نئون

Tax amnesty scheme collects 21 billion rupees

 خبرن موجب بينڪن ۾ لڳڀڳ 5 ارب رپيا جڏهن ته ايف بي آر جي آن لائن سسٽم ۾ 16 ارب رپين جا چالان جمع ڪرايا ويا آهن.  واضح رهي ته ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو مدو 30 جون تائين آهي جنهن ۾ واڌاري جا امڪان مسترد ڪيا ويا آهن. جڏهن ته عبوري حڪومت مٿان هن اسڪيم جي مدي  ۾ واڌاري  جو شديد دٻاءُ  آهي.  خبرن مطابق هن اسڪيم تحت فائدو وٺڻ وارن جو تعداد وڌي سگهي ٿو ۽ ڪل 100 ارب روپين تائين رقم خزاني  ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي. هن وقت تائين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ وارن جا تفصيل عبوري وزير خزانا ڊاڪٽر شمشاد اختر کي موڪليا ويا آهن . ۽ ان جي منظوري بعد اهي ميڊيا آڏو پيش ڪيا ويندا.  ياد رهي ته اسڪيم تحت حاصل ٿيل رقم سان موجوده مالي خسارو ۽ بيلينس آف پيمينٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته هي اسڪيم 10 اپريل کان 30 جون تائين هلڻي آهي . جنهن تحت ماڻهو پنهنجا ملڪي ۽ غير ملڪي اثاثا ظاهر ڪري ان تي صرف 2 کان 5 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري قانوني دائري ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هي اسڪيم مسلم ليگ جي حڪومت طرفان ڏني وئي آهي جنهن چوٿون دفعو هن قسم جي اسڪيم کي متعارف ڪرايو آهي.