آرٽسٽ سائين احمد کٽي هڪ خواب تعبير جو منتظر
تحرير: مسعود ڏيپلائي
ڪاتب لکين جيئن لايو لام الف سين ۔۔
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾ (شاهه)
دنيا ۾ ڪنهن به سماج ۾ ڪي به فن اتي جي ثقافتي مذهبي ۽ روايتن سان لاڳاپيل ۽ جڙيل هوندا آهن.ڪي ڪي فن اتي جي سماج جي سوچ ۽ نظرين جي تقديس سان جڙي خوبصورت بنجي ويندا آهن.
خطاطي ۽ خوش خطي جو فن دنيا ۾ خاص طور اسلامي سماج ۾ تهذيب ۽ ذوق جي سڃاڻپ آهي. قديم دور جي مسلمانن جي عمارتن، محلن، مقبرن ۽ عبادت گاهن هن فن جي دلڪشي صدين گذرڻ باوجود پنهنجي سحر سان ڏسندڙن کي ڪن گهڙين لاءِ جادو وانگر جڪڙي ڇڏي ٿي.
اڄ جڏهن ڪمپيوٽر ذريعي خطاطي ۽ خوش خطي ذريعي واکاڻ ڪرائي سگهجي ٿي، پر قلم جي نب مان نڪتل هٿن جي زور سان لکيل ورق پنهنجي خوبصورتي سان ان کي هارائي ڇڏين ٿا.
حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي ته خطاطي علم جي رياضت آهي.
حضرت علي ڪرم الله وجه جو اهو قول اسان کي هن فن جي گهرائي ۽ اهميت کي اجاگر ڪري ٿو.
هونئن جڏهن ڪنهن فن پاري يا تخليق تي گهرائي سان غور ڪبو ته سڀ کان اول ان جي لفظن جي بناوٽ ۽ خيال کي نظر ۾ رکبو. لفظن کي پنهنجي خوبصورتي سان جوڙي ۽ گلن سان مزين ڪري رکڻ صرف شوق يا خوبصورتي ناهي، پر اهو هڪ مڪمل علم آهي جنهن جا ڪيئي قسم آهن.
هڪ خطاط جي فن کي سندس لکڻي کي اسين ته هڪ لمحي ۾ ڏسي واهه واهه ڪري لنگهي وڃون ٿا ۽ دنيا جي بازار ۾ هزارين ڳالهين وانگر وساري ڇڏيون ٿا، پر هڪ فنڪار ان کي تخليق ڪرڻ ۾ بقول حضرت علي ڪرم الله وجه ڪيڏي رياضت مان گذري ٿو، اسين ان جو گمان ئي نٿا ڪري سگهون.
هي هڪ روحاني عمل آهي، مراقبو آهي، رياضت ۽ عبادت بنجي وڃي ٿي ان ۾ هڪ خطاط پنهنجي سموري صفتن کي داخل ڪري ٿو. جڏهن اهو ڪم وري دنيا جي عظيم الهامي ڪتاب “قران ڪريم” کي خوشخطي ۽ خطاطي ڪئليگرافي سان لکڻ جو ڪم هجي ته هڪ پاڪيزگي، صبر، دل جي هٿن سان، فڪر سان پنهنجي علم جي انتها سان ذوق، حسن سان تخليقي فڪر سان تخليق ڪري ٿو، پر ان کي ڪنهن پذيرائي جو واهه واهه جو، شهرت جو، ڪو به چسڪو ناهي. پنهنجي قلم سان پنهنجي فن سان هن کي صرف رب جي رضا ئي گهرجي ٿي.
اسي جي ڏهاڪي جا شروعاتي سال آهن. آئون پرائمري مين اسڪول ڏيپلو جنهن جوهاڻي نالو محمد عثمان ڏيپلائي پرائمري مين اسڪول آهي جو شاگرد هئس. اسڪول ۾ ٻه ڪلاڪار خطاط آرٽسٽ مصور آهن، جن اسڪول جي ڪلاسن کي ڇت کان هيٺ فرش تائين لکي سينگاريو آهي. ٻاهر وسيع ورانڊو، ٻاهرين ديوار سڀ قرآن ڪريم جي آيتن، ترجمي، قولن،لطيف، سچل جي شاعري، موسمن جي مهينن جي چارٽ، کوڙن جي پٽي، الف بي ۽ اي بي سي سميت ڪيترين ۽ معلوماتي شين نصابي ۽ غيرنصابي معلومات سان مزين آهي. اهي ٻئي منهنجا محترم استاد سائين احمد کٽي ۽ سائين موهن ميگهواڙ ٻڙهيو ۽ ان وقت هيڊماسٽر ليجنڊ استاد سائين عبدالرزاق جوڻيجو هئا.
سائين احمد کٽي جو اهو تعارف ته هڪ ننڍڙو پاسو آهي، ۔پر تعارف اهو آهي دنيا جي سڀ کان پڙهيو ويندڙ ڪتاب قرآن مجيد کي خوشخطي ۽ خطاطي سان لکڻ جو.
قرآن ڪريم جي قلمي نسخن جي سنڌ يا اسان جي هن علائقي ٿر ۾ به وڏي تاريخ آهي.خطاطي ۽ خوشنويسي هڪ بهترين فن آهي.
ڪنهن دور ۾ خوبصورت خط سان لکيل تحرير ۽ شاگردن لاءِ ضرروي سمجهيو ويندو هو. هن جديد دور ۾ به سائين احمد کٽي جهڙا بهترين ۽ لاجواب خطاط موجود آهن. سائين احمد قرآن مجيد جو پهريون قلمي نسخو 1989ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. اهو قرآن مجيد جو پهريون نسخو سن 1991۾ لکي مڪمل ڪيو، سندس قلمي نسخي ۾ ڪئليگرافي سان مزين سڀني سورتن جي بسم الله الرحمن الرحيم جي الڳ الڳ گلڪاريءَ خوبصورتي کان سواءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جا نوانوي نالا به بهترين خوبصورتي سان لکيل آهن، ان بعد ٻيو قلمي نسخو شروع ڪيائين جيڪو به مڪمل ٿي ويو. ان جي خوبصورتي، خطاطي، ڪئليگرافي شاندار آهن.
ان بعد ٻيو نسخو 2021 ۾ لکڻ شروع ڪيو، جولاءِ 2023 تي مڪمل ڪيو.
ٽيون نسخو جولاءِ 2023 هن سال کان لکڻ شروع ڪيو اٿس. جنهن جا به تقريبن 13 پارا مڪمل ڪري ڇڏيا آهن.
سائين احمد ولد محمد اسماعيل کٽي جو جنم 8 نومبر 1950 تي ٿيو .سائين پنهنجي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪئي.
سائين احمد کٽي بطور پرائمري اسڪول ٽيچر طور تي پهرين آڪٽوبر 1973 تي بطور پرائمري اسڪول ٽيچر طور مختلف اسڪولن ديھه 195 ڊگهڙي، ڪلر ڪالوني ڏيپلو، هريجن ڪالوني ڏيپلو اسلام ڪوٽ، خدا بخش کٽياڻ ڳوٺ، فقير ڪالوني ڏيپلو، ڳوٺ کوروڙو، مين اسڪول ڏيپلو ۽ فقير فيض محمدڪالوني ڏيپلو ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سرڪاري نوڪري تان 7 نومبر 2010 تي ملازمت مان فارغ ٿيو. سائين احمد جو پهريون قرآن ڪريم لکڻ بعد ان کي پريس ۾ ڇپائڻ جي لاءِ ڪجھه سرندي وارن رابطو ڪيو، پر ان وقت انهن وٽ اٺ لک روپيا هئا، ان ڪري اهو ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو. ڇو ته ان وقت خرچ تقريبن پندرنهن لک کن ٿئي ها.
بعد ۾ ڏيپلي جي سيٽ تان وزيراعليٰ بڻيل ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جن به ان نسخي کي ڇپائڻ جو ارادو ڪيو ۽ اهو قرآن ڪريم وزيراعليٰ هائوس تائين پهتو ، پر ڪيتري عرصي تائين اهو خير جو ڪم پورو نه ٿيو. نيٺ وڏي ڪوششن بعد اهو نسخو واپس ٿيو. ان کان پوءِ ڏيپلي جي هڪ ميمڻ نوجوان شعيب ڪاملاڻي همت ڪئي آهي، ان يقين ڏياريو آهي ته ان شاءَ الله هو ڇپرائي ڏيندو.سائين احمد کٽي جي دلي خواهش به اها آهي ته ڪير به ان قلمي نسخي کي ڇپرائي مفت تقسيم ڪري پنهنجي لاءِ ۽ سائين لاءِ صدقه جاريه بڻجي.
گهٽ ڳالهائو شهرت ۽ شوبازي جي شوق کان دور سائين احمد جي هنن نسخن جي لاءِ خاص مهنگو ڪاغذ ۽ ٽن رنگن واري مس گهرائيندا آهن. پنهجي خاص تيار ٿيل قلم سان ان کي لکندا آهن، ان بعد هر صفحو مستند عالم حافظ کان چڪاس ڪرائيندا آهن، جيئن دنيا جي هن عظيم ڪتاب جي لکڻ ۾ ڪنهن به غلطي جو امڪان نه رهي. ڪمزور بدن، وڏي عمر ملازمت مان فراغت، صحت جي مسئلن باوجود سائين احمد کٽي جي نيڪي هن عظيم ڪتاب قرآن پاڪ سان محبت قابل رشڪ آهي.سائين احمد جي دلي تمنا رب سائين پوري ڪرڻ فرمائي ۽ ھن فقير منش استاد جنھن پورھيئي تي کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو. شھري اتحاد ڏيپلو جي پروگرام ۾ کيس لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو، پر سائين احمد ان سمورن اعزازن کان وڌ اهو سمورو ڪم الله جي رضا لاءِ ارپي ٿو.