حڪومت جي هڪ ڪاٿي موجب جڏهن انهن وٽ 72.36 ارب هجن ته اهي ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مدد ڪري سگهن ٿا، اهي سسٽم جيڪي بارشن جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويا آهن، جيڪي سسٽم مينهن ۾ لڙهي ٻڏي ويا آهن، جيڪي سسٽم مينهن کانپوءِ به وري هلي نه سگهيا آهن ۽ انهن جي ٻيهر مرمت جي ڪري سگهن ٿا. حڪومت وٽ ان مهل ايمرجنسي فنڊ نه هئا ته ۽ اهي گهربل پئسا حڪومت جي والٽ (کيسي) ۾ نه هئا ته حڪومت ڀلا ڪٿان آڻي جو بارش سٽيل ماڻهن کي رليف ڏئي. ان ڪري جو جيڪي به ٽيڪس ڪليڪشن جا پئسا مرڪزي حڪومت وٽ اچن ٿا، اهي وزيرن ۽ اميرن جي خرچن، کاٻارن ۽ عياشين ۾ هليا ٿا وڃن ۽ حڪومت وٽ ڪجھ بچي نٿو. ان وقت وفاق به صوبائي حڪومتن کي نڌڻڪو ڪري ٿو ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ هجي يا صوبائي ٽيڪس ڪليڪشن جا حصا پتي هجن، پر صوبائي حڪومت کي مرڪز کان ڪجھ نٿو ملي. صوبائي حڪومت کي مرڪز کان رڳو 1.627 رپيا ملن ها ته جيئن اهي بجلي جا کريل نظام وري جوڙي سگهن ها. اهي نظام جن ۾ آبپاشيءَ جي ندين، نالن ۽ ڪينالن کي ڌڪ رسيو هو، اهي نظام جيڪي صحت جي گهربل خرچن کي پورو نه ڪري سگهيا هئا، جن لائيو اسٽاڪ کي نقصان رسيو هو، پوءِ اهو پورو نه ٿي سگهيو. اهي گهر جيڪي ڊهي پٽ پئجي ويا هئا، انهن جي لاءِ حڪومت جي ڊمانڊ هئي ته مرڪز انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 41 ارب رپيا ڏئي جنهن تحت اهي في گهر لاءِ 50 هزار به ڏين ته اهي 82 هزار گهر ٻيهر تعمير ڪري سگهجن ٿا.