بلاگنئون

سياست آخر ڪٿي دنگ ڪندي!

پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جو جيڪو پنهنجن ديسي اڳواڻن جو رهائشي ۽ پيدائشي ملڪ ئي ناهي، ان ڪري (گھڻي ڀاڱي) هتي جيڪي به امپورٽيڊ سياستدان آهن تن جو لنڊن کان رڳو لاهور تائين پنڌ آهي ۽ اهي اڳواڻ اهي مسافتون ڪري ڪري پنهنجون جُتيون ئي کُسائي ٿا ويهن. ڪجھ اهڙا به آهن جيڪي اسلام آباد کان آمريڪا تائين پيا ٿا ڊوڙون هڻن، ڪجھ اهڙا به اڳواڻ آهن جيڪي انڌي ۽ ٻوڙي سياست ته ڪن ٿا، پر بدقسمتي سان اهي هتان جا ڄاوا ئي ناهن، جيڪي هتي جا ڄاول آهن اهي سياست نٿا ڪري سگهن يا کين سياست نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، اهي لساني، مذهبي يا/۽ کاٻي ڌر جي ناڪام سياست ڪري ڪري مڙئي ٿورو ٿَڪو ڪم ٿا هلائين ۽ آڱر ڪٽرائي شهيدن ۾ شامل رهندا ٿا اچن. ان ڪري ملڪي سياست انهن ست رنگين ۾ پنهنجو اصل رنگ ڦيرائي ٿي ويهي. جيڪو به حڪمران انتقامي ڪارروايون ڪري يا ڪرائي ٿو، نيب کي پنهنجي چنبي ۾ وٺي پاڻ کي مضبوط ٿو ڪري، قانوني ڪاررواين ۾ ڪورٽون پنهنجي تڪڙ ٿيون ڏيکارن يا اهي دادلا اڳواڻ انهن قانوني ڪاررواين ۾ به رعايت وٺي ٿا وڃن ۽ وقت حاضر ۾ انهن سياستدانن کي وري اهڙو ته سچو ثابت ٿا ڪن جو عوام سمجهي ٿو ڏوھ انهن جو آهي جيڪي جيلن ۾ آهن يا ريلن ۾ آهن، ملڪ ڇڏي ڀڄي ٿا وڃن يا سمجهن ٿا انهن کي کين جي ڪيل ڏوهن گناهن جي سزا ٿي ملي.

اها ڳالھ به عالم آشڪار آهي ته جيڪي به اڳواڻ يا ديسي سياستدان سياست ڪن ٿا اهي هتان جا پڙهيا لکيا ئي ناهن، ان ڪري اهڙي ٻٽن مفادن واري سياست ڪرڻ وري هڪ ته ڪنهن جي وس جي ڳالھ نٿي رهي يا هرڪو سياست نٿو ڪري سگهي. پوءِ اهڙي سياست تي ڀلي عام ماڻهو، ٽي وي اينڪر پرسن يا اخباري نمائندا يا مقرر، مدبر، اڪابر يا جيڪي به سڄو ڏينهن کڻي سياست تي ڳالهائين، پر انهن جي پريڪٽيڪل ۽ ابزرويشنل سياست ۾ فرق آهي. معنيٰ جيڪو چئجي ٿو اهو ڪري نٿو سگهجي يا جيڪو ڪجي ٿو يا ٿئي نٿو. اهو ”پري پلان“ يا ”پري ڊفائين“ ناهي، ان ڪري هاڻي جيڪي به اڳواڻ ڄاڙي ٿا هڻن اهي وري ان مهل لڪي ويندا آهن، جڏهن عوامي مفاد ۾ ڪجھ ڳالهائڻو پوندو اٿن، تڏهن چپ مڙهي ويهندا آهن. اها ڳالھ به مناسب طرح دليلن سان چئي سگهجي ٿي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻيون هجن يا ادارا خانگائڻا هجن، عسڪري شخصن کان وٺي عام ملازم جي پينشن، پي ايف فنڊن جي ڳالھ هجي، روڊ، رستا يا کاٽو ادارا سڪوڪ بانڊن جي وسيلي، بهاني يا ذريعي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻا هجن، سي پيڪ جي بهاني ملڪ جا ٻيٽ، بندرگاھ ۽ ريلوي لائينون به وڪڻي ڇڏجن، روس ۽ چين سان معاهدا ڪرڻا هجن تڏهن حڪومتي ڌريون عوام جون ناهن هونديون. اهي سمجهندا آهن ته ڪرسي ملي رڳو اهڙن معاهدن يا ملڪ گروي رکڻ جي لاءِ آهي پوءِ عوام جو ڇا؟ عوام ڇا ڪري سگهندو؟ تڏهن ان گهڙيءَ اهي ئي اڳوڻا سرڪاري وزير ۽ هاڻوڪا مخالف اٿي کڙا ٿيندا آهن، جيڪي پاڻ پنهنجي ڀيري يا واري حڪومت مهل آساني سان لکي ڏئي رڳو قرض جون قسطون وٺي ڀڀ ڀريندا آهن، پر معيشت تي بار واريون ڳالهيون طئي ناهن ڪندا. ان ڪري اها ڳالھ به وري واضح ٿي ٿي پئي ته جيڪي به ڪرسي تي ويهن ٿا اهي عوام سان ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ اهي حڪومتي ڌريون جيڪي ڦري گهري مخالفت واري سياست ٿيون ڪن اهي سچ ثابت ٿين ٿيون.

