سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رستي سنڌُو سُڪائڻ خلاف جتي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌيءَ جي ننڊ ڦٽل آهي. شهر شهر… نگر نگر… دڳ دڳ… واهڻ واهڻ، سوچُون ۽ ڀُڻڪا، هاڻي واڪا بڻجي چڪيون آهن، ڪِن ’ٻٻرلوءِ‘ جا دنگَ جَھلي پنجاب جي اقتصادي نڙيءَ تي نَنهُن ڏنو آهي، ته ڪي سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ روزانو گڏ ٿي 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي نٽهڻ اُسَ ۾ به اُڀ ڏاريندڙ نعرن سان دشمن کي للڪاري رهيا آهن، اتي سنڌ جو درد رکندڙ شاعر پڻ پنهنجي تندُ تپائي مزاحمتي آواز بلند ڪري رهيا آهن، جنهن سان دشمن جا ڀارِي بُرجَ ڪنبي رهيا آهن. اهڙي ئي شاعريءَ کي سنڌو درياءَ کي ڀيٽا ڪرڻ توڙي دشمن کي للڪار طور اُچارڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد، آچر 20 اپريل 2025ع تي ڄامشوري ۾ ’المنظر ريسٽورينٽ‘ ويجھو ”اَپ اسٽريم“ ڪوٽڙي بئراج ڀرسان سنڌوءَ جي پيٽ ۾ سنڌ جي سجيلن شاعرن کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ۽ ٻيڙن جي قافلي ۾ سنڌوءَ جي لهرن وچ ۾ سنڌو درياءَ جا ڳيچ ڳائڻ جو انوکو ڪاڄ رچايو، جيڪو هڪ ئي وقت سنڌ جي قلم ڌڻين پاران سنڌوءَ سان سُٻَنڌَ جو اظهار به هو ته دشمن کي دڙڪو به هو، ته سنڌ جي ساڃاهه به هر ميري اک ۾ اکيون ملائي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هنن سمورن محبتين کي ميڙيندڙ، آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جو باني صدر ۽ ناميارو شاعر، ڊاڪٽر اسحاق سميجو هو ۽ هن يادگار مشاعري جي نظامت جو شرف مون کي حاصل ٿيو.