نئون

 اسان اڄ تائين عدليه جا فرض صحيح طرح سان ادا نه ڪري سگهيا آهيون: چيف جسٽس

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته اسان اڄ تائين عدليه جا فرض صحيح طرح نڀائي نه سگهيا آهيون. حيدرآباد ۾ وڪيل پاران چيف جسٽس جي اعزاز ۾ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جي تقريب دوران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا گهر وارا اسٽيج جي سامهون اچي احتجاج ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجن پيارن جي واپسي لاءِ مطالبو به ڪندا رهيا. احتجاج سبب ڪجهه دير لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي پنهنجو خطاب به ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو. جنهن بعد چيف جسٽس خطاب ڪندي چيو ته عدالت کي جيڪي ذميداريون ڏنيون ويون آهن اسان اهي پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، اسان جو فوجداري نظام 1908 جو ٺهيل آهي جڏهن ته 2008 ۾ حالتون تمام گهڻيون بدلجي ويون آهن. جڏهن ته ترت انصاف لاءِ قانون ۾ بهتري آڻڻي پوندي. قانون سازي ڪرڻ سياستدانن جو ڪم آهي اميد آهي ته ايندڙ قانون ٺاهيندڙ انهن ڳالهين تي به نظر ثاني ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته بنيادي انساني حقن جي معاملي تي خاموش نه رهندس. سپريم ڪورٽ پاران صحت واري شعبي جو به پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ سبب بهتري آئي آهي. مسنگ پرسنز جي معاملي تي به سپريم ڪورٽ ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ٿاڻيدار وقت تي ڪيس داخل ڪري تفتيش ڪري ته عدالت تان به مقدمي جو بار گهٽجي سگهي ٿو. تفتيش ۾ خرابي جي ڪري ملزم آزاد ٿي وڃن ٿا ۽ الزام اسان تي اچي ٿو.