اها ڳالھ به واضح آهي ته چين ۽ روس جي سي پيڪ واري پروجيڪٽ يا راهداري ۾ به ادارا، روڊ، رستا، سمنڊ، ٻيٽ، ڪوسٽل ايريا ته وڪڻي هڪڙو معاهدو ڪري بس ٿا ڪن ته آءِ ايم ايف وٽ وري سڪوڪ بانڊن جي بهاني ملڪ قسطن ۾ وڪڻي ٿا ڇڏين. روڊ، رستا، موٽرويز، ٻيٽ، سمنڊ، پي ٽي وي، (300 کن ٻيا اهڙا ادارا به خانگائيندا جن ۾ اسٽيل مل، پاور جنريشن ڪمپنيون، ريلوي ۽ پي آءِ اي سر فهرست آهن، جن جي لائبلٽي ۽ بار لاهڻ سان حڪومت تان ملازمن جي پگهارن يا بجيٽ جا بار لهي پوندا ۽ رائيٽ سائيزنگ ۾ هنن ڏيڍ لک ملازم گهر ڀيڙو به ڪري ڇڏيا آهن، پوءِ فائدا ۽ نقصان وري اهي ادارن جا مالڪ ڄاڻن جيڪي حڪومت کان ڀڳڙن جي مُٺِ ۾ ادارا وٺي بس ڪندا. اها ڳالھ وري به چٽي ٿي ٿي بيهي ته جڏهن کاٽو ادارا وڪڻي يا ته سڪوڪ بانڊ وٺندا، يا پهرين قسط ۾ سي پيڪ جي بهاني هنن چين جي چوڻ يا راضي ڪرڻ جي لاءِ سڀ ڪجھ لکي ڏنو ته هاڻي وري جيڪي به سرڪاري صنعتون آهن يا فيڪٽريون آهن جن ۾ حڪومتي دخل اندازي آهي، اهي به چين جي صنعتي ڄار ۾ آڻيندا، چين کي وڪڻي ڏيندا ته پوءِ سڪوڪ بانڊن جو بار ڪيئن لهندو؟ يا چين جي سي پيڪ جي بهاني ڏنل سرڪيلور ٽرين يا ٻيون جيڪي به بس پروجيڪٽ جي بهاني ورتل گرين، اورينج، ريڊ ۽ لنڪ لائين بسون هلن ٿيون، جن جي ڏهاڙي جي ڪمائي به چين جي کيسي ۾ ويندي ته پوءِ انهن حڪمرانن ۽ هن غريب عوام جو ڪم رڳو ووٽ وٺڻ ۽ ووٽ ڏيڻ رهندو جيڪي ڏينهن پري ناهن.

ملڪ ۾ ٻٽن معيارن واري سياست ڪري رڳو ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ آهي ٻيو ڪجھ به نه. اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته رياست جمهوريت جا فوجي اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ليبارٽريءَ اندر تجربا ڪري ڪري هاڻي ٿڪجي پئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي لولي لنگڙي جمهوريت کي ڪي وقفا به ڄاڻي ٻجھي ملن ٿا يا ڏجن ٿا جنهن ۾ اهي فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مرهونِ منت فوجي تخت شاهي هلائي سياست جا مڙئي سڙئي ڪاروهنوار ڌڪي هلايا ٿا وڃن ته جيئن دنيا ۾ مياري نه ٿين يا ڪير لعنتاڻو نه ڏين. اهڙي فرسٽريشن ۾ وري لوڪل سياست جاڳي ٿي پئي، نوان منشور، نوان واعدا، نوان جوش جذبا جاڳائي وري جمهوريت بحال ڪري ٿا وڃن. اڃان مس جمهوريت هلڻ جهڙي ٿي ٿئي ته سياست جا دڪان وري نوان سنوان ڪري ڀڙڪائي ٿا وٺن. اهي ئي اڳواڻ وري نوان سنوان ٿي ٿوري ٿڪي، پختي جمهوريت هلائي ٿا وڃن. رياست جي اهڙن فيصلن تي عوام هڪ جاءِ تي ڀڙڪي ٿو ته ٻي جاءِ تي دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ بدنام ٿو ٿئي، ڇو ته دنيا جي سڀني ادارن ۽ ملڪن کي هر ملڪ اندر لولي لنگڙي حڪومت ٿي کپي. اها ڪڏهن به آئوٽ آف رول ڪنهن به ٽيڪنوڪريٽ يا فوجي سرڪار سان هڪ بينچ تي ويهي ڳالهيون نٿا ڪري سگهن، ان ڪري ضروري آهي ته جيڪا به حڪومت هجي اها جمهوري هجي، ڀلي ان ۾ فوجي آشيرواد هجن يا اهي جمهوري حڪومتون اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوري ۾ هلن.

