غزہ، جيڪو فلسطين جو هڪ اهم حصو آهي، تازن سالن ۾ سخت تباهيءَ جو شڪار رهيو آهي. خاص طور تي 2023ع ۾ شروع ٿيل اسرائيل، حماس جنگ کانپوءِ هن جنگ ۾ 48,000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ غزہ جي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ملڪيت تباهه ٿي وئي. هن تباهيءَ کانپوءِ عرب ملڪن غزہ جي نئين سر تعمير لاءِ هڪ وڏو منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن جو مقصد غزہ کي بحيرا روم جو دبئي بڻائڻ آهي. هي منصوبو 53 ارب ڊالر جي لاڳت سان عمل ۾ آندو پيو وڃي ۽ ان جو بنيادي مقصد فلسطينين کي سندن زمين تي رهڻ جو حق ڏيڻ آهي، بغير ڪنهن مستقل لڏپلاڻ ۽ ضرورت جي هن منصوبي کي “غزہ 2030” منصوبو سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي هڪ 91 صفحن جي دستاويزات مصري صدارتي لوگو سان شايع ٿي آهي. هيءُ پلان ٽن مرحلن ۾ ورهايل آهي، پهريون مرحلو فوري امداد ۽ استحڪام لاءِ آهي، جيڪو 6 مهينن تائين هلندو، جنهن ۾ غير فعال جڳهين کي ڊاهڻ، 50 ملين ٽن ملبي کي صاف ڪرڻ ۽ عارضي رهائشي يونٽ قائم ڪرڻ شامل آهي. ٻيو مرحلو تعمير نو ۽ بحاليءَ جو آهي، جيڪو 6 مهينن کان 2 سالن تائين هلندو، جنهن ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ تعميراتي ڪم ٿيندا. ٽيون ۽ آخري مرحلو ترقي ۽ خوشحاليءَ جو آهي، جيڪو 2 کان 5 سالن تائين جاري رهندو، جنهن ۾ گهٽيون، پارڪ ۽ پنڌ هلڻ لائق رهائشي ۽ شهري علائقا، قابل تجديد توانائي، زرعي زمينن جي بحالي، صنعتي زون ۽ وڏا پارڪ ٺاهيا ويندا.