آئون پنهنجي ھن لکڻيءَ ذريعي سنڌ صوبي جي وزير تعليم کان سوال پڇڻ چاھيندس ته ڇا واقعي سنڌ ٽئلينٽ پيدا ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي؟ جو توهان ھڪ ئي ٽيسٽ تي چئن سالن کان 40/42 مارڪون کڻندڙن کي ڀرتي ڪندا اچو. سال2021ع کان يونيورسٽين مان پاس آئوٽ ٿيندڙ ھزارين قابل شاگرد تھ ان کي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ھڪ ته بدقسمتي ويچارن سنڌين جي جو ھر سرڪاري نوڪري جي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جي قابل ئي 28 سالن جي عمر تائين آھن 28 سالن جي ڄمار کانپوءِ ڄڻ ھو پوڙھا ٿي ويندا ۽ سرڪاري نوڪري جي لائق نه رهندا.
مطلب ته2021ع کان يونيورسٽين مان پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگرد ويچارا وڌ ۾ وڌ ٻن سالن تائين ئي سرڪاري نوڪري جي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جي قابل ھوندا ان کانپوءِ اوور ايج ڄاڻائي ھنن جا فارم رد ڪيا ويندا. سنڌ ۾ پڙھيل لکيل نوجوان يونيورسٽين مان پاس آئوٽ ٿي 4 سالن کان انهيءَ انتظار ۾ ويٺل آھن ته PST۽ JST نوڪرين جا نوان اشتھار اچن ته اسان به روزگار سان لڳون، پر سنڌ حڪومت جون خاص ڪري تعليمي شعبي ۾ پاليسيون سمجهه ۾ ئي نٿيون اچن. ھڪڙو ويٽنگ فيز ختم ته ٻيو شروع باقي فريش گريجوئيٽس وڃي کڏ ۾ پون تھ ان کي فڪر آھي ته ويٽنگ ۾ ويٺل 40 مارڪون کڻندڙن جو ته ھاڻي ھي پوڙھا ٿي ويندا ويچــــارن جو ھي آخري موقعو آھي. ھاڻ جيڪڏھن ھو پاس ئي ناھن ٿي سگھيا ته ڇڪي ڇڪي فيل ٿيلن کي ڇو پيا ڀرتي ڪريو؟ دنيا ۾ ٻيا به گھڻائي روزگار جا موقعا آھن ڀلا ماستر ٿيڻ فرض آھي ڇا؟
سڀاڻي وري چوندا سنڌ ۾ تعليم تباهه آھي، اڙي ھٿ سان ته 40 مارڪون کڻندڙ ماستر ڀرتي ڪري سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو پيا. پوءِ “ايم ڊي ڪيٽ” ۾ داخلائن وقت به اعلان ڪيو ته بابا ٽيسٽون ڏکيون آھن ھڪ ئي ٽيسٽ چار سال ھلائيداسين جيئن سڀني اميدوارن جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو خـــواب پورو ٿئي . ايئن ته ڪڏهن به ناھي ٿيو جو ھڪ ٽيسٽ چار سال ھلي، ھر سال نئين ٽيسٽ وٺو جيئن قابل ماڻهو اچي سگهن تعليم ۾ بھتري اچي سگهي .
سو اسان فريش اميدوارن جو احتجاج آھي ته پٺتي ڌڪيندڙ پاليسيون ختم ڪريو ويٽنگ پيرڊ وڌائڻ اسان کي ڪنهن به صورت ۾ منظور ناھي، جيڪڏهن اڄ ھي فيليوئر ميدان تي نڪتا آھن ته سڀاڻي فريش گريجوئيٽس به رستن تي نڪرندا پنهنجي حق لاءِ.
خدارا تعليم سان مــذاق بند ڪيو وڃي، ويٽنگ پاليسي کي هميشه لاءِ ختم ڪري جلد کان جلد PST۽ JST نوڪرين لاءِ نوان اشتھار ڏنا وڃن. اسان کي اميد آھي ته 30 جون تي ختم ٿيندڙ ويٽنگ پاليسي هميشه لاءِ ختم ڪئي ويندي ۽ نوڪرين لاءِ نوان اشتھار ڏنا ويندا.