ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڇوڪريءَ جو ڀڄڻ

ڪريم توکي هڪڙي ڳالھ ٻڌائڻي اٿم غور سان ۽ خاموشي سان ٻڌ.

فجر جو وقت هو، آئون چانھ لاءِ ٺڪر گڏ ڪري رهي هيس ۽ آسمان تي هلڪي روشني پکڙجي رهي هئي ته اوچتو رمون جي گهر ۾ سکان جي رڙين ۽ لٺن جي ڦھڪن جا آواز ٻڌا

آئون ڪوپ چُلھ تي ئي ڇڏي ڀڳس ۽

لوڙهي کي آڏي ٿي بيهي ڏٺم ته رمون پنهنجي زال سکان کي وارن مان جهلي گهلي رهيو آهي ۽ سکان رت ۾ لت پت آهي

۽ ڀرسان رمون جو پٽ گلڻ، جنهن جي هٿ ۾ به هڪ لٺ آهي ۽ اهو بيٺو آهي ان جي پاسي ۾ سندس ڪاڪو غلام قادر بخش به بي فڪر ٿيو کٽ تي ويٺو آهي.

گلڻ، گلڻ ڳوٺ جو پڙهيل لکيل ڇوڪرو هو،

جنهن گذريل سال ٽنڊوڄام يونيورسٽي مان ڊگري ورتي هئي ۽ پاڻ کي فيمينزم جو حامي سڏائيندو هو، پر اڄ هو ساڳي ماءُ تي لٺيون کنيو بيٺو هو جنهن کيس جنم ڏنو هيو.

منهنجي اکين آڏو ائين لڳو ڄڻ علم به اڄ ڏاڍ جو هٿيار بڻجي ويو آهي

اڃان آئون اتي ئي بيٺي هيس ته منهنجي وڏي ڀاءُ رمضان جو آواز آيو

ڇوري، ڇوري، اتي ڇو بيٺي آهين؟ هيڏي اچ مون کي چانھ ڪري ڏي!

منهنجون هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي هليون ويون،

جسم رڦڻي پئجي وئي ساهه سڪي ويو، منهنجو ڀاءُ رمضان،

جيڪو رات دير سان آيو هو ۽ منهنجي ڀاءُ هئڻ سان گڏ انهيءَ ئي پدري نظام جو محافظ به آهي.

مون بنا ڳالهائڻ جي ڊوڙي اچي چانھ چاڙهي ۽ چانھ جو ڪوپ هٿ ۾ ڏئي موٽيس ته ڪوپ هٿ ۾ وٺي سڏ ڪري پڇيائين!!! ڏي خبر، انهيءَ رن سکان کي مارايائون يا اڃان زنده رکيو ويٺا اٿس؟

مون پنهنجي چني ارھ تي واريندي وراڻيو

ادا، الاءِ مئي يا بچي

باقي ويچاري ته ڀيڙي وئي هئي

تو سڏ ڪيو ته موٽي آيس

ڀاءُ کلندي چيو ويچاري وري ڇا جي؟

رن وڏي رانٽي آهي،

پنهنجي ڌيءَ آصفه کي الاءِ ڪنهن سان ڀڄائي ڇڏيو اٿس.

آصفه جيڪا پنهنجي ڀاءُ گلڻ سان گڏ ٽنڊو ڄام يونيوسٽي مان گريجوئيشن ڪري آئي هئي.

ان ڪري پيا رن کي ڪٽينس،

مون حيرت مان پڇيو، ادا آصفه؟ ڇو ڀڳي؟

رمضان بي پرواهيءَ سان سفينا جي پڙي وات ۾ وجهندي چيو،

ڇورين کي پڙهائيندا ته ائين ئي ٿيندو نه؟ پڙهيل رنون ائين ئي ڪن ٿيون

پنهنجي ڪاڪي جي پٽ سڌير ۾ ڪهڙو عيب هيو؟ بس عمر ڪجھ وڏي هيس نه؟ ڪهڙو عيب هيو ان ۾؟ بس عمر ۾ ٿورو وڏو هيس نه!!!

مون سنجيدگيءَ سان وراڻيو،

ادا، سڌير ته پوڙهو مئو موالي آهي ۽ اڳئين زال به ڪک ۾ لت هڻي  ماري ڇڏي هئائين

۽ پوءِ سندس گهر وارن اهو ڪوڙ پکيڙيو ته تلي ڦاٽي مئي هئي

۽ آصفه ته معصوم آهي انهيءَ پوڙهي رڇ سان ڪيئن شادي ڪري ها؟

ڀلو ٿيو ڀڄي وئي۔ رمضان جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو.

چيائين! ڇوري گهڻو وات نه هڻ نه ته ڪوپ هڻي ڪيانء نه پورو!!!

تيسين امان ڊوڙي اچي وچ ۾ پئي ۽ چيائين ابا، پرائين ڳالهين تي پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو؟

پٽ، تون پاڻ سوچ، آصفه ڀڳي ته ڇو ڀڳي؟

جيڪڏهن کيس زبردستي مڙس نه ڏنو وڃي ها ته پٽ ڀڄي ها؟

زوري مڙس ڏيڻ به ته اهو گناهه آهي نه!

پاڻ جي نبي سائين به ته نياڻيءَ کان مرضي پڇي هئي نه!!!

امان جي لفظن ۾ سچائي هئي

پر ڀاءُ رمضان ناراض ٿي ڪوپ زور سان اوٽي تي اڇلي چيو

امان جنهن ماڻهو کي ذات تي نه آئي!

ان کي زال تي به نه ايندي

انهيءَ ڀڄڻ واري رواج کي روڪڻ لاءِ هاڻ جيتريون به رنون کپنديون!!!

کپائينداسين تون وڌيڪ وات نه هڻ!

ڪريم اُهو لمحو جڏهن ڪوپ اوٽي تي لڳو!

منهنجي اندر ۾ هڪ خاموش باهه ڀڙڪي.

۽ دل ئي دل ۾ هڪ آواز وڄي اُٿيو ته

آئون ته عورت آهيان

پوءِ به مونکي ڪنو منهن ڪري رن ڇو ٿو چيو وڃي!!!!

علم، جنهن کي اُميد سمجھي پڙهيو هيو

اڄ لٺ بڻجي ماءُ تي ائين ڇو وسي پيو؟

آصفه ڀڄي وئي؟

يا قيد مان آزادي ورتائين؟

اڄ آئون چُپ آھيان

پر هيءَ چُپ

سڀ کان وڏو احتجاج جو آواز آهي!

آئون؟ آئون به ڀڄنديس

پر آئون در مان

ڪنڌ جهڪائي نه ڀڄنديس آئون ڀڄنديس ۽ جدوجهد ڪنديس هن پدري سماج کي نشٽ نابود ڪرڻ لاءِ

ڇا تون منهنجو ساٿ ڏيندين!!!!

***