نئون

مشرف خلاف ڪيس هلائڻ تي سزا ملي: نواز شريف

اربع 23 مئي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پريس ڪانفرنس ڪندي ڪجهه انڪشاف ڪيا، هن چيو ته کيس مشرف خلاف ڪيس هلائڻ جي ڏوهه ۾ حڪومت مان نيڪالي ملي ۽ نااهل به ڪيو ويو. ڪالهه احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کيس مشرف خلاف ڪيس هلائڻ جي سزا ڏني وئي آهي. هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ بعد اسان فيصلو ڪيو هو ته مشرف خلاف غداريءَ جو ڪيس هلائينداسين جنهن بعد مون کي اهڙا پيغام ڏنا ويا ته مشرف خلاف ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي، پر توهان لاءِ مشڪل پيدا ٿي ويندي. 2013ع ۾ هي ڪيس داخل ڪرڻ مهل ئي مون کي احساس ٿي ويو هو ته هي هڪ مشڪل ڪم آهي. هن چيو ته هن ڪيس بعد مون تي مختلف قسمن جا دٻاءُ وڌا ويا، اهو نٿو ٻڌائي سگهان. جنهن بعد 2014ع ۾ طاهرالقادري ۽ عمران خان لنڊن ۾ مليا ۽ انهن اسلام آباد ۾ ڌرڻا هڻي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. مون کي ڌمڪيون ڏيندڙ به انهن ڌرڻن موجود رهيا هئا ۽ انهن ئي منهنجي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون. عمران خان جنهن امپائر جي ڳالهه ڪندو رهيو اهو ڪير هو؟ ان امپائر جي پٺڀرائي طاهرالقادري کي به رهي هئي. هن چيو ته ان سڄي سازش جو مقصد اهو هو ته مون کي وزيراعظم هائوس مان نيڪالي ڏيئي مشرف خلاف ڪيس کي ختم ڪرايو وڃي. هن چيو ته هڪ انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه پيغام ڏيندي چيو ته آئون استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيان يا ڊگهي موڪل تي هليو وڃان. هن پيغام جو مون کي ڏاڍو ڏک رسيو هو. ڇاڪاڻ ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي هڪ ماتحت اداري جو ملازم استعيفيٰ يا موڪل تي وڃڻ جو پيغام ڏيئي رهيو هو. نواز شريف چيو ته هن سڄي عمل جو مقصد مشرف کي بچائڻ هو، مان فوج جي اداري جي عزت ڪريان ٿو ۽ سمجهان ٿو ته فوج جي ڪمزوري وطن جي دفاع جي ڪمزوري آهي. آئين ٽوڙي حڪومت تي قبضو ڪري ويهندڙن جي ڪري پوري فوج بدنام ٿئي ٿي.