زراعت جو اهو حال آهي جو ڪنهن علائقي ۾ پاڻي نٿو پڄي ته ڪنهن علائقي مان پاڻي نٿو نڪري، هڪڙا ٻڏن ٿا ته ٻيا سُڪن ٿا، هڪڙن جي علائقي ۾ پاڻي جي ترسيل نٿي ٿئي ته وري تڏهن ٻين وٽ ججهي انداز ۽ مقدار ۾ پاڻي وهي ٿو هلي. هاري جڏهن سوڪهڙي ۾ به ٻج ڀاڻ پنهنجي هڙان وڙان ڪري ساريالا فصل ته ڪري ٿا وڃن، پر جڏهن پنجاب جون ٻوڏون ٿيون اچن ته اهي ويچارا قرآن مصاف کڻي ٻاڏائين ٿا ته هيل پاڻي رڳو ٽپي وڃي ۽ انهن جا فصل بچي وڃن. پنجاب هونئن زمينون سُڪائيندو رهندو آهي، پر جڏهن پاڻ ٻڏندو آهي ته دريائي پاڻيءَ جا ڪيوسڪ وڌائي ڇڏيندو آهي، نتيجي ۾ اهي ڪينال پاڻي جيڪي 12000 ڪيوسڪ جي پريشر جهلڻ جهڙا هوندا آهن اهي پوءِ 24000 ڪيوسڪ کان به وڌيڪ پاڻي برداشت ناهن ڪري سگهندا ۽ جيڪو به واڌو 12000 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب مان درياءَ جي وسيلي وهايو ويندو آهي، اهو ماڻهن جي جان، مال ۽ ملڪيتن جي لاءِ دشمن بڻجي ايندو آهي، ان ڪري جڏهن سسٽم ئي سڌا ناهن ته سڌارا ڪيئن ممڪن ٿيندا. هي سرڪار رڳو “روٽ ڪاز” تي ڪم ڪري، بنيادي انفرااسٽرڪچر بهتر ڪري ته ڪم سولا ٿي پون، باقي اهڙا پنج سالا پروگرام ڪي ئي آيا ڪي ئي ويا، پر هن قوم جو ڪنهن به حڪمران ڀلو ناهي ڪيو ۽ رڳو ڏٽا ڏئي ڪم ڪڍي ويا آهن.
2023 جي بارشن کانپوءِ ماحولياتي ۽ سماجي اقتصاديات جون ورتل تصويرن ڏسڻ وٽان هيون ته ڪيئن بارشن جي ڪري ملڪ جي غريب علائقن جو حال ڇا ٿي رهيو هو، هونئن پاڪستان جي لائف لائين جي تباهي آبهوا جي تبديلين جي ڪري پيدا ٿي آهي، جيئن بارشون ۽ مون سون جا اثر آهستي آهستي ڏکڻ ڏانهن وڌن ٿا، تيئن تيئن تباهي ٿيندي پئي وڃي. انهن تباهين شاهدي ڏني ۽ اهي بارشون فلم بند ٿي ويون. ان حالتن ۾ اڪثر ڪري اهي متاثر علائقا پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار رهن ٿا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ انهن وٽ گهٽ معيار واري زندگي به آهي، جنهن جو اثر انهن جي عام زندگي ۽ معيشت تي به پوي ٿو. وري مصيبت اها به آهي ته صنعتي علائقن مان ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي جو وهڪرو درياءَ ۾ بيدرديءَ سان وهايو ٿو وڃي، جيڪي شاهديون ڏسي سگهجن ٿيون، جيڪي ماڻهن جي ذهنن تي نقش ٿي ويون آهن ۽ انهن جي ڪيمرائن ۾ قيد ٿي ويون آهن.
حقيقت اها به آهي ته عام ماڻهو جڏهن ڪنهن به دريائي شهر جي ويجهو پهچندو ته انهن جي آجيان ترندڙ ڪچري جا ٻيٽ ڪندا جيڪي پاڻي کي لڪائي بيهي ٿا رهن، اڪثر اهڙو حشر شهرن جي نالن ۽ واهن جو ٿيندو آهي، جو پلاسٽڪ جون بوتلون ۽ خاص طور تي گهريلو ڪچرو انهن ۾ وهايو ويندو آهي. اهڙي حيرت انگيز مطالعي مان ظاهر آهي ته سنڌو هر سال 164,332 ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو سمنڊ ۾ داخل ڪري ٿو ۽ دنيا ۾ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ پلاسٽڪ آلودگي وارو درياءَ به آهي. هن درجي جون پهريون، ٽيون ۽ چوٿيون آلوده نديون چين ۾ به آهن، پر سڀ کان وڌيڪ واضح طور تي ڏٺو ويو آهي ته مقامي ماڻهن جو قدرتي نظامن سان رابطو ۽ انسان جي ٺاهيل آبهوا جي خلاف پيدا ٿيندڙ خرابين جو اهو احساس آهي ته اهو درياءَ جي حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڪيترو قاصر آهي. عام ماڻهو پنهنجي سموري سفر دوران اهي سڀ لقاءَ ڏسندا رهندا، اهي سڀئي ڪچرا اهي پنهنجي سفر جي مختلف مرحلن ۾ ساڻن گڏ رهندا ٿا هلن، انهن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندا ٿا رهن ته موسمياتي تبديليءَ جي ڪري درياءَ ڪيئن متاثر ٿي رهيا آهن.
