جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان خيبر پختونخواهه جو عبوري وزيراعليٰ مقرر
اليڪشن ڪميشن اسلام آباد خيبر پختونخواهه ۾ عبوري وزيراعليٰ جي لاءِ اسپيڪر صوبائي اسيمبلي طرفان موڪليل نالي تي غور ڪيو ويو، جنهن بعد جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي خيبر پختونخواهه جو عبوري وزيراعليٰ مقرر ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آئين آرٽيڪل 224 تحت صوبائي اسيمبلي ۾ قائد ايوان ۽ قائد حزب اختلاف پاران عبوري وزيراعليٰ جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ ڪارڻ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا به ڪنهن نتيجي تائين نه پهچي سگهي، جنهن بعد اسپيڪر صوبائي اسيمبلي اسد قيصر پاران اليڪشن ڪميشن کي چار نالا اعجاز قريشي، حمايت الله خان، منظور آفريدي ۽ جسٽس رٽائرڊ دوست محمد جا ڏنا هئا. واضح رهي ته رٽائرڊ جسٽس دوست محمد خان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جو جج به رهي چڪو آهي. هو ڪجهه مهينا اڳ ۾ ئي سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو هو.

