1069 روبوٽن ڊانس ڪري ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
چين جي صوبي گانگزو اندر روبوٽن جي ڊانس جو شو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ 1069 روبوٽن حصو وٺي گنيز ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ملٽري پريڊ جي صورت ۾ بيٺل هنن روبوٽن پاران خوبصورت ڊانس پيش ڪري ڏسندڙن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. چين جي ڊوبي روبوٽس ڪمپني پاران هي ڊانس شو پيش ڪيو ويو. هن کان پهرين اهو ورلڊ رڪارڊ هڪ ٻي چيني ڪمپني ايورون وٽ هو. هن خوبصورت ڊانس پيش ڪرڻ لاءِ ڪل 1100 روبوٽ آندا هئا، جنهن مان ڪجهه روبوٽس ڊانس ڪندي ڪري پيا ۽ اهي ڳڻپ مان ٻاهر ٿي ويا. باقي بچيل روبوٽن پاران ڪيل ڊانس کي ئي رڪارڊ مڃيو ويو.

