ترقي عورت جي خودمختياري ۽ شرڪت سان ئي ممڪن آهي
پاڪستان جي آبادي ۾ عورت جو حصو 49 سيڪڙو آهي، يعني اسانجي آدمشماري جو اڌ عورتن تي مشتمل آهي. جڏهن ته افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت صرف 23 سيڪڙو آهي. يعني 23 سيڪڙو عورتون ملڪ جي مختلف شعبن زراعت کان وٺي صنعت سان لاڳاپيل آهن. اسان وٽ حقيقي صورتحال اها آهي ته اسان جو معاشرو مردن جي هٿ وس آهي. انهيءَ ڪري اسانجي عورت تعليم، صحت، زراعت، صنعت کان وٺي مختلف شعبن ۾ پويان رکي وئي آهي. عورتون جيئن ته پاڪستان جي آبادي جو اڌ حصو آهن، ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ جيڪڏهن اها اڌ آبادي پوري طرح شرڪت ڪري ته اسانجي ترقي جي شرح لازمي آهي ته وڌندي. جيڪڏهن صنفن جي وچ ۾ فرق گهٽ ڪجي، عورت ۽ مرد کي برابري ڏجي ته عورت ملڪ جي سڀني شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن عورتن کي بااختيار بنائجي ته پاڪستان هڪ تبديل ٿيل سماج جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رپورٽ مطابق صنفن جي درميان فرق جي عالمي فهرست ۾ پاڪستان دنيا جي 149 ملڪن مان 148 نمبر تي اچي ٿو. اها بدترين صورتحال مرد جو معاشري تي تسلط آهي، جيستائين عورت کي تعليم ۽ مختلف شعبن ۾ شرڪت ڪرڻ جي آزادي نه ڏبي ته ملڪ اها ترقي جيڪا اسان کي گهربل آهي نه ڪري سگهندو. اسانجي ملڪ ۾ انهيءَ عورت دشمن صورتحال جي باوجود اسان جون عورتون پنهنجي جدوجهد جي رستي تي هلي رهيون آهن. اهي تعليمي ادارن ۾ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾، هڪ استاد جي حيثيت ۾، کيتن ۾ هڪ هارياڻي ۽ زميندار جي حيثيت ۾، صنعت ۾ هڪ مزدور ۽ هڪ صنعتڪار جي صورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اسين اها ڳالهه ورجايون ٿا ته عورت جي مختلف شعبن ۾ شرڪت صرف 23 سيڪڙو آهي، اها 50 سيڪڙو هجڻ گهرجي. اسين اهو به ڏسون ٿا ته اسانجو معاشرو ايترو صحتمند نه آهي. عورت جي نقل و حرڪت تي پابنديون به آهن. گهڻائي عورتن جي گهرو ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته اها انهيءَ ڪم سان گڏ زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي. اها حالت به ڏک جهڙي آهي ته اسانجون عورتون جيڪي زراعت ۽ صنعت جي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي اجرت به گهٽ ملي ٿي، ڪِن حالتن ۾ مرد جي اجرت جي اڌ جيتري. اسان کي اهو زراعت جي شعبي ۾ عام طرح ڏسڻ اچي ٿو. جيڪڏهن اسڪولن کان ٻاهر جيڪي ٻار آهن، انهن ۾ به ڇوڪرين جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي. اسانجي عورت آبادي جي گهڻائي هن ترقي يافته دور ۾ به اسڪول جو منهن نه ڏٺو آهي. 8 مارچ جيئن ته عورتن جو عالمي ڏينهن آهي ۽ اسان وٽ 8 مارچ 2023 تي انهيءَ ڏينهن کي عورتن سجاڳي ۽ جرئت سان ملهايو ۽ اهي ساٿي عورتن سان گڏ رستن تي آيون ۽ انهن عورتن جي حقن لاءِ مطالبا ڪيا ۽ ملڪ ۾ بنياد پرستي تي ٻڌل قانون ۽ عملن کي رد ڪيو ۽ اهو مطالبو ڪيو ته عورتن جي ترقيءَ جي راهه ۾ حائل رڪاوٽن کي هٽايو. عورت سجاڳ ٿي رهي آهي ۽ اسان اهو يقين ٿا رکون ته ايندڙ سالن ۾ 23 سيڪڙو جي جاءِ تي 50 سيڪڙو عورتون زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ مرد ساٿين سان ٻانهه ٻيلي ٿي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وٺي وينديون. اهو عالم آشڪار آهي ته ڪنهن به ملڪ يا رياست جي معاشي ترقيءَ ۾ عورت ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي. گذريل صدين ۾ يورپ ۽ آمريڪا جيڪا صنعتي ۽ زراعتي ترقي ڪئي آهي، انهيءَ ۾ عورت جو حصو مرد ساٿي جي برابر آهي. انهيءَ مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته ترقي جو ڪوبه طريقو عورت جي خودمختياري ۽ شرڪت کانسواءِ موثر نه آهي. جيڪڏهن ڏسون ته اسانجي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ بنگلاديش به تڏهن ترقي ڪئي آهي جڏهن اتي عورت جي تعليم اوتري ئي ضروري آهي، جيتري مرد جي تعليم جنهن جو نتيجو اهو آهي جو اهي هن وقت معاشي طور تي تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن. وقت آهي ته اسين عورت کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري خودمختيار ڪريون انهيءَ تي اعتبار ڪريون ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ انهيءَ کي خوش آمديد چئون. دنيا جا عالمي معاشي ماهر اهو ٿا چون ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ کي تڪڙي ترقي گهرجي ۽ انهيءَ کي غربت، صحت ۽ تعليم جي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي ته انهيءَ کي پنهنجي سماج ۽ معاشري جون واڳون عورت جي حوالي ڪرڻيون پونديون، پوءِ توهان ڏسندئو ته غربت، صحت ۽ تعليم جي مسئلن کي عورت پنهنجي صلاحيت سان ڪيئن نه حل ڪري ٿي وٺي. عورت جي زراعت ۽ صنعت جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ سرڪار کي اهڙيون پاليسيون ۽ پروگرام ٺاهڻ گهرجن، جنهن ۾ عورت جي ملڪ جي ترقي جي سڀني شعبن ۽ ميدانن ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي.