بلاگنئون

اسرائيلي جنگي جنون ۽ ٽين مهاڀاري جنگ جا چٽا امڪان

اسرائيل سپر پاور آمريڪا جي خواهش مطابق آزاد ملڪ فلسطين ۽ لبنان کي پنهنجي ڪالوني بنائڻ ۽ آمريڪا جي مخالف ملڪ ايران کي ڪمزور ڪرڻ جي چڪر ۾ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ڪندو رهيو آهي. اسرائيل ايران مٿان حملا ڪري پنهنجي ملڪي وجود کي تباھ ڪري رهيو آهي. ايران جي جنگي طاقت جو شايد سپر پاور آمريڪا کي به اندازو نه هو ته ايران ايتري جنگي صلاحيت رکي ٿو. ڪجھه ڏينهن جي جنگ دوران اسرائيل مڪمل طور کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

سپر پاور آمريڪا چاهي ٿو ته ايران جنگ بنديءَ طرف اچي. ايران جنگي موقعي جو فائدو وٺندي ايٽمي تجربا ڪري رهيو آهي ۽ سڄي دنيا کي اهو شڪ آهي ته ايران يورينيم جي 60 سيڪڙو افزودگي ڪري ايٽم بم ٺاهڻ جي صلاحيت جي ويجهو پهچي چڪو آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه سچ ثابت ٿي ته ايران دنيا جو ٻيو نمبر ايٽمي مسلم ملڪ ۽ اٺون نمبر عالمي ايٽمي قوت بڻجي ويندو. جيڪڏهن هيءَ جنگ وڌيڪ ڊگهي ٿي ته ٽين مهاڀاري جنگ ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ کاد خوراڪ جي شين جي کوٽ سان گڏوگڏ مذهبي جنونيت کي وڌيڪ فروغ ملندو. ٻئي طرف خليجي رياستون جنگ ۾ گهريل آهن، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي مهينن کان خوف جي فضا هر طرف پکڙيل آهي. اسرائيل پاران حماس، حزب الله جي اڳواڻن ۽ ايراني انقلابي ڪمانڊرن جي شهادت ۽ اسرائيل، فلسطين ۽ لبنان تي حملا ڪري لکين بيگناھ معصوم انسانن جو خون وهائيندو رهيو آهي.

ايران اسرائيل مٿان ميزائيل ۽ بيلسٽڪ بمن جا حملا ڪري ثابت ڪيو آهي ته هميشه طاقت نه پر جذبو ڪاميابي جو سبب بڻبو آهي. اسرائيل کي ان جي قاتل ڪارنامن جي سزا ملڻ گهرجي. ايران عالمي اقتصادي پابندين جي باوجود به پنهنجي ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هاڻي خليجي ملڪن ۾ به ايٽمي جنگ لڳڻ جا چٽا امڪان واضح نظر اچي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ خليجي ملڪن جي سالميت خطري ۾ پئجي وئي آهي. اسرائيل جي جنگي جنون ايران کي آخرڪار جوابي ڪارروائين تي مجبور ڪيو آهي. ايراني صدر بار بار چيو ته ايران کي ڪنهن به جنگي تڪرار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي، پر اسرائيل جي غنڊا گردي اهڙي عمل تي خليجي رياستن کي مجبور ڪري رهي آهي، اهڙي جنگي جنون کي هوا ڏيڻ ۾ تل ابيب ذميوار آهي.

ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان ميزائيل حملي کانپوءِ دوها ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو هو ته ايران جنگ نٿو چاهي، پر اسرائيل جي حملن ايران کي جنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. مغربي طاقتن ايران تي زور ڏنو هو ته هو حماس جي سربراھ اسماعيل هانيه جي قتل کان پوءِ تحمل کان ڪم وٺي ليڪن اهڙو عمل ايران جي سالميت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ها. اسرائيل هميشه جنگي جنونيت برقرار رکندي ايران تي حملا ڪرڻ جو مرتڪب رهيو آهي ۽ غزه ۾ اسرائيل جي جاري فوجي حملن پوري خطي کي خون آلود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ته ان کي هاڻي سختيءَ سان جواب ڏنو ويندو. اهڙي جنگي بحران کي وڌڻ کان روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي. اسرائيل يقينن ايران کي بيلسٽڪ ميزائيل حملن جي ڌمڪي ڏني هئي، اڄ ايران بيلسٽڪ ميزائيلن سان اسرائيل جي وجود کي لوڏي رهيو آهي.

اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو لکين بيگناھ معصوم انسانن جو قاتل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي بيگناھ معصوم شهرين جي قاتل اسرائيلي وزيراعظم کي بين الاقوامي قانون موجب گرفتار ڪرائڻ گهرجي. اسرائيل ۽ ان جي اتحادي ملڪن کي فلسطين، لبنان، يمن ۽ بيروت ۾ معصوم انسانن جي قتل عام کان روڪيو وڃي ته جيئن خليجي رياست ۾ امن امان بحال ٿي سگھي. وڌيڪ خطي ۾ حملن سان عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ تيل جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، اهڙن حملن کي فوري طور روڪيو وڃي. خدشو آهي ته ايراني تيل جي تنصيبات تي اسرائيلي حملو تهران جي آبنائي هرمز مان تيل جي وهڪري ۾ خلل وجهي سگهي ٿو. مغربي اتحادي قوتون اسرائيلي قيادت کي اپيلون ڪري رهيون هيون  ته اهڙن حملن کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن سان تيل جي تنصيبات کي نقصان پهچي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿئي.

يقيني طور تي فوجي تصادم ۾ ملڪي ملڪيتون ئي هدف هونديون آهن. اسرائيلي قيادت طرفان اهڙين اپيلن کي رد ڪندي ايران سان گڏوگڏ خليجي تيل جي تنصيبات کي نشانو بنائڻ تي به بضد هو. حماس ۽ حزب الله جي اڳواڻن جي شهادت ۽ مزاحمت جي حمايتي ايران تي اسرائيل شايد هاڻي فيصلا ڪن وار ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن خطي جي اسٽريٽيجڪ منظر نامي کي نئين سر ترتيب ڏئي سگهجي. اسرائيل انتقامي جنونيت ۽ طاقت سان ايران کي جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. بدترين حالتن ۾ مڪمل طور تي پکڙيل جنگ خطي ۾ عالمي استحڪام لاءِ غير متوقع نتيجن سان گڏ انساني جانين جي ذيان کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه هوندي.

جڏهن ته اسرائيل غزه ۾ بمباري ڪري اسڪولن، پناهگيرن جي ڪيمپن ۽ يتيم خانن تي حملا ڪري رهيو آهي. سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي حملن ۾ ستر هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. حزب الله جي ويڙهاڪن سان ويڙھ ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي پڻ ماريا ويا هئا، بيروت تي اسرائيلي هوائي حملا جاري ڪيترن ئي محاذن تي اسرائيل جي جارحانا ڪارنامن تي مغربي حڪومتون به کلمکلا مذمت ڪري رهيون هيون، پر وچ اوڀر ۾ امن جو توازن صليب تي لٽڪيل رهيو ڇاڪاڻ ته غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪندڙ اسرائيل پنهنجي جنگي جنونيت کان باز نه آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماحول هميشه سوڳوار رهيو ۽ هر طرف عمارتن ۽ انساني لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن. ايران جي حملن جي نتيجي ۾ اسرائيل دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندو.

ايران کي ڪمزور سمجهندڙ قوتن کي ايترو اندازو ئي نه هو ته ايران اسرائيل کي ڪجھه ئي ڏينهن ۾ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. هينئر اسرائيلي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر کي عوام طرفان سخت رد عمل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان ڳالهه جو انتهائي خطرناڪ حد تائين امڪان آهي ته اسرائيل جي بيوقوفين سان ٽين عالمي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. جنگي جنونيت جو ذميوار سپر پاور آمريڪا به پنهنجو ملڪي وجود وڃائي سگهي ٿو. هن وقت اسرائيل جو گادي وارو شهر تل ابيب ايراني حملن جي نتيجي ۾ مڪمل طور کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. حالتون صرف ايران لاءِ نه پر اسرائيل لاءِ به غير يقيني واريون آهن، جن اسرائيلي عوام جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن.