سنڌي ادب ۾ تخليقي توڙي فڪري سطح تي نفسيات متعلق ڄاڻ “اٽي ۾ لوڻ” برابر ملڻ به هڪ ادبي غنيمت آھي. رسول ميمڻ سنڌي تخليقي ادب جو گهڻ طرفو تخليقڪار هو. سندس تخليقيت جي دائري ۾ جديديت کان ويندي جديديت پُڄاڻان جا موضوع اچي وڃن ٿا. نفسيات جي رُخ کان خاص طور سندس هڪ تخليقي پورهيو، هڪ ڪھاڻي مَجمُوعو “سينڊروم” شايع ٿيل آھي. هِن ڪھاڻي مجموعي ۾ پندرهن ڪھاڻيون ڏنل آھن. اُنھن مان، ڪِن اهم ڪھاڻين جو هتِي تنقيدي مطالعو ڪريون ٿا.
رسول ميمڻ پنھنجي هِن ڪھاڻي مجموعي جو مھاڳ پاڻ لِکيو آھي. مھاڳ ۾ هُن ڪجهه بيمارين متعلق تمام ٿورڙي ڄاڻ ڏيڻ بعد، پنھنجي ڪھاڻين بابت لکي ٿو ته هي ڪھاڻيون صرف نفسياتي احساسن تي مشتمل نه آھن، پر پوسٽ ماڊرن ادب جون گهرجون به پوريون ڪن ٿيون. اُهي نفسياتي مرضن کي سامهون رکي گَهڙيون نه ويون آھن، پر الهامي ۽ شعور جي وھڪري ۾ لکيل آھن. علامتي ۽ مبھم هوندي، پڙھندڙ کي ان جي سوچن سان گڏ اھڙي دنيا ۾ وٺي وڃن ٿيون، جتي پراسراريت ۽ تجسس آھي. رسول ميمڻ جو مٿيون متن، ڪھاڻين جو دفاعي محاذ آھي. منھنجي خيال ۾، هي ڪھاڻيون، الھامي ته نٿيون ڪُوٺي سگهجن. ڇاڪاڻ ته ڪھاڻين جا موضوع، پلاٽ، پُڄاڻيون سڀ تاثر انساني سماج سان لاڳاپيل آھن، جيڪا پراسراريت ڪھاڻين ۾ موجود آھي، سا به انساني مادي زندگيءَ کان ٻاھر ڪانهي. رسول ميمڻ موجب، اُهي ڪھاڻيون سرئلزم جي خوابناڪين کي ڇهندي الڳ ماحول ٺاھين ٿيون. منھنجي خيالَ ۾، هي ڪھاڻيون پوسٽ ماڊرن نھايت گهٽ، پر سررئيلسٽڪ وڌيڪ لڳن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هِنن ڪھاڻين ۾ پوسٽ ماڊرن ٽيڪنيڪن ۽ تخيلاتي انواعَ، جهڙوڪ:Non linear هجڻ، اهڙا واقعا جن تي پڙهندڙ يقين نه ڪري سگهن. شيون،Meta fiction جو استعمال،Inter texuality توڙي حقيقت ۽ فينٽسي جو ميلاپ وارن اسٽائلن جو هجڻ نه هجڻ جي برابر آھي. جڏهن ته مختلف نفسياتي ڪردارن جي نفسياتي حالتن کي اظھاريندي يا تخليق ڪندي هي ڪھاڻيون، ڪردارن جي ذيلي يا تحت الشعوري خيالن Subconscious mind، غير منطقي تصورن، لاشعوري خواھشن جي تلاش جي ڪري وڌيڪ سررئيلسٽڪ آھن. سررئيلزم ۾، روايتي سوچ ۽ دليل جي سگهه Rationality کي وڃايو ويندو آھي ۽ ڪھاڻين جا ڪردار، هڪطرف علامتي هوندا آھن ته ٻئي طرف اُهي ڪھاڻيون تجريدي پڻ هونديون آھن. رسول ميمڻ جي هِنن ڪھاڻين ۾ سررئيلزم جي ذڪر ڪيل خوبين جي اپٽار ضرور ملي ٿي، پر هتي اُهو به ڏِسڻو پوندو ته سندس هِنن ڪھاڻين جي ڪردارن سان، جيڪي لاڳاپيل نفسياتي حالتون لاحق آھن ته اُهي ڪھڙي صُورت ۾ آھن ۽ اُنھن ڪھاڻين ۾ فني ۽ فڪري طرح ڪھڙي قِسم جون گهٽتايون آھن؟ توڙي جو، رسول ميمڻ اڄ جسماني طور تي اسان سان گڏ نه آھن، پر سندس هيءُ تخليقي پورهيو سنڌ جي مستقبل تي اثر ڇڏيندو رهندو. سندس هِن اھم ڪتاب تي، اڄ تائين مون کي ڪو مضبوط ۽ گهرو ادبي تجزيو يا تنقيد نظر ڪونه آئي آھي. اُن ڪري هيءَ هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪريان ٿو.
