بلاگنئون

ڪھاڻي ڪتاب: بارش کان بارش تائين تي راءِ

تحرير: فوزيه ناز

پبلشر جي نوٽ کان خالي مهاڳ ۽ ام مهاڳ کان خالي هن ڪتاب اندر ڪيتريون ئي دنيائون سمايل آهن، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ان کي ڪنهن به نوٽ يا مهاڳ وغيره جي ضرورت ناهي! اهو ڪتاب آهي، مجيب اوٺو جو ڪھاڻيءَ جو ڪتاب “بارش کان بارش تائين”

توڙي جو ذاتي مصروفيتن سبب منھنجي پڙهڻ جي رفتار گهٽ هوندي آهي، پر چاهيندي آهيان ته ڪتاب کي پرسڪون ٿي پڙهڻ  گهرجي ته جيئن ان مان حز ماڻجي، ڪردارن جي احساساتي دنيا مان گذري ڏسجي، انھن جي اندر جي انومانن کي دل ۾ محسوس ڪري ڏسجي ته اهي ڪيئن ٿا لڳن!؟

ھونئن به ڪھاڻيءَ جو انساني زندگيءَ سان ازلي ناتو آهي، ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻيون زندگيءَ جي پيلن ۽ سرخ رنگن سان رنڱيل آهن، جن جا ڪردار حساسيت سان تعلق رکندڙ آهن جن جا جذبا ۽ ڀاونائون لاچاري ۽ بيوسي جي ور چڙهيل آهن.

هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ٻوساٽيل سماج ۾ ويڳاڻپ جو شڪار ٿيل آهن. مجيب اوٺو جي ڪھاڻيڪاري ڪردار جي اندر جي ڪائنات کي تخليق ڪري، ان جي داخلي ڪيفيتن سان روشناس ڪرائي ٿي، جنھن کي پڙهندڙ پنھنجي اندر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. مجيب اوٺو پنھنجي ڪھاڻيءَ “سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري” ۾ ڪيڏي نه درد جو اظھار ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته؛

“هيءُ به ڪيڏو وڏو حادثو آهي، جو ماڻهو خوابن جي لاشن کي پنھنجي اندر دفنائي، خود هڪ زنده قبر ۾ بدلجي ويندو آهي.”

هن جملي ۾ دل جي پيڙا ۽ اذيت کي بيان ڪيو ويو آهي…

هن ڪتاب جي اڪثر ڪھاڻين ۾ پراسراريت جو عنصر موجود آهي.

 هر ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ڳجهو تسلسل آهي يا ايئن کڻي چئجي ته سندس ڪھاڻين ۾ هڪ غير مادي دنيا سمايل آهي. جيڪڏهن هنن ڪھاڻين کي باريڪ بينيءَ سان پڙهجي ته اسان کي هر ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ٻي ڪھاڻي نظر ايندي!. خوف کڻي ڪهڙو به هجي، پر جڏهن اندر ۾ ويهي وڃي ته زندگي کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي!

ڪھاڻي “خوف جي خوشبوءِ” ۾ هو لکي ٿو ته؛ “کيس موت ۽ محبت کان خوف ٿيندو هو. ايئن جيئن ننڍي هوندي کنوڻ کان خوف ٿيندو هئس.” هڪ خوفزده ڪردار جي زندگي، زندگيءَ کان ڪيڏو ڏور ٿي لڳي، ائين سندس ڪھاڻين جا ڪردار فرسٽريشن جو شڪار آهن. هونئن به مايوسي زندگيءَ جي ڪڙي حقيقت آهي! جيڪا هر ماڻهوءَ جي اندر ڪنھن ڪنڊ ۾ موجود هوندي آهي. اهڙين ڪيفيتن ۽ موضوعن کي تخليقيت جي ذريعي عيان ڪرڻ ۾ ليکڪ خوب نڀايو آهي.

مجيب اوٺو جو نه صرف لکڻ جو پنھنجو هڪ الڳ انداز ۽ اسلوب آهي، پر هن سادي ۽ عام فھم انداز ۾ ڪھاڻيون لکيون آهن جن ۾ وڻندڙ نواڻ آهي. مجموعي طور تي سندس ڪھاڻين جي خوبي ڪردارن جي داخلي ڪيفيتن کي تخليقي انداز سان اجاڳر ڪرڻ آهي.

***