشنصيبي آهي جو کيس شڪل صورت جي خوبصورتي به ملي هجي ۽ مزاج جي سنجيدگي به! مون جڏهن به، ماضيءَ جي ناميارِي اداڪاره نرگس کي ڏٺو ته مون کي سندس شخصيت ۾ اِهي ٻئي ڳالهيون نمايان نظر آيون. مون سڀ کان پهرين سندس فلم “شِري 420” ڏٺي هئي، جنهن ۾ هُن هڪ استاد جو ڪردار ڪيو آهي. جنهن ۾ نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ لاءِ مزاج ۾ سخت به آهي ته وري ٻارڙن جي پيار مان تربيت ڪندڙ شفيق استاد به آهي. اُهو فلم ۾ سندس هيرو راج ڪپور آهي. اُن کانسواءِ راج ڪپور سان گڏ سندس ٻيون ڪيتريون ئي فلمون مشهور ٿيون، جن ۾ فلم چوري چوري به شامل آهي.
نرگس جو اصل نالو فاطمه رشيد هو، پر فلم انڊسٽري ۾ هِن نرگس بيبي جي نالي سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي نرگس ٿي وئي. نرگس پهرين جون 1929ع تي پيدا ٿي هئي. نرگس ڇهن سالن جي ڄمار کان فلمن ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. سندس پهرين فلم “تلاشِ حق” هئي. ڪلڪتي ۾ جنم وٺندڙ نرگس جي ماءُ جدن ٻائي ڪلاسيڪل راڳي هئي. سندس والد اُتم چنڊ مولچند هڪ ڊاڪٽر هو. سندس ڀاءُ انور حسين به هڪ اداڪار هو. رڳو 14 سالن جي عمر ۾ ئي محبوب خان، نرگس کي فلم “تقدير” ۾ بطور هيروئن ڪاسٽ ڪيو. نرگس جي جوڙي دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور سان تمام گهڻي مشهور رهي. انهن ٽنهي “انداز” فلم ۾ گڏجي به ڪم ڪيو هو. راج ڪپور سان سندس فلمن ۾ آواره، برسات، چوري چوري، شري 420 جهڙيون فلمون بيحد مقبول ٿيون.
راج ڪپور ۽ نرگس جي پهرين ملاقات به ڏاڍي دلچسپ هئي. اصل ۾ راج ڪپور کي نرگس جي ماءُ جدن ٻائي سان ملڻو هو. اُن ڪري جيئن ئي هن سندن گهر جو دروازو کڙڪايو ته نرگس ٻاهر نڪتي ۽ دروازو کوليائين ته اُن وقت سندس نرڙ تي بيسڻ لڳل هو. ڇو ته هوءَ اُن وقت پڪوڙا تري رهي هئي. اُهو ڏسي راج صاحب مُسڪرايو ۽ اِهو ساڳيو منظر راج ڪپور صاحب پنهنجي فلم “بوبي” ۾ به فلمايو، جيڪا رِشي ڪپور ۽ ڊمپل ڪپاڊيا جي بطور هيرو هيروئن پهرين فلم هئي. چوري چوري فلم جو هي ڊائلاگ ڪيڏي نه سنجيدگي سان نرگس ادا ڪيو ته؛ “ٿڌڙي هوا جي جهونڪن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو.”