رسول ميمڻ جي ڪتاب “سينڊ روم” جي پھرين ڪھاڻي “بعنوان” ريڍار جيڪو سمهي نه سگهيو هڪ اهڙي ريڍار جي ڪھاڻي آھي، جنھن کي ڪھاڻيءَ اندر مرڪزيت ڏئي، سندس نفسياتي حالت کي علامتي سطح تي Depersonalization disorder جي بيماريءَ سان ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. هِن ڪھاڻيءَ جي، مختصر ترين سِٽن ۾ غضب جي فطرت نگاري ڏنل آھي. ڪھاڻيءَ جي منظر نگاريءَ ۾ ريڍار جي مختلف ڪيفيتن جي عڪاسي ۽ سندس جيون ڪَٿا جون مبھم جهلڪيون آھن. مذڪوره، منظر ڪشي هِن طرح آھي:
“ٻيلي ۾ بگهڙ ته ڪونه هئا، پر ڪوهيڙو هو. هو وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي سمهيو ئي مس ٿي ته ڪا رڍ ڌڻ کان نڪري ڪوھيڙي ۾ گم پئي ٿي وئي. ريڍار کي ائين ٿي ڳولهڻي پئي جيئن انڌو اھڙي راھ ڳولهيندو آھي، جنھن راھ جي انت جي کيس ڪا خبر نه هجي.”
ڪھاڻيءَ ۾، ٻوليءَ جي منطقيت ادراڪ جوڳي ۽ ساراھ جوڳي آھي. تخليقي تجربي ۾ ٻوليءَ جي منطقيت جو شعورُ انتھائي گهٽ تخليقڪارن وٽ هُوندو آھي. جُملن جي اِهڙي سائنس، متني اسلوب جي هنج ۾ دريافت ڪري وٺبي آھي. رسول ميمڻ هِن ڪھاڻيءَ ۾، جتي ٻوليءَ ۾ منطقيت، هڪ اضافي خاصيت آھي، اتي اُھا منطقيت عقليت کي پڻ جنميندي نظر اچي ٿي. اهڙين ٻن شين جو ڳانڍاپو، سندس تخليقي تجربي ۾ وڌيڪ خوبين جي هجڻ جو گواھُ آھي. اهو عقليت ۽ ٻوليءَ وچ ۾ رشتيداريءَ جو متني منظر نامو هيءُ آھي:
“ريڍار لاءِ رڍون زندگيءَ جو حصو هيون، ڇو جو هو ريڍار هو. رڍن بنا ريڍار ڪھڙي ڪم جو؟ رڍون هونديون ته ريڍار هوندو. ٻيلي جا وڻ رڍن ڪري ريڍار کي سڃاڻيندا آھن، نه ته ريڍار کي رڍن بنا ڪير سڃاڻي؟”
هِن ڪھاڻيءَ ۾، ڪھاڻي پڻو ڪونهي. ڪھاڻيءَ جو پلاٽ اُهو آھي ته ڪو ريڍار جهنگ ۾ رڍون چاري ٿو. سندس هڪ ناسي رڍ ڪوھيڙي ۾ گُم ٿي وڃي ٿي. رڍ ورائي موٽي ٿو ته کيس سُڌ پوي ٿي ته اُھا رڍ انڌي هئي. واپس رڍون سانجهيءَ وقت هُو واپس اچي رڍن کي واڙ ۾ بند ڪري چئي ٿو ته “هاڻي ننڊ ڪيو، ننڊ رات جي عزت آھي” بس ڪھاڻي ختم. وڌيڪ فيصلو پڙھندڙ پاڻ ڪري سگهن ٿا ته هِن ۾ ڪھڙي “ڪھاڻي” آهي، جنھن جو پلاٽ ۽ ڪلائيمڪس اثر دار ۽ مضبوط هجن؟ موجوده دَور ۾ ڪھاڻيءَ جي هيئت به “سانڊي جيان ست رنگ مَٽائي” ٿي. اُن ڪري فني تجربن جي ڇِڪتاڻ واري بحث کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪريون ٿا. ڏِسون ٿا ته هيءَ ڪھاڻي تخيلاتي طور تي جنھن مرڪزي ڪردار ريڍار کي پيش ڪري ٿي، سو ڪردارDepersonalization disorder جهڙي نفسياتي بيماريءَ جو شڪار آھي يا نه؟ ڊي پرسنلائزيشن ڊس آرڊر، هڪ اهڙي نفسياتي بيماري ٿئي ٿي، جنھن ۾ ماڻهو اهو سمجهندو آھي ته هُو جسم کان پري ٿي ويو آھي. اُھو ماڻهو، پنھنجي جذبات کان ايترو ته پاڻ کي ڌار محسوس ڪندو آھي، جو پنھنجي شخصي سڃاڻپ يا پنھنجي حقيقت کان به اوپرائپ يا دُوري محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. هُن کي تيزيءَ سان گُذرندڙ وقت، توڙي خواب ۽ حقيقت جي وچ واري فرق جو به ادراڪ نه ٿي سگهندو آھي. ناول نگارهSylvia Plath جي ناولThe Bell Jar ۾ مرڪزي عورت ڪردارEsther Greenwood به پنھنجي وجود جو ٻاھران مشاھدو ڪري ٿي. زندگيءَ ۾ پاڻ وٽ، غير حقيقيت جو احساس پالي ٿي. سيلويا پلاٿ جو اُهو ناول نيم سوانحي ناول آھي ۽ ساڳئي طرح، فرانز ڪافڪا جي ناولThe Metamorphosis جو ڪردار “گريگور سامسا” پڻ هڪ صبح جو جڏهن ننڊ مان اُٿي ٿو ته پنھنجي وجود کي نفسياتي ۽ وجودي اثر طور هڪ ڪيڙي يا جيت ۾ منتقل ٿيندي محسوس ڪري ٿو.
توڙي جو ناول وجوديت تي لکيل آهي پراثر ضرور ملن ٿا. رسول ميمڻ جو ڪردار ريڍار به، سماجي اڪيلائپ ۽ بيگانگيءَ جي اثر ۾ ورتل هڪ اِهڙو ڪردار آھي، جنھن جو جيون محدود ماحول ۾ قيد آھي. اُن جو شخصي بحران خاص طرح سان واضح ڪونهي. ڪھاڻيءَ اندر ريڍار ڪو انت ماڻي نٿو. ريڍار جي ڏنل سوچ، سندس ڪردار جي ذھني پھچ کان ماوراءِ آھي. يا ٺھڪندڙ نه آھن. مثال طور هُو سُوچي ٿو: ته 1 “عشق ٿڌو پاڻي آھي، جنھن ۾ هڪ چاھيندڙ جو جسم گرم رهي ٿو.” 2 سڀ ريڍار پيغمبر نه هوندا آھن. 3 ماڻهو هر وزن ڪُلهن تان لاهي سگهي ٿو. عمر جو وزن وجود جو حصو هوندو آھي. اُن کي لاھڻ لاءِ قبر ۾ لهڻو پوندو آھي. سوال اهو به اُڀري ٿو ته ريڍار هڪ انڌيءَ رڍ کي واڙ مان ڪڍي چارڻ ڪِيئَن ٿو وڃي، جيڪا کانئس وڃائجي وڃي ٿي؟ انڌي رڍ ته واڙ ۾ ريڍار بند ڪري ويندا آھن. اُنهن کي واڙ ۾ ئي چارو ڏنو ويندو آھي. عقليت توڙي مُشاھدي جي پئماني کان اها ڳالهه ڪھاڻيءَ ۾ کُٽل لڳي ٿي.
هن ڪتاب ۾ ٻي ڪھاڻي بعنوان “چھرا” آھي، جنھن جي عنوان هيٺيان Cap grass Syndrome لکيل آھي. هن بيماريءَ جي هڪ سٽ ۾ ڪھاڻيڪار مُهڙ ۾ جيڪا ڄاڻ ڏني آھي، سا “اڻ هُوند” مثل آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ صرف ڪھاڻيءَ سرجڻ جي هيئت/اهل يا نقل آھي، پر ڪھاڻي ڪانهي. صرف هڪ شخص جا وکريل غير منطقي ۽ غير فڪري تصورَ آھن. اُهو شخص، مرڪزي ڪردار طور Cap grass Syndrome جي نفسياتي بيماريءَ جو شڪار آھي. ان بيماري ۾ ڪيفيتن اندر مونجهارا، بي اعتمادي ۽limbic system متاثر ٿيندو آهي. عدم اعتماد ۽ بيوفائي به، ان سينڊ روم جا سبب بڻجي سگهن ٿا، پر رسول ميمڻ جي هن ڪھاڻيءَ ۾ مريض ڪردار جا اُهي پاسا پڻ سمائجي ڪونه سگهيا آھن. هن سينڊ روم کيdelusional misidentification syndrome پڻ چئبو آهي. جنهن ۾ فرد مونجهارن جو شڪار هوندو آهي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته هڪ ماڻهو/ڪردار، بستري تي پيل آھي. مختلف ماڻهو سندس عيادت ڪرڻ اچن ٿا، پر اُنهن ماڻهن جو ڪھاڻيءَ ۾ ڪو تعارف به نه آھي. ايتري قدر جو مرڪزي ڪردار جي انفرادي/معاشي/سماجي حيثيت جو تعين به ٿيل ڪونهي. آئيني سامهون بيهي به، اُهو مرڪزي ڪردار سمجهي ٿو ته سندس چھرو چوري ٿي ويو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ هُن نفسياتي بيماريءَ جي شڪار بي نام شخص جي خود ڪلامي/پاڻ هرتو وارا خيال دانشورن نما به آھن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ته خود ڪھاڻيڪار جا پنھنجا خيالَ ڪردار مٿان غالب آھن. توڙي جو ڪھاڻيڪار، مرڪزي ڪردار وسيلي ڪيپ گراس سينڊ روم نفسياتي حالت کي ڪجهه زاوين کان ڏيکارڻ ۾ ضرور ڪامياب ويو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ اُهو شخص شين ۽ ماڻهن کي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ خود پاڻ دوکو کائي ٿو. ان جي بيان جو سبب اهو آهي جو هن بيماري ۾ منطقي سوچ جو عمل دخل تمام گهٽ هوندو آهي تڏهن ان کي delusional conviction چئبو آهي. فرد مائٽن، دوستن يا ويجهن رشتن وارن ماڻهن کي غير حقيقي يا مشڪوڪ نگاھ سان ڏِسي ٿو. فرق اِھو آھي ته اُهو ڪردار هر ماڻهوءَ کي پاڻ جهڙو سمجهي ٿو، جڏهن ته ٻين کي پاڻ جهڙو سمجهڻ بدران، منھنجي خيال ۾، ڪيپگراس سينڊروم جي نفسياتي حالت ۾، ماڻهو ائين سمجهندو آھي ته ٻيا ماڻهو سندس اهلَ ڪن ٿا يا ٻيا ماڻهو ان کي نقلي لڳندا آھن. اِهڙيون ذھني حالتون ٻن نفسياتي بيمارين شيزو فرينييا ۽ ڊيمنشيا ۾ پڻ ٿين ٿيون. ڪيپگراس سينڊ روم جو شڪار ماڻهوءَ جو ٻين ماڻهن سان جذبي ۽ مستقل احساس وارو رشتو جُڙي نه سگهندو آھي ۽ مريض خوف ۽ مونجهاري يا اضطراب جو شڪار هوندو آھي. مقصد ته ڪھاڻيءَ ۾ نفسياتي حالت جي صرف هڪ جهلڪ آھي.
