هن وقت چين خطي ۾ هڪ اهم حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، ان حساب سان خطي ۾ ٿيندڙ هر تبديلي چائنا کي متاثر ڪري سگهي ٿي. خطي ۾ هلندڙ اسرائيل ۽ ايران جنگ چائنا جي مستقبل ۾ معاشي منصوبن جي لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي. ان جي لاءِ صدر شي جن پنگ روسي صدر ولادي مير پيوٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار تي جنگ بنديءَ کي پهرين ترجيح قرار ڏنو آهي.
ٻنهي صدرن ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي ان کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. چين ۽ روس ان ڳالهه تي متفق آهن ته موجوده صورتحال جو ڪوبه فوجي حل ممڪن ناهي ۽ مسئلي جو حل صرف سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته خطي ۾ استحڪام چائنا جي معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇو ته جنگ جي ڪري تيل جي پرڏيهه کان برآمد متاثر ٿي رهي آهي.
وچ اوڀر جيڪو چائنا کي تيل درآمد ڪري ٿو ان جي درآمد متاثر ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اها جنگ ڊگهي ٿي وئي ته مستقل ۾ چين ڏانهن ويندڙ تيل جي سپلاءِ وڌيڪ متاثر ٿيندي جنهن سان چين جي اندر تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهي سڀ شيون جيڪي اڄ سستي اگهن ۾ ٺهي رهيون آهن انهن جون قيمتون ٻيڻيون ٿي وينديون. ان کان علاوه چين پنهنجي بي آءِ آر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جي لاءِ تمام گهڻو سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ چين جي تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿيل آهي، جنهن جا منصوبا وچ اوڀر کان وٺي يورپ تائين پکيڙڻ جي منصوبابندي آهي. جيڪڏهن خطي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ته سڀ کان وڏو نقصان چين کي ان منصوبي جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوندو. چين هن وقت هڪ اڀرندڙ معاشي طاقت آهي، جنهن پنهنجي مستقبل جي پلاننگ ۾ پنهنجي آباديءَ جو چڱو خاصو انگ ايران ۽ اسرائيل ۾ سيڙايو آهي. جيڪڏهن اها جنگ جاري رهي ٿي ته چين جي ان انساني سيڙپڪاريءَ کي به سڌو سنئون ڌڪ لڳندو.
ان کان علاوه چين جي جيڪڏهن تاريخ کي ڏٺو وڃي ته هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي معاشي سگهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ امن امان جي حق ۾ رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته دنيا ۾ سندس معاشي قوت ۾ اضافو ٿئي ۽ جيڪي مسئلا آهن انهن کي سفارتي لاڳاپن جي ذريعي حل ڪيو وڃي. ان ڪري هن وقت چائنا پنهنجي پوزيشن جو فائدو وٺندي ان ڳالهه جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پنهنجي خطي ۾ ٻن ملڪن جي وچ ۾ امن امان بحال ڪرائي ته جيئن هو پنهنجي سفارتي پوزيشن کي به مضبوط ڪري سگهي. چائنا جي اها به تاريخ رهي آهي ته هو ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ کان پاسو ڪندو آيو آهي ۽ هن هميشه پنهنجي پوزيشن هڪ نيوٽرل پاڙيسري يا ٽياڪڙ جي طور تي رکي آهي، جيڪو ٻن ڌرين ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي لاءِ سنجيده ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ انهن ڳالهين ۾ چين جي ڪوشش هميشه اها رهي آهي ته هو اڻ ڌريو رهي ٻن ملڪن جي وچ ۾ مصلحت پيدا ڪرائي.
ان کان علاوه هن تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ چين جي اها مسلسل ڪوشش آهي ته خطي مان مغربي ملڪن جي اثرن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ هو هڪڙي نئين متبادل طور پنهنجو پاڻ کي پيش ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته چائنا اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو به مستقل ميمبر آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته چائنا جا سڄي دنيا جي امن امان ۾ تمام گهڻا مفاد موجود آهن.
ان ڪري چائنا ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان معاملي کي ڳالهه ٻولهه سان ٿڌو ڪيو وڃي ۽ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آندو وڃي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته جنگ هٿن مان نڪري ويندي، جيڪا خطي ۾ ٻين ملڪن تائين پکڙجي سگهي ٿي.
هن وقت چائنا جو مفاد ان ڳالهه ۾ آهي ته هو جنگ کي سيز فائر ۾ تبديل ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن کي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ راضي ڪري، جيڪا چائنا جي هڪ گهڻ رخي منصوبابندي جو حصو آهي، جنهن ۾ ان جا معاشي مفاد به نظر اچن ٿا ته چائنا جو وڌندڙ گلوبل اثر ۽ ان کان علاوه چائنا چاهي ٿو ته دنيا ۾ طاقت جو ڪوبه هڪڙو محور نه رهي، بلڪه ان جي اندر توازن پيدا ڪيو وڃي ته جيئن دنيا ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيئي سگهجي.