نئون

پيٽرول تي ٽيڪس هڻي هڻي ماڻهن کي چريو ڪيو ويو آهي: چيف جسٽس

پيٽروليم جي قيمت ۽ ان تي لڳل ٽيڪسن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته پيٽروليم جي جنسن تي ٽيڪس لڳائي ماڻهن کي چريو بڻايو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ايس او جي ايم ڊي يعقوب ستار پيٽروليم جي جنسن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته مختلف ادارن پاران پي ايس او جا 300 ارب رپيا ڏيڻا آهن، جنهن تي چيف جسٽس پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته انهن ادارن کان 300 ارب رپيا ڇو نٿا گهرو؟ ان جو مطلب اهو آهي ته توهان بينڪ کان قرض وٺي ڪم هلائي رهيا آهيو، جنهن تي يعقوب ستار چيو ته اسان بينڪن کان 95 ارب رپين جو قرض کنيو آهي ۽ هر سال ان قرض تي 7 ارب رپيا وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويندا آهن، جنهن تي عدالت پاران ڊپٽي ايم ڊي جي ان بريفنگ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو، جنهن بعد چيف جسٽس چيو ته پيٽروليم جي جنسن تي ٽيڪس لڳائي لڳائي ماڻهن کي چريو ڪيو ويو آهي ۽ هي آخر ڇا جا ٽيڪس آهن انهن جو حساب ڏيڻو پوندو پيٽروليم جنسن جي درآمد جو طريقو به مشڪوڪ آهي. ڪهڙي قانون ۽ طريقي مطابق 62.8 رپيا في ليٽر جو ريٽ لڳايو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ پيٽروليم جنسن جي درآمد بابت گذريل ڇهن مهينن جي آڪشن (واڪن) ۽ قيمتن جي تعين جو رڪارڊ گهرندي سيڪريٽري پيٽروليم، سيڪريٽري وزارت توانائي، چيئرمين ايف بي آر، ايم ڊي پي ايس او ۽ ٻين کي جمعي ڏينهن پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.