هن ڪتاب ۾ ڪھاڻي روڊ ماسٽر عنوان جي لحاظ کان توڙي جو ٺھڪندڙ ڪانهي، ڇاڪاڻ ته روڊ ماسٽر جو اصطلاح بنيادي طور تي آمريڪا جا Rhode races وارا اُهي ماڻهو ٿين ٿا، جيڪي آئي لينڊ ۾ هلندڙ ريسن ۾ حصو وٺن ٿا. اهي ريس جا ماھر ٿين ٿا، جنھن ڪري اُنهن کيRhode Masters پڻ سَڏيو ويندو آھي. اُنهن جي نسبت يا ڀيٽ، هن ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار اُهو فقير آھي، جيڪو روڊ تي هڪ وک اڳتي کڻندو هو ۽ ٻه وکون پوئتي. چنڊ سان عشق ڪرڻ ڪري کيس “بابا چنڊ” به سَڏيندا هئا. شيدي بادشاھ جي درگاھ جو مجاور “علائو” قَسم کڻي چوندو هو ته “فقير نه نچي ته چنڊ نه نڪري، ھُو جُهوپڙيءَ جي اڳيان ناد وڄائيندو هو ۽ فقير رقص ڪندو هو، ناد جي آواز تي، سکر جا ماڻهو تاريخ جي بدلجڻ جو اندازو ڪندا هئا. شھرَ جي ماڻهن چنڊ ڏسڻ ڇَڏي ڏنو هو، عيد، محرم، چاليهي جو اندازو ڌمال مان ڪندا هئا. هڪ ڀيري روزا گذري ويا ڌمال نه لڳي. ماڻهن چنڊ ڳوليو، پر کين نظر نه آيو. علائو مُجاور چيو ته چنڊ ڪيئن نڪرندو رات فقير گذاري ويو.” منھنجي خيال ۾، هن ڪھاڻيءَ جو اصل عنوانpost hoc ergo propter hoc آهي، جيڪو ڪھاڻيءَ جي عنوان هيٺيان ڄڻ ته ڪنھن نفسياتي بيماريءَ جيان لِکيل آھي، پر اها ڪا نفسياتي بيماري ڪانهي. ان کي هڪ شرط تحت نفسياتي بيماري چئي سگهجي ٿو، جڏهن ڪردار ۾ ذهني وڳوڙ، ڊپريشن، ڪاوڙ، بوکلاهٽ جون نشانيون هجن، ٻي صورت ۾ اها نفسياتي بيماري نٿي رهي. ڪتاب کان الڳ ٿي، تحقيق ڪري ڏِسجي ٿو ته لاطيني آمريڪا ۾ اُن کي هڪ مغالطو Logical Fallacy سڏيو ويندو آھي. پوسٽ هوڪ ايرگو پروپٽر هوڪ، هڪ توهم پرستي آھي، جنهن تحت ماڻهو ائين سمجهندا آھن ته هِيئن ٿيو، اُن ڪري هُونئن ٿيو. يعني اُھي ماڻهو، ٻن واقعن جو تعلق بنا ڪنھن حقيقي سائنسي تحقيق ۽ دليل جي بنياد تي قائم ڪندا آھن. مثال طور: ٻلي رستي اڳيان لنگهي وئي، اُن ڪري نقصان ٿيو. نئين پين هئي، اُن ڪري پيپر ۾ وڌيڪ مارڪون کنيون، جيئن علائو چوي ٿو ته چنڊ صرف، فقير جي ناچ ۽ ڌمال ڪري نڪرندو هو يا ڪاري رنگ جو وڳو پاتو، اُن ڪري ڏک مليو. هڪ واقعي جي سببن ۽ اثرن کي خوامخواھ به توهمSuperstition ڏانهن وٺي ويندا آھن. انهيءَ غير منطقي دليل واري سوچlogical fallacy تحت ڪھاڻيڪار جي هيءَ ڪھاڻي، پنھنجي پلاٽ، ڪلائيمڪس توڙي فينٽسي شين سان گڏوگڏ، ڏند ڪَٿائي تصورن ۽ خوبصورت منظر نگاريءَ سميت هڪ اهم سگهاري ڪھاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾Fallacies of Ambiguity جو استعمال ٿيل آهي. ڪٿي ڪٿي وريSlippery Slope جملا پڻ استعمال ڪيا ويا آهن.
