بلاگنئون

اسلام ۾ روئڻ جي اهميت

روئڻ هڪ فطري عمل آهي جنهن جو پھريون دليل هي آهي بغير ڪنهن مذهب ۽ ملت جي قيد جي هر انسان جڏهن به ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ٿو يا ڪو عزيز پيارو ماڻهو وڃائي ويهندو آهي ته سندس اکيون خود به خود ڳوڙها ڳاڙينديون آهن، جيتري وڌيڪ مصيبت هوندي اوترو ئي وڌيڪ سندس دل کي جهٽڪو لڳندو آهي روئڻ به انھي ڳالهه کي سمجهيو ويندو آهي.
دين اسلام پڻ اهڙي عمل جي تصديق ڪري ٿو انھيءَ ڪري قرآن پاڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا روئڻ کي عبادت ۽ روئڻ کي سٺي نگاهه سان بيان ڪيو ويو آهي جنھن جو بھترين مثال حضرت يعقوب عليه السلام جو قصو آهي. تاريخ ۾ ٻيا به اهڙا ڪيترائي واقعا روئڻ جي حوالي سان ذڪر ٿيل آهن. جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انسان جي شروعاتي دور کان وٺي نبي صه پاڪ تائين روئڻ پنھنجي پيارن جي محبت ۾ ماتم، مرثيه خواني ۽ عزاداري رائج هئي ۽ اهو ڪم نه رڳو مذهب اسلام شيعه بلڪه ٻين اسلامي فرقن ۾ (جائز) سرموم هو، اهي به پنھنجي عزيز و اڪارب جي سلسلي ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جو عمل به قابلِ غور آهي. نبي پاڪ ﷺ جن جي زندگي ۾ جيڪي ڏک ڀريا واقعا پيش آيا، انھن تي رسول ڪريم ﷺ جن جھڙي طرح پنھنجي جذبات جو اظهار ڪيو اهو هر مسلمان لاءِ سنت آهي. شهداءِ احد حضرت امير حمزه جي شھادت جي سلسلي ۾ مديني ۾ عزاداري ماتم برپا ٿيو، اهو به تاريخ ۾ محفوظ آهي ته حضرت حمزه جي شھادت مسلمانن جي لئه تمام گهڻي غم آور هئي، انھيءَ کانسوا جيڪي ٻيا شھيد ٿيا هئا انھن لاءِ ماتم ۽ عزاداري ڪئي وئي هئي، پاڻ سڳورا ﷺ انصار جي هڪ پاڙي مان گذري رهيا هئا ته عورتن جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته نبي پاڪ ﷺ جن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمايائون ته افسوس جو منھنجي چاچي حمزه تي روئڻ وارو ڪير ڪونهي؟ هي جملو انصار ۽ مھاجرين جي عورتن تي ايترو اثر انداز ٿيو جو انھن پنھنجي شھيدن کي وساري حضرت حمزه جي عزاداري ۾ مصروف ٿي ويون، صرف اهوئي نه بلڪه سيرع، حلبيه ۾ انھي سلسلي جو واقعو نھائت ئي عجيب نموني سان نقل ٿيل آهي، اهو هي ته اسان رسولِ خداﷺحضرت حمزه جي شھادت تي ائين روئيندي ڏٺو جو اهڙو روئيندڙ ڪنھن کي به نه ڏٺو هو، جيئن رسول اڪرم ﷺ جن گريو ڪري رهيا هئا، نبي پاڪ ﷺ جن حضرت حمزه جن جي جنازي جو منھن قبله ڏانھن ڪري رکيو ۽ ان جي سامھون بيھي وڏي آواز ۾ روئي رهيا هئا، ايتري تائين جو بيھوش ٿي ويا، هوش ۾ اچڻ کانپوءِ فرمائڻ لڳا، اي رسولِ خدا جا چاچا… ۽ ائين ئي حضرت حمزه جا فضائل ۽ نيڪيون بيان ڪري رهيا هئا، جنگ احد کانپوءِ ڪجهه شاعرن جنگ احد جي شھيدن جي باري ۾ مرثيه پڙهيا هئا.
جنگ تبوڪ ۾ لشڪر اسلام جي ڀائرن زيد بن حارث، جعفر بن ابي طالب ۽ عبدالله بن رواح جي شھادت جي خبر تي نبي پاڪ ﷺ جن جون اکيون روئڻ هارڪيون ٿي ويون، جڏهن ته اهي شھيد ٿيا هئا. رسول خدا انھن لاءِ غم ڪيو خوشي نه ڪئي. تاريخ گواهه آهي نبي پاڪ ﷺ نه رڳو پنھنجي عزيزن جي شھادت تي رنو ۽ ماتم ڪيائين بلڪه پنھنجي صحابه ۽ انصار جي سلسلي ۾ ائين ئي گريو ڪيائين. نبي پاڪ ﷺ جن جڏهن پنھنجي والده جن جي قبر مبارڪ جي زيارت ڪئي ته پاڻ به رنا ۽ ساڻن گڏ اصحاب به رنا حوالو ڪتاب (الجنائز). انھن واقعن کان علاوه پاڻ سڳورن ﷺ جن جي پاڪ زندگي ۾ اهڙا واقعا ملن ٿا جيڪي انھيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته ماتم ڪرڻ، روئڻ انساني فريضو نه بلڪه اسلام جي هڪ قطعي سنت آهي. حضرت اسحاقعه جن جي امڙ ۽ حضرت ابراهيم خليل الله جي گهرواري حضرت بيبي ساره حضرت ابراهيم جن جي گهر ۾ ماتم ڪيو. قرآن پاڪ پاره 26 رڪوع 19 سورت انذاريات آيت 29 ۾ الله پاڪ بيبي ساره جي باري ۾ فرمايو آهي، ترجمو (انھيءَ بيبيءَ پنھنجو مُنھن پِٽيو) رسولِ خدا ﷺ جن کان علاوه صحابه ڪرام به عزاداري کي پنھنجي دامن ۾ محفوظ ڪيو. ايستائين جو انس بن مالڪ کان نقل ٿيل آهي حضور اڪرم ﷺ جن جي وفات کانپوءِ حضرت ابوبڪر حضرت عمر کي چيو ام ايمن وٽ هلون ٿا جيئن ئي ان وٽ پھتا ته ام ايمن روئڻ شروع ڪيو، حضرت ابوبڪر چيو ته روئين ڇا لاءِ ٿي خدا وٽ پنھنجي رسول ﷺ لاءِ بھترين انعام آهي، ام ايمن چيو ته مون کي خبر آهي ليڪن منھنجو روئڻ انھيءَ لاءِ آهي جو نبي پاڪ ﷺ جن جي وفات سبب وحي ۽ آسمان احڪام قطع ٿي ويا آهن ايترو چئي وري ام ايمن روئڻ ۾ مشغول ٿي ويو. محرم الحرام جو مھينو ڪربلا جي شھيدن جي غم ۾ ماتم ڪري مجلسِ عزا برپا ڪرڻ جو مھينو آهي، انهيءَ مھيني ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي پياري نواسي حضرت امام حسين عليه السلام جن ڪربلا جي ميدان ۾ باطل کي مٽائي اسلام جو پرچم پوري ڪائنات جي مٿان هميشه هميشه جي لاءِ اوچو ڪري ڇڏيو آهي.