مهانگائيءَ جي ڳالھ هجي يا معيشت جي بحاليءَ جي ڳالھ هجي يا اندروني ۽ بيروني پريشرن جي ڳالھ هجي اها نبيري سگهجي ٿي، پر اهڙن ڪمن جي لاءِ نيت ۽ طاقت ضروري آهي، پر الميو اهو آهي ته جيڪي ڪرسي تي ويهن ٿا اهي به نٿا ڪري سگهن يا پوءِ اهي روڊن تي بيهي به نٿا سگهن. ملڪ جي ٽاپ ليول جي ٽيڪنوڪريٽ ۽ بيوروڪريٽ اهو ٿي سمجهي ته سرڪار هاڻي جمهوري روايتن واري نه هجي، پر اها به ٽيڪنوڪريٽ هجي. اهي به سرڪاري ملازم هجن جيڪي اهي ڪم سرانجام ڏين، پر اها به تڏهن ٿي سونهين جڏهن ”انٽيرم سيٽ اپ“ اچي، پر اهي به اچي قانون اندر سڌارا نٿا آڻي سگهن، ڇو ته پاسداري پائيدرايءَ جي محتاج هجي ٿي جيڪو سڄي عمر جو ڪم آهي. اها ڳالھ به ڏکائيندڙ آهي ته جيڪا به سرڪار اچي ٿي اها رڳو قانون مٽائي، آرٽيڪل ڦيرائي، آئين ۾ ڦير ڦار ڪري هلي ٿي وڃي، پر ڪري ڪجھ نٿي. ڳالھ اها به آهي ته سياست ۾ به پولرائيزيشن آهي، معنيٰ ڪنهن به سياستدان جي سياست جو پروفيشن ٻن طريقن سان پرکي سگهجي ٿو، هڪ ته اهو سياستدان وزيراعظم جي سيٽ تي ڪيئن ٿو ايڪٽ ڪري ۽ ليڊر آف دي آپوزيشن ڪيئن ري ايڪٽ ٿو ڪري. ان ڪري هڪ ڪامياب سياستدان ڀلو اڳواڻ ڀلي هجي، پر ڀلو مخالف نٿو ٿي سگهي، ان ڪري ڪنهن به اڳواڻ جا ٻٽا طريقا، ٻٽي سياست يا منافقي واري رويي کي ڪير ائين نٿو چئي سگهي ته هاڻي انهن جي سياست ڀلي آهي. اهي جڏهن مخالف سياست ٿا ڪن ته انهن جون اکيون کلي ٿيون وڃن، جڏهن ڪرسي کسڪين ٿي ته هوش ۾ ٿا اچن ته هاڻي عوام جي ڀلي جي ڳالھ ڪرڻي آهي. مصيبت اها به آهي ته هر دفعي سرڪار جي خراب ڪارڪردگي مخالفن جي سٺي سياست ٿيو پوي ۽ عوام رڳو ويٺو ٿو تاڙيون وڄائي. هاڻي ماڻهو اهو به سمجهن ٿا ته هي جهڙي تهڙي سرڪار ائين پئي هلندي جيڪا آهي ئي فارين ڊڪٽيشن تي جنهن کي اشارا ٻاهران ٿا ملن ۽ ڪم هتي ٿا هلائين، پر عوامي فيصلا ضرور ڪري. ان ڪري مهانگائي رڳو مخالفن کي نظر ٿي اچي جيڪي حڪومت ۾ هجن ٿا اهي روڊن تي اچي عوام جي ڳالھ نٿا ڪن يا پارليامان ۾ ويهي انهن کان عوام وسري ٿو وڃي ان ڪري سياست هاڻي منافقين ۾ رهي نٿي ڪري سگهجي، جنهن جي لاءِ عوام جي آڏو رڳو اهي اڳواڻ پنهنجي مخالفت واري سياست رکي ووٽ وٺڻ جون حرفتون ٿا هلائين، جيڪي مناسب ۽ روا ناهن اهڙن سياستدانن کي عوام تي جهٻو نٿو اچي ته اهي هن مهانگائي ۽ حڪومت جي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيءَ جي بهاني لٽ ڦر کين هاڻي به 170 ارب رپين جا ٽيڪس ڪمائي ڏيندي ته هو پنهنجا ڀڀ ڀرين.