ماڻهوءَ جي هڪ نفسياتي ڪيفيت يا بيماريReduplicative amnesia به آھي، جنھن جو شڪار ماڻهو ائين سمجهندو آھي ته هڪ جڳهه يا جاءِ جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ شڪليون ٿي سگهن ٿيون. هُو پنھنجي چوڌاري ماحول بابت غير يقيني ڪيفيت جو شڪار هوندو آھي. اِهڙي ماڻهوءَ کي يقين ڏيارڻ يا آماده ڪرڻ ڏکيو هوندو آھي، ڇاڪاڻ ته اُن شخص سان ياداشت ۾ مسئلو هوندو آھي. اُهو ماڻهو نفسياتي بي ترتيبيءَPsychiatric disorders جو شڪار ماڻهو هوندو آھي. رسول ميمڻ جي هڪ ڪھاڻيءَ جو عنوان “ڪوھيڙو گهاٽو ٿيندو ويو!” آھي. ڪھاڻيءَ جو هيءُ عنوان، موضوعاتي طور تي اڻ لاڳاپيل هئڻ جي باوجود، مذڪوره بيماريءَ جي ساخت ۾ ضرور پُوئيل آھي. رسول ميمڻ جي هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ شخص ڏيکاريل آھي، جيڪو هر هفتي نوڪري خاطر هڪ شھر کان ٻئي شھر بس ۾ چڙهي ٿو. هن ڀيري کيس ساڍا ست هزار پرس ۾ آھن. هلندي بس ۾ محسوس ڪري ٿو ته ڪنڊيڪٽر اڄ کانئس ڪرايو نه ورتو آھي. کيس ننڊ مان اٿاري ڪرائي وٺڻ لاءِ چوي ٿو. پوءِ پنج سَوَن جو نوٽ ڏئي ٿو. پنجاھ واپس وٺي ٿو. وري ٻيو ڀيرو ڪنڊيڪٽر ڪرايو وٺڻ اچي ٿو. هُو کيس چوي ٿو مون توهان کان نه ورتو آھي. هُن کي ڪنڊيڪٽر ڪوڙو لڳي ٿو بس مان لهي ٿو ته پئسا چيڪ ڪري ٿو ته سندس پرس ۾ ساڳيا ساڍا ست هزار پيا آھن. وري ڏِسي ٿو ته ڪوھيڙي مان بس اچي پئي ته بس ۾ چڙھي پوي ٿو. هن ۾ ڪھاڻيڪار، ڪردار جو وهم ڏيکاري ٿو ته ڪردار کي جاءِ ۽ واقعو ٻن ساڳين هنڌن تي محسوس ٿئي ٿو. جارج لوئس بورجيس جي ڪھاڻيءَThe circular ruins ۾ به ساڳي بيماريءَ جهڙي مرض وارو ڪردار آھي، جيڪو ماضيءَ ۽ حقيقت وچ ۾ مونجهاري جو شڪار آھي. رسول ميمڻ جي هيءَ ڪھاڻي مڪمل طرحReduplicative amnesia بيماريءَ جي نشاندهي ڪري نه سگهي آھي، پر ان جو هڪ زاويو ضرور پيش ڪري سگهي آھي. منھنجي خيال ۾، ڪھاڻيءَ ۾ اُهو به ڏيکاريو وڃي ها ته ڪنڊيڪٽر پاران ٻيو ڀيرو ڪرايو گُهرڻ واري تصور ۾ اُهو شخص ڪرايو نه ڏيڻ تي ضد ڪري ها يا ڪنڊيڪٽر، کيس آماده ڪرڻ ۾ تڪليف ڏسي ها، پر ائين ٿيندي نه ڏيکاريو ويو آھي. اُنهيءَ کانسواءِ، ڪھاڻيءَ ۾ مريض جي اُن بيماريءَ جا ڪارڻ، دماغي ڌڪ Brain injury، فالج Stroke يا ڊيمنشيا جي بيماريءَ جون به علامتون به ظاھر ڪرڻ گهرجن ها. ڪردار، نوڪري وارو ماڻهو هو ته اُن بيماريءَ جو علاج مثال طور: Neurological tests، اميجنگ اسٽڊيز، ايم آر آءِ يا سي ٽي اسڪين ۽ ڪاگنيٽوِ ٿراپيءَ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ها، پر نوڪري پيشه ماڻهو، پنھنجي بيماريءَ کان بي خبر رهي ٿو. اُها ڳالهه ڪھاڻيءَ ۾ کٽل لڳي ٿي، جڏهن ته ائين ڪردار جي نفسياتي حالتن جا ڪھاڻيءَ جا ٻيا پاسا پڻ کُلي پون اُنهيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته ڪھاڻيڪار ڪھاڻين ۾ اِيتري محنت ڪري نه سگهيو آھي، جيڪا گُهربل هئي. هِنن سڀني بيمارين جي مختلف علامتن جي بھاني سان سنڌي ادب ۾ سُٺا ناول لکجن ته سنڌي تخليقي افسانوي ادب ۾ جديد نفسيات جو پاسو وڌيڪ چِٽو ٿي سامھون اچي سگهي ٿو.
رسول ميمڻ جي هڪ عجيب ڪھاڻي پرَ ڪٽيل شاھينErotomania بيماريءَ جي علامتن جو سهارو وٺي پڙھندڙ کي حيران ڪري وٺي ٿي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ شاھين نالي انتھائي شرميلي ۽ بند شخصيت واري ڇوڪريءَ جي سماجي، نفسياتي حالت جي نھايت سُھڻي تصوير ڪشي ڪئي وئي آھي. مون کي هِن ڪھاڻيءَ گهڻو متاثر ڪيو. منھنجي خيال ۾ هيءَ ڪھاڻي، نفسيات ۽ آرٽ جو هڪ خوبصورت سنگم آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته شاھين جو پيءُ ننڍي هوندي گُذاري وڃي ٿو. سندس ماءُ اپاهج آھي. اُن ڪري، شاھين در در تي نوڪري ڳولهڻ نڪري ٿي. آخر هڪ اداري جو خوبصورت سيڪريٽري پنھنجي بيحد همدرديءَ واري رويي سان کيس نوڪري ڏيڻ واري پَڪ ڏئي، سندس درخواست فارورڊ ڪري ٿو. اُهو نوجوان سيڪريٽري نفسياتي طور تي شاھين جي حواسن اندر داخل ٿي وڃي ٿو. هوءَ سمجهي ٿي ته هُو اُن سان هر وقت گڏ گڏ آھي. اِيتري قدر، جو بستري تي هُو تصورن ۾ ساڻس همبستري ڪري ٿو. مقرر ڏنل تاريخ تي هُوءَ نوڪريءَ جي آرڊر لاءِ هن وٽ پُھچي ٿي، پر هُن سندس درخواست ئي گم ڪري ڇڏي هئي. هُو کيس ڪورو ڪاغذ ڏئي نئين سرِ درخواست لِکڻ لاءِ چئي ٿو. هُوءِ بي دليءَ سان ڪاغذ وٺي، واش روم ۾ وڃي اوڪارا يا اُلٽي ڪري ٿي. وات ساڳئي ڪوري ڪاغذ سان اُگهي محسوس ڪري ٿي ته هوءَ پيٽ سان ٿي وئي آھي. اتي ڪردار اندرobsessive behavior واضح آهي. ان کي اسانObsessive-Compulsive Disorder ۾ پڻ ڳڻي سگهون ٿا، جِتي هڪ فرد، مسلسل هڪ نقطي تي سوچڻ لڳندو آهي. ڪهاڻي ۾ ڪردار مڪمل ناهي جوڙيل، جنهن ۾ بيماري جون علامتون هجن. ڪڏهن ايروٽومينيا، ميڊيا جي وسيلي به ٿي سگهي ٿي. اُن کي ڊي ڪليئرمبو سينڊ روم به سَڏبو آھي. سعادت حسن منٽوءَ جي ڪھاڻين،کول دو ۽ ٺنڍا گوشت ۾ به ڪجهه اِهڙا جنوني رويا اظھاريل ملن ٿا. اهڙو ئي انگريزي ادب ۾ هڪ ناول آهيThe Crush هڪ ٽين ايج ڇوڪري جي شديد محبت جنهن ۾ شاهين جهڙا رويا واضح آهن، ناول ۾ موجود ايليسا جو ڪردار ۽ شاهين مون کي ساڳي بيماري ۾ مبتلا محسوس ٿين ٿا. رسول جي هن انتھائي پُراثر ڪھاڻيءَ ۾ موجوده ڊسٽوپين سماج آھي، جتي جبر تشدد جون صرف معروضي نه، پر داخلي يا موضوعي صورتون زنده آھن، جنھن جو عملي ثبوت، شاھين جهڙيون ڪيتريون ئي شرميليون ڇوڪريون آھن، جيڪي پيٽ گذر جي درد مان لاشعوري اوڪارن تائين پھچن ٿيون. ڇوڪريءَ جي شرميلي پڻ ۽ نفسياتي بيماريءَ ڪري پيٽ سان ٿي اوڪارا ڏيڻ هڪ سررئيلسٽڪ پُڄاڻي ليکي سگهجي ٿي.
رسول ميمڻ جي ڪھاڻي عجيب وارتائون، هڪ اهڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾Alzheimer disease جي نفسياتي بيماريءَ جا عڪس آھن. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ شخص کي محسوس ٿئي ٿو ته هُن ماني پليٽ ۾ رکي هئي، جيڪا ڪو ڪوئو کائي ويو. ٻئي ڀيري ماني کائي ويهي ٿو، پوءِ ڏِسي ٿو ته ماني رکيل آھي. چانهه پيئڻ کان اڳ، پاڻيءَ جو گلاس ٽيبل تي رکي ٿو. ٿوري دير بعد ڏسي ٿو ته گلاس اڌ ڀريل آھي. ميرا ڪپڙا بدلائڻ چاھي ٿو. ٿوري دير بعد پاڻ کي ڌُوتل ڪپڙا پاتل ڏِسي ٿو. گوري ڪڍي ٻاھر رکي پاڻي ڀرڻ وڃي ٿو ته گوري گُم ٿي وڃي ٿي. ست ڏينهن شيوُ نٿو ڪري، صبح جو اُٿي ٿو ته شيوُ ٿيل اٿس. پوءِ هُو سمجهي ٿو ته سندس پٺيان ڪا غيبي قوت آھي، جيڪا کيس مارڻ چاھي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ اُن شخص کي الزائمر جي بيماري آھي. هِن بيماريءَ ۾ دماغ جي سيلن کي نقصان پھچي ٿو، جنھن ڪري ماڻهو آهستي آهستي پاڻ ۾ قيد ٿي ويندو آھي. پنھنجي وجود ۽ ساروڻين کي به وساري ويھندو آھي. شخصيت جون اُهي جوهري خاصيتون، جيڪي ماڻهوءَ جي “پاڻ” هجڻ تي يقين ڏيارينديون آھن، سِي گُم ٿي وينديون آھن. رسول ميمڻ جي هن ڪھاڻيءَ “عجيب وارتائون” ۾ رڳو هڪ شخص گهر جي اندر بند آھي ۽ گهر جي اندر پيل شين بابت ويسر جو شڪار ڏيکاريو ويو آھي. گهر ۾ موجود ٻين خاندان جي ماڻهن کي نه ڏيکاريو ويو آھي، جيڪي اُن فرد جي الزائمر حالت چيڪ ڪن ها يا کيس ڪجهه ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن ها. اُها ڪھاڻيءَ جي کوٽ آھي ته الزائمر جي ذڪر ڪيل ڪردار کي اُها ويسر بازار پھچندي، شين جي وسرڻ سان لاڳاپيل ڏيکاري وڃي ها. اُنهيءَ کانسواءِ، ڪردار جي رشتن سان لھه وچڙ ڏيکاري ڪھاڻيءَ مان سندس نفسياتي حالت کي ڏيکاريو وڃي ها. رڳو هڪ فرد جي ئي خود ڪلامي يا پاڻ هرتو سوچن تي ڪھاڻيءَ ۾ رڳو اڪتفا ڪرڻي هئي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ مذڪوره ڪردار جي عمر بابت ڪا ڄاڻ ڪھاڻيءَ ۾ هجي ها، پر اِهڙي ماحول ۽ ڄاڻ ڏيڻ کان ڪھاڻي محروم آھي.