نرگس جڏهن رومانٽڪ هيروئن طور مشهوري ماڻي چڪي هئي ته محبوب خان کيس هڪ انوکي ڪردار لاءِ چونڊيو. اُها فلم هئي “مدر انڊيا”، جنهن ۾ هن هڪ ماءُ جو ڪردار ڪيو آهي. جنهن ۾ سندس نالو راڌا آهي ۽ اُن فلم ۾ هن جوان عورت کان ويندي هڪ ٻُڍڙي تائين جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اُن فلم ۾ راج ڪمار سندس مڙس ۽ سنيل دت سندس پُٽ جو ڪردار ڪيو آهي. اُن فلم ۾ نرگس جو ڪردار جدوجهد جي علامت آهي. اِن فلم لاءِ نرگس کي نيشنل ايوارڊ به مليو. اِن فلم ۾ نرگس اُن هارياڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو مڙس پورهيو ڪندي مري وڃي ٿو ۽ پوءِ هِن کي پنهنجي معصوم ٻارڙن جي پالنا به ڪرڻي آهي. پورهيو به ڪرڻو آهي ۽ پيٽ به پالڻو آهي. اُن فلم جو گانو “دنيا ۾ هم آئين هين تو جينا هي پڙيگا، جيون هي اگر زهر تو پينا هي پڙيگا”… تمام گهڻو مشهور ٿيو. اُن فلم ۾ دليپ ڪمار کي نرگس جي پُٽ جو ڪردار ڪرڻ جو چيو ويو هو، پر هن انڪار ڪيو ۽ سندس چوڻ هو ته “نرگس منهنجي هيروئن رهي آهي، ان سان ماءُ جو ڪردار نٿو ڪري سگهان ۽ اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان نرگس کي پوري فلم ۾ ماءُ سڏيان. اُن فلم جي سيٽ تي باهه لڳڻ جو واقعو ٿيو ۽ پوءِ اُن مان نرگس کي سُنيل دت بچايو هو. اُن فلم کانپوءِ سُنيل دت ۽ نرگس ۾ محبت وڌي ۽ هنن پوءِ شادي ڪري ڇڏي.
“پنڇي بنون اڙتي ڦرون مست گگن مين” جهڙو لاجواب گانو به نرگس تي فلمايل آهي، جيڪو مشهور زمانه گيت آهي. جنهن کانسواءِ ڪنهن وقت ۾ ريڊيي توڙي ٽيليويزن جو موسيقيءَ جو پروگرام اڌورو هوندو هو. نرگس ۽ سنيل دت کي ٽن ٻارڙن جو اولاد ٿيو. جنهن ۾ سندس وڏو پٽ مشهور اداڪار سنجي دت آهي ۽ سندس ننڍي ڌيءَ پِريا دت وري پنهنجي پيءُ وانگر سياست ۾ حصو ورتو. سندس وڏي ڌيءَ نمرتا دت، اداڪار ڪمار گوروو سان شادي ڪئي. مطلب اُها به فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل رهي.
شادي کانپوءِ نرگس اداڪاري ڇڏي ڏني ۽ هن سماجي خدمتن جو ڪم شروع ڪيو. هوءَ انهيءَ دوران ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ علاج لاءِ آمريڪا وئي، جتان موٽڻ کانپوءِ هوءَ وڌيڪ بيمار ٿي پئي ۽ ڪوما ۾ هلي وئي. سندس آخري خواهش هئي ته هوءَ پنهنجي پُٽ سنجي دت کي هيرو طور فلمي پردي تي ڏسڻ ٿي چاهي. اُن وقت سنجي دت جي پهرين فلم “روڪي” تي ڪم هلي رهيو هو. روڪي فلم جي رليز ٿيڻ کان رڳو چار ڏينهن اڳ نرگس هي جهان ڇڏي وئي. فلم 7 مئي، 1981ع تي رليز ٿيڻي هُئي ۽ نرگس 3 مئي تي الوداع ڪئي. جيتوڻيڪ نرگس چيو هو ته کيس ويل چيئر تي به کڻي هلجو، پر آئون پنهنجي پُٽ جي فلم جو پريميئر ڏسڻ ٿي چاهيان. سنجي دت لاءِ اِهو وڏو صدمو هو. هُو پنهنجي فلم جي پريميئر دوران مسلسل روئندو رهيو ۽ پنهنجي ماءُ کي ياد ڪندو رهيو، پر نرگس اڄ تائين سندس چاهيندڙن جي دلين ۾ موجود آهي. اهڙا امر ڪردار سدائين پنهنجي مداحن جي دلين ۾ زنده رهندا آهن.