پاڪستاننيو‍‍ز

لاڙڪاڻي ۾ اي ٽي ايم ذريعي پراڻي رقم ڪڍرائيندڙ اي ٽي ايم چور گرفتار

سومر ڏينهن لاڙڪاڻي پوليس پاران هڪ اي ٽي ايم جي فراڊ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس مطابق ڏوهي ڪنهن ٻئي شخص جي اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائي رهيو هو. ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي مطابق انيس نالي هي شخص شڪارپور جو رهاڪو آهي پر لاڙڪاڻي جي علائقي مراد واهڻ ۾ رهي رهيو آهي، جيڪو اتي اي ٽي ايم فراڊ جي ٻن مختلف ڪيسن ۾ به ملوث رهيو آهي. پوليس مطابق ڏوهاري اي ٽي ايم مشينن وٽ گهمندو رهندو هو جتي هي پريشان ماڻهن جي مدد لاءِ اچي ويندو هو ۽ چالاڪي سان انهن جي اي ٽي ايم ڪارڊ جو نمبر ڏسي وٺندو هو ۽ انهن جي ڪارڊ کي به هوشياري سان بدلائي ويندو هو. جنهن بعد هو ان ماڻهو جي ڪارڊ مان پئسا ڪڍرائي وٺندو هو. پوليس مطابق ڏوهاري پاران اعتراف ڪيو ويو آهي ته هن لاڙڪاڻي، دادو، خيرپور ۽ سکر ۾ به اهڙيون وارداتون ڪري هن ٽوٽل سوا ڪروڙ رپيا ڪڍي ورتا آهن. صرف لاڙڪاڻي اندر هن 25 لک رپيا ڦٻايا آهن.