عام ماڻهو جيڪڏهن دريائي شهر گهمندو ته اتي سج لهي ويندا، اهي رات دير تائين ڪنهن جاءِ تي بيهي سوچيندا رهندا. اهي اڪثر مقامي ماڻهن سان به ملندا ۽ پاڻ درياءَ بابت ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون به ڪندا، اهي دلڪش قصا به ٻڌندا، ايستائين جو سنڌوءَ بابت ماضيءَ جي صوفين ۽ شاعرن جا بيان به ٻڌندا، اهي نباتات ۽ حيوانات جي باري ۾ معلومات گڏ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا، جيڪي انهن ڏٺا هوندا، جهڙوڪ: بادشاھ سارس، جهنگلي جانور، انڌي ڊولفن ۽ ننڍا ساوا طوطا وغيره، پر جيڪڏهن درياءَ سُڪي مري ويو، پر ان جي باوجود به ان جي چوڌاري زندگي هئي ۽ اڃان تائين انهن جي تعجب ۾ انهن کي هڪ ناگوار ٻوٽن جو نسل ملندو، جيڪي عام طور تي برازيل ۾ بيٺل تلاءُ ۾ ملندا آهن ۽ اهي سنڌوءَ ۾ به ترندي ڏسبا. مثال طور: ڀاشا ديامر ڊيم جي ڀرسان رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڊيم ٺاهيو ويو ته اهي سڀ آباديون ختم ٿي وينديون. هاڻي پنجاب جي تونسا کان وٺي سنڌ جي منڇر ڍنڍ تائين غربت جو شڪار مڇيرا ٻيڙين تي رهندڙ ماهيگير قوم سڀ جا سڀ غائب ٿي ويا آهن، اهي پاڻيءَ ۾ مڇيءَ کانسواءِ مجبور ٿي پنھنجي اباڻي ڌنڌي کي ڇڏي شھرن ڏانھن لڏي ويا آهن ۽ اتي مزدوري ڪرڻ لڳا آهن، ان ڪري ته انفرااسٽرڪچر تباھ ٿي ويو آهي، دريائي جيوت جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڊيلٽا جو موت اچي ويو آهي ۽ دريائي پاڻي جو خاتمو ٿي چڪو آهي.
1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪي کان عالمي سطح تي وڏن ڊيمن ۽ پاڻيءَ جي ذخيرن جي اڏاوت سست ٿي وئي آهي ۽ هاڻي تمام وڏا پاڻيءَ جا ذخيرا بند ڪيا پيا وڃن. 1,000 ڪلو ميٽر (620 ميل) کان ڊگھين ندين جو فقط 37 سيڪڙو اڄ به پنهنجي پوري ڊگھائي تي آزاد وهي رهيو آهي ۽ گهٽ ۾ گھٽ 23 سيڪڙو دريائي پاڻي سمنڊ ڏانهن وهي ٿو. سڀني هائيڊرو پاور ڊيمن کي ڳڻڻ جي منصوبابندي يا تعمير ڪئي پئي وڃي. 2030 تائين سڄي دنيا جي دريائن جي پاڻيءَ جو 93 سيڪڙو قدرتي هائيڊرو لوجيڪل وهڪرن ۾ تبديل ڪيو ويندو جنهن ڊيمن سان وڏي پيماني تي آبي جيوت جو نقصان ٿيندو. دريائن جي ٽڪراءَ جو هڪ وڏو اثر خاص ڊيمن ذريعي تازي پاڻيءَ جي قسمن جو زوال به آهي،WWF ورلڊ وائيلڊ لائف فنڊ جي هڪ تنظيم آهي جيڪا دنيا اندر تازي پاڻي جي ڳولها ۽ ان جي تحفظ ۽ استعمال تي ڪم ڪندي ٿي رهي، جي تازي پاڻيءَ جي تحفظ واري سائنسدان ”مائيڪل ٿيم“ جو چوڻ آهي ته تازي پاڻيءَ جا قسم سڄي دنيا ۾ تيزيءَ سان زوال پذير ٿي رهيا آهن WWF پنهنجي لِونگ پلانيٽ رپورٽ 2024 ۾ سڄي دنيا ۾ تازي پاڻيءَ جي 3,741 آباديءَ جي نگراني ڪئي جنهن ۾ 944 قسمن جا آبي جانورن، پکين جا قسم، ريپٽائلز (ريڙهيون پائيندڙ جانور) ۽ مڇين جي انيڪ قسم جيڪي دريائي پاڻيءَ تي جيئن، وڌن ۽ ويجهن ٿا سي درياءَ کان علاوه ڪٿي به ممڪن ناهن ۽ 1970 کان وٺي تازي پاڻيءَ جي آباديءَ ۾ سراسري طور تي 84 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، جنهن ۾ گهڻي کان گهڻيون مڇيون متاثر ٿيون آهن، جنهن ۾ تازي پاڻيءَ جي مڇين جو ٽيون نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته 80 جنسون اڳ ئي ختم ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه درياءَ جي پاڻي روڪڻ تي ٻيا به ڪافي ڳڻتيون آهن، مثال: مٺي پاڻيءَ جا جيڪي دريائي سسٽم آهن، جن تي روزگار ۽ آبي جيوت ڀاڙي ٿي، جن معاشي ذريعن تي ڀاڙي اسان شهر، رستا، صنعتون ٺاهيون ٿا ۽ پنهنجي خوراڪ کي وڌايون ٿا. پاڻيءَ جي نظامن تي ٻڌل ٻيون ڪيتريون ئي شيون ۽ اثرات جن جا ڪيترائي قسم آهن، جيڪي گهڻن نقصانن جو سبب ٿي سگهن ٿا، جيڪي ٻين شين ڏانهن به اشارو ڪن ٿا، “مائيڪل ٿيم” چوي ٿو ته رهائش جي تبديلي، ناگوار آبي نسل جي تباهي، مڇي مارڻ، آلودگي، جنگلات جي تباهي، موسمي بيماريون ۽ موسمياتي تبديلي سڀ دريائي پاڻي جي نه وهڻ جو نتيجو آهن. درياءَ جا اهڙا حصا به هوندا هئا جتان عام ماڻهو گذري نه سگهندو هو، پر درياءَ جي سڪي وڃڻ سان هاڻي اتان ماڻهو پيرين پنڌ ڪري هلي سگهي ٿو. مثال طور: ڪابل نديءَ کان مٿي وڃڻو هجي ۽ اٽڪ وٽان وري سنڌوءَ ۾ داخل ٿيڻو هجي، اٽڪ ۽ ڪالاباغ جي وچ مان جيئن پنجاب ۾ داخل ٿي سگهجي، ته درياءَ اتي به سُڪل ويو آهي ۽ تربيلا وٽ پنهنجن اکين سان ڏسي سگهجي ٿو ته ڊيم ۾ ”ڊيڊ ليول“ جو اصل مطلب ڇا آهي. سنڌ ۾ سنڌو درياءَ جي وچ ۾ ريل جي پلن کان لنگهندي وسيع ۽ اونهو ٿي ويو آهي. ٽن ڪلاڪن جي ٻيڙيءَ جي سواريءَ جو مزو وٺڻ بجاءِ هاڻي ماڻهو ٻيڙيءَ کي ائين ڌڪو ڏئي ٽپي سگهي ٿو، ڄڻ ڪنهن ريگستان مان ماڻهو لنگهي رهيو هجي. يورپي براعظم جي 38 ملڪن ۾ سڀني رجسٽرڊ ڊيمن جي جڳھ جي نقشن جي وري جاچ ٿي رهي آهي، هن وقت تائين 230,000 ڊيم جيڪي يورپي يونين جي ملڪن ۾ 13 دريائن تي رڪاوٽن هڻي اڏيا ويا آهن. انهن جي ڪيسن جي مطالعي ۽ ڊرائنگ پروجيڪٽ جو مقصد اها جاچ لهڻ آهي ته جيئن پاڻي جي اختيارين کي ڊيم ختم ڪرڻ جي منصوبن جي خرچن، فائدن ۽ نقصان جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ملي. ان ڏس ۾ دنيا آمريڪي انتظاميا کي سڏي رهي آهي ته هو درياءَ جي صحت، مقامي معيشتن ۽ عوام جي حفاظت ۾ سيڙپڪاري ڪري، ڊيم هٽائي ۽ درياھي پاڻيءَ جي بحالي کي ترجيح ڏئي. 2020 جي لسٽ ۾ شامل ڪيل منصوبن جي ڀيٽ ۾ تمام وڏي پيماني تي، ڪانگريس مين ”مائيڪ سمپسن“ پئسفڪ نارٿ ويسٽ ۾ انفرااسٽرڪچر سيڙپڪاري لاءِ هڪ منصوبو ڏنو هو جنهن ۾ ”لوئرسانپ“ درياءَ تي چار ڊيمن کي هٽائڻ شامل هو، جيڪو سڀ کان وڏو منصوبو هوندو. ڪانگريس جي ”سمپسن“ جي تجويز کي اهميت ڏئي ٿي ته جيئن درياءَ جي بحالي ممڪن ٿي سگهي، جنهن ۾ صاف توانائي، زراعت، نوڪريون ۽ اقتصادي بحالي ڪري سگهجي.