هن ڪتاب اندر هڪ اهم ڪھاڻي “سائيڪياٽرڪ وارڊ جو ڪُتو” آھي، جيڪا موسيٰ نالي هڪ مريض جي ڪھاڻي آھي، جيڪو چرين جي وارڊ ۾ داخل آھي. کيس شيزو فرينياSchizophrenia جهڙي ڏُکي نفسياتي بيماري آھي، جنھن کي دنيا جي هر شيءِ دشمن لڳي ٿي(Abnormal Motor Behavior) هو چاھي ٿو ته نرس جو پيٽ اڳٺ وٽان ڪَٽي سندس آنڊا ڳچيءَ ۾ پائي نچي، (Co morbid Conditions)، هُو جِن ڏِسي ٿو (Schizoaffective Disorder) سندس ڪَنن ۾ سيٽيون وڄن ٿيون (auditory hallucinations)، هُن کي لڳي ٿو ته ڪو سندس ڪَن ۾ ڪجهه ڳالهائي ٿو. هُو بستري تان اُٿندي چوي ٿو “نه ويندين، نه ڇڏيندومانءِ..” سندس وات مان گج وَهي ٿي. اُهي سڀ موسيٰ جون ڳالهيون، ڪھاڻيءَ ۾ شيزو فرينيا بيماريءَ جون علامتون آھن. موسيٰ جي ڪردار ۾ خوف جي حالت تجريدي نوع جي ڏنل آھي. حقيقت ۽ خيالي دنيا ۾ فرق نه ڪري سگهڻ ۽ بي ترتيب خيال، سندس ڪردار سان ٺھڪندڙ آھن، پر موسيٰ جي ڪردار ۾ وهم ۽ غلط عقيدي واري توهم پرستي نه ڏيکاري وئي آھي، جيڪا هن بيماريءَ جي خاص علامت هوندي آھي. ساڳئي ڪھاڻيءَ ۾هڪ ٻي بيماريءَ جو مريض هڪ نواجوان شاعر به چرين جي اسپتال ۾ داخل آھي، جيڪو ڊاڪٽر کي وري چئي ٿو ته ڊاڪٽر منھنجي نرس سان شادي ڪرائي، ڪنھن مھل اهو متاثر نوجوان ملڪ جي صدر ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو، ڪنھن وقت ولي بڻجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ڊاڪٽر/پروفيسر پئڪيج ۾ فرانس وڃي ٿو. موٽي اچي ٿو ته موسيٰ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. ڪھاڻيءَ ۾ نوجوان مينيا جي مريض شاعر سان ڪو انصاف نه ڪيو ويو آھي، جڏهن ته موسيٰ هڪ شيزو فرينيا جي مريض جي خودڪشيءَ کي ڪلائيمڪس طور ڏنو ويو آھي. پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن ڪھاڻيءَ جي عنوان هيٺيانMania جي بيماري عنوان طور ڪيئن ڏنل آھي، جڏهن ته ڪھاڻي شيزو فرينيا جي مريض موسيٰ جي چوڌاري ڦري ٿي؟ ها ڪجھه پاسا ان جا ظاهري طور ملن ٿا جيئنbipolar disorder موجود آهي جنهن اندر هيليوسينيشن جون علامتون مينيا ۾ اچن ٿيون. اُهو ڪھاڻيءَ جو نقص آھي. مينيا جي مريض شاعر ۾ موڊ ڊس آرڊر واريون ڪيفيتون ته ڏيکاريل آھن، پر اُن مرض ۾، شيزوفرينيا جي مريض جي اُبتڙ، حقيقت جو ڪجهه احساس هوندو آھي، جيڪا علامت به نوجوان شاعر وٽ موجود ڪانهي. مينيا ۽ شيزوفرينيا ٻنهي بيمارين ۾ فرق به هوندو آھي. مينياBiopolar disorder جو هڪ حصو هوندي آھي. مينيا جو مريض، شيزوفرينيا جي مريض جيان، غيب جهڙا آواز ٻُڌڻ جي شڪايت نه ڪندو آھي. مينيا جو مريض، ڪھاڻيءَ ۾ اوچتي غير معموليءَ احساسن جو شڪار ضرور آھي، پر اُن جون ٻيون علامتون ۽ ڪردار جي پڄاڻي نظر انداز ٿيل آھي ته اهو شفاياب ٿئي ٿو يا نه؟ عنوان سان ڪھاڻيءَ جي ڪردار نگاريءَ ۾ اُن رُخ کان انصاف نه ڪيو ويو آھي. ٻيو ته ٻن بيمارين کي هڪ ئي ڪھاڻيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ تي ڪھاڻيڪار ناڪام ويو آھي.
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل پندرهن ڪھاڻيون آھن، جَن مان مٿي بيان ڪيل ست ڪھاڻيون، سموري مجموعي جو معياري ۽ متاثر ڪندڙ اهم ڪھاڻيون آھن باقي اٺ ڪھاڻيون ساڳئي معيار جي قابل نه آھن. هنن اَٺن ڪھاڻين مان هڪ ڪھاڻي بعنوان “عشق جو اظھار” آھي، جنھن جي هيٺيان Apophenia جو لفظ لِکيل آھي. هيءَ ڪھاڻي، هڪ شخص جي تر بابت غير منطقي نفسياتي پيچيدگين وارن ويچارن ۾ هڪطرفي ۽ وقت ضايع ڪندڙ ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار اَهم واقعن کي غير منطقي طور تي ملائي ها، تڏهن به ڪنھن قدر ٺيڪ هو، پر ڪھاڻي، معمولي احساسن جي ڄار ۾ ڦاٿل آھي، جن جي ايتري اهميت ڪانهي. خودApophenia ڪا نفسياتي بيماري ڪانهي، پر هڪ رويي جو نالو آھي. اهو رويو، ڪردار وٽ شدت سان هجي ها ته پوءِ ٻين نفسياتي بيمارين جهڙوڪ شيزوفرينيا ياDelusion سان جُڙي پوي ها. هن انساني نفسياتي رويي تحت، ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار ڪڏهن چنڊ مان ڪو چھرو ڳولهي ها، تارن ۾ مختلف صورتون ڏِسي ها، هر واقعي کي خدا طرفان سمجهي ها وغيره، اِهڙاApophenia وارا رويا ڪردار سان جُڙيل هجن ها ته ايپوفينيا وارن روين جو احساس جاڳي ها، پر اِھڙو ڪجهه به هِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪونهي. هڪ ٻي ڪھاڻي “آلن پرن وارو پکي”، جنھن جي هيٺيان طوطائپ/ڍڳائپPapigathropy لکيل آھي. ھن بيماريءَ وارو ماڻهو، پاڻ کي جانورن جيان محسوس ڪندو آھي. گاهه به چَرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ، هڪ ڇوڪري ۾ طوطائپ ڏيکاري آھي، پر ڪھاڻي ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان صفا ٻاراڻي نوعيت جي آھي.
ساڳئي طرح رسول جي ڪھاڻي “پنھنجو وجود پرايا هٿ” جنھن عنوان هيٺيانAlien hand syndrome لکيل آھي. هن نفسياتي حالت ۾ مريض کي پنھنجي هٿ تي ضابطو نه رهندو آھي، جنھن ڪري هُن جو هٿ سندس مرضيءَ خلاف ڪم ڪندو آھي. اها حالت دماغ جي ٻنهي حصن ۾ رابطي وقت رڪاوٽ ڪري پيدا ٿئي ٿي، پر هن ڪھاڻيءَ جو موضوع دلچسپ هئڻ جي باوجود ڪھاڻيڪار، ڪھاڻيءَ جي پلاٽ ۽ ٽريٽمينٽ کي دقيق بڻائي ڇڏيو آھي. رسول جي هڪ ٻي ڪھاڻي اڌ رنگو + اڌ رنگو Factitious disorder آھي، جنھن جي اسپيل به غلط لِکيل آھي. اصل ۾ اُها اسپيلFactitious ٿيندي. هيءَ ڪھاڻي به مرڪزي ڪردار کي گَهرائيءَ سان پيش ڪري نه سگهي آھي.
هِن نفسياتي حالت جا ٻه قسم ٿين ٿا ھڪ جنھن ۾ مريض پاڻ کي بيمار ظاھر ڪرڻ جي ڪوڙي ڪوشش ڪندو آھي. ٻي حالت ڪنھن ٻئي پوڙھي شخص کي بيمار ڏيکارڻ. هنن مان هڪ حالت تي ڪھاڻي فوڪس رکي ها ته بھتر هو، پر ٻئي قِسم ڏيکارڻ ڪري ڪھاڻي مُنجهي اثر ڏيکارڻ کان محروم ٿي وئي آهي. اُنهيءَ کانسواءِ، هِن ڪتاب ۾، رسول ميمڻ جون ٻيون ڪھاڻيون، اُگهاڙو، حالتون هاڻي ٺيڪ آھي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه جي عنوانن تحت لِکيل ڪھاڻيون پڻ، فن، تخيل، آرٽ جي لحاظ کان ليکي ۾ نه آڻڻ جهڙيون خانا پُوري ڪندڙ ڪھاڻيون آھن.