نئون

اتر ڪوريا پنهنجو ايٽمي تجربي گاهه تباهه ڪري ڇڏي

خبرن موجب اتر ڪوريا پنهنجي پونگئي ري ايٽمي تجربي گاهه کي عالمي ميڊيا جي سامهون تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن کان پهريان اتر ڪوريا جي ليڊر ڪمجونگ اِن ڏکڻ ڪوريا جي ليڊر مون جائي ان سان تاريخي ملاقات کان اڳ ۾ اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي تجربي گاهه کي تباهه ڪندو. جنهن جو مقصد علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. هن ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا جي اڳواڻ به علائقي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي صدر ڪمجونگ اِن وچ ۾ 12 جون تي هڪ ميٽنگ رٿيل آهي. پر ان کان پهريان ئي ٻنهي اڳواڻن ۾ سخت بيانن جي ڏي وٺ به جاري آهي. جنهن ڪارڻ اتر ڪوريا خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا سان هي سفارتڪاري جو تجربو ناڪام رهيو ته پوءِ ايٽمي جنگ ٿيندي.

 

يوٽيوب جي ٿورن سان