ڪريم توکي هڪڙي ڳالھ ٻڌائڻي اٿم غور سان ۽ خاموشي سان ٻڌ.
فجر جو وقت هو، آئون چانھ لاءِ ٺڪر گڏ ڪري رهي هيس ۽ آسمان تي هلڪي روشني پکڙجي رهي هئي ته اوچتو رمون جي گهر ۾ سکان جي رڙين ۽ لٺن جي ڦھڪن جا آواز ٻڌا
آئون ڪوپ چُلھ تي ئي ڇڏي ڀڳس ۽
لوڙهي کي آڏي ٿي بيهي ڏٺم ته رمون پنهنجي زال سکان کي وارن مان جهلي گهلي رهيو آهي ۽ سکان رت ۾ لت پت آهي
۽ ڀرسان رمون جو پٽ گلڻ، جنهن جي هٿ ۾ به هڪ لٺ آهي ۽ اهو بيٺو آهي ان جي پاسي ۾ سندس ڪاڪو غلام قادر بخش به بي فڪر ٿيو کٽ تي ويٺو آهي.
گلڻ، گلڻ ڳوٺ جو پڙهيل لکيل ڇوڪرو هو،
جنهن گذريل سال ٽنڊوڄام يونيورسٽي مان ڊگري ورتي هئي ۽ پاڻ کي فيمينزم جو حامي سڏائيندو هو، پر اڄ هو ساڳي ماءُ تي لٺيون کنيو بيٺو هو جنهن کيس جنم ڏنو هيو.
منهنجي اکين آڏو ائين لڳو ڄڻ علم به اڄ ڏاڍ جو هٿيار بڻجي ويو آهي
اڃان آئون اتي ئي بيٺي هيس ته منهنجي وڏي ڀاءُ رمضان جو